مولانا محمد علي ’جوهر‘

مولانا محمد علي ’جوهر‘

جوهر محمد علي مولانا

جوهر، محمد علي، مولانا: مولانا محمد علي ’جوهر‘ 1878ع ۾ هندستان جي مشهور پرڳڻي يو. پي جي هڪ پراڻي شهر رامپور ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم گھر ۾ حاصل ڪيائين، تنهن کان پوءِ بريليءَ جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ اعليٰ تعليم لاءِ ايم. او. ڪاليج علي ڳڙهه ۾ داخل ٿيو. ويهن ورهين جي ڄمار ۾ بي. اي جو امتحان پاس ڪيائين. اسڪول ۽ ڪاليج ۾ هيءُ نهايت ئي هوشيار شاگردن ۾ شمار ٿيندو هو. شروع کان ئي هن کي شاعري ڪرڻ ۽ تقرير جو ڏاڍو شوق هو، اڳتي هلي شاعر ۽ اديب هئڻ کان سواءِ نامور سياسي اڳواڻ طور سڃاڻپ حاصل ڪيائين. سندس تقريرن ۾ جوش، جرئت، همت ۽ دليري هئي، اهو جذبو سندس عمر جي پڇاڙيءَ تائين برقرار رهيو.بي. اي پاس ڪرڻ کان پوءِ ويهن ورهين جي عمر ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلنڊ ويو، جتي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان بي. اي پاس ڪري هندستان موٽي آيو. واپسيءَ کان پوءِ ڪجهه ڏينهن رامپور اسٽيٽ جي تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪيائين. ان کانپوءِ رياست بڙوده ۾ هڪ وڏي عهدي تي مقرر ٿيو، پر هن کي نوڪري ۾ دلچسپي نه هئي. هيءُ آزاد طبع ۽ آزاد خيال انسان هو. ٿوري عرصي جي نوڪري سندس طبع کي ڪڪ ڪري وڌو، جنهنڪري نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي ڇڏيائين.نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ هن انگريزيءَ ۾ ’ڪامريڊ‘ نالي هڪ هفتيوار اخبار جاري ڪئي، جنهن اخبار ذريعي هن مسلمانن جي حق ۾ آواز اٿارڻ شروع ڪيو. ان کان پوءِ اردوءَ ۾اخبار ’همدرد‘ جاري ڪيائين ۽ پنهنجو سمورو وقت قومي ڪمن ۾ صرف ڪرڻ لڳو. 1906ع ۾ جڏهن مسلم ليگ جو وجود پيو، تڏهن هيءُ به ان ۾ شامل ٿيو. ان کان پوءِ هيءُ قومي ۽ ملڪي خدمت ۾ اهڙي جوش ۽ ولولي سان شامل ٿي ويو، جو هندستان ته ٺهيو، پر سڄيءَ دنيا ۾ جتي به مسلمانن سان ظلم يا زيادتي ٿيندي هئي، محمد علي ’جوهر‘ انهن ظلمن خلاف سڀ کان اڳ اٿي بيهندو هو. بلقان جي جنگ ۽ پهرين جنگ عظيم ۾ هن ترڪن جي حمايت ۾ ترڪن جي مدد ڪرڻ، مسلمانن ۾سچي روحانيت پيدا ڪرڻ ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي هڪ مرڪز تي آڻڻ لاءِ هن برصغير هند ۾ ’خلافت تحريڪ‘ جاري ڪئي، جنهن سڄي هندستان ۾ هڪ زبردست هلچل پيدا ڪري ڇڏي. محمد علي جوهر جي ڪوششن ۽ تعاون سان ڪانگريس جي مرده تحريڪ ۾ جوش پيدا ٿيو. هڪ ئي وقت ۾ هن خلافت ۽ ڪانگريس جي ڪم کي گڏ گڏ هلايو. مهاتما گانڌي ۽ محمد علي جوهر گڏيل جلسن کي خطاب ڪندا هئا.ڪانگريس جي تحريڪ ۾ هيءُ هندن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي وطن جي آزاديءَ لاءِ وڙهيو. جيل خانن جي سوڙهين ۽ اونداهين ڪوٺڙين ۾ زندگيءَ جو وڏو حصو گذاريائين. مطلب ته هيءُ ڪنهن به ڳالهه ۾ پٺتي نه رهيو. آخري عمر ۾ جڏهن هن ڏٺو ته ڪانگريس مسلمانن جي حقن بابت وڙهڻ لاءِ تيار نه آهي، تڏهن ڪانگريس کان الڳ ٿي ويو ۽ مسلمانن کي منظم ڪرڻ جي ڪمن ۾ لڳي ويو. 1930ع ۾ جڏهن انگريزن هندستاني ليڊرن کي لنڊن ۾ ’رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس‘ ۾ گھرايو، تڏهن مولانا محمد علي جوهر انهيءَ ڪانفرنس ۾ ويو. اتي هڪ جلسي ۾ تقرير ڪيائين. سندس تقرير جو ڪجهه ٽڪرو هيٺ ڏجي ٿو: ”آءٌ جنهن مقصد لاءِ هتي آيو آهيان، اهو هيءُ آهي ته پنهنجي وطن موٽان ته آزاد هندستانيءَ جي حيثيت سان موٽان. آءٌ غلام ملڪ ۾ موٽي نه ويندس، جيڪڏهن توهين مون کي هندستان ۾ آزادي نه ڏيندؤ ته توهان کي هتي انگلينڊ ۾ منهنجي قبر لاءِ جاءِ ڏيڻي پوندي“.محمد علي جوهر پنهنجي ارادي جو پڪو ۽ زبان جو سچو هو. هن جيڪي ڪجھه چيو، سو ڪري ڏيکاريائين. هو بيمار ته اڳ ۾ هو. هيڪاري سفر جي ٿڪ ۽ ڪم جي ڪثرت سبب سندس مرض وڌي ويو. مٿين لفظن چوڻ جي چند ڏينهن کان پوءِ دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين. سندس جنازو لنڊن کان فلسطين پهچايو ويو، جتي کيس بيت المقدس جي مشهور مسجد ’مسجد عمر‘ ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو