جوهيءَ وارو ٺلھہ (ماڳ): جوهيءَ شھر جي ڏکڻ ۾ اڳوڻي تلاءَ جي ڪناري اٽڪل چاليھہ يا پنجاھہ فٽ اونچو ٺل اڄ بہ موجود آهي، پر موجودہ دور ۾ ان کي اڌ کان وڌيڪ ڊاهي نجف شاھہ جو اوتارو جوڙيو ويو آهي. هيءُ ٺل هن صورتحال ۾ بہ زمين جي سطح کان ٽيهارو فٽ مٿي ۽ اٽڪل 30 فٽ کن ويڪرو آهي. سڄو ٺل چيڪي مٽيءَ سان جڙيل هو. ٺل کي ڏکڻ طرف ڏاڪڻ هوندي هئي ۽ چوٽيءَ تي ڪوٺي نما اڏاوت هوندي هئي. هاڻي هن تاريخي ۽ ٻڌ ڌرم جي عبادت واري ماڳ کي ميساري ان جي اصلي حالت غائب ڪئي ويئي آهي، نہ تہ هيءُ واحد ماڳ آهي، جنهن جي بنياد تي جوهي شھر جي قدامت بابت اندازو ڪري سگهجي ها.