جُوهي چاولا

جُوهي چاولا

جوهي چاولا

جُوهي چاولا: ڀارتي اداڪارہ جوهي چاولا جو جنم، 13 نومبر 1967ع تي ڀارتي پنجاب جي راڄڌاني لـُڌيانا ۾ ٿيو. هن جي پيءُ جو نالو ڊاڪٽر ايس چاولا ۽ ماءُ جو نالو مونا چاولا هو، جيڪي هريانا رياست جي امبالا شھر جا رهـواسـي هئــا. هـن ممبـئــيءَ جـي ‘Sydenham’ ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي. کيس 1984ع ڌاري ڪيترن ئي خطابن سان نوازيو ويو. جيئن ’مس انڊيا‘، ’مس ڪيٽ واڪ‘، ’مس پرفيڪٽ ٽين‘، ’مس پاپولر‘، ’مس مريڪيولس‘ ۽ ساڳئي ئي سال سونهن جي عالمي مقابلي ۾ ’مس يونيورس چونڊجڻ تي کيس بيسٽ نيشنل ڪاسٽيوم ‘Best National Costume’ جو خطاب ڏنو ويو. هن جي پهرين فلم ’سلطنت‘ هئي، جيڪا 1986ع ۾ رليز ٿي. ٻي فلم 1988ع ڌاري عامر خان سان گڏ ’قيامت سي قيامت تڪ‘ هئي، جنهن ۾ کيس تمام گهڻي شھرت ملي. 1990ع ڌاري ٻن فلمن: (1) ’پرتيبند‘ ۽ (2) ‘سورگ‘ جي ڪري کيس فلم فيئر بيسٽ ايڪٽريس اوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو. 1993ع ڌاري سندس فلمن ’لُٽيري‘، ’آئينہ‘، ’هم هين راهي پيار ڪي’ ۽ ’ڊر‘ ڪامياب ترين فلمون ليکيون ويون. ’هم هين راهي پيار ڪي‘ فلم جي ڪري کيس ’فلم فيئر بيسٽ ايڪٽريس‘ اوارڊ ڏنو ويو. 1994ع کان 1996ع تائين جُوهي چاولا جون فلمون ڪامياب ٿي نہ سگهيون. 1997ع ڌاري هن جي فلمن ’ييس باس‘، ’ديوانه مستانه‘ ۽ ’عشق‘ وري هن کي ڪاميابيءَ جي رستي تي گامزن ڪيو. هن شاھہ رخ خان سان بج فلمن ۾ ڪم ڪيو. جھڙوڪ: ’ڊر‘، ’ڊپليڪيٽ‘ ۽ ’راجو بن گيا جينٽلمين‘ وغيرہ . پر هن جو جوڙ عامر خان سان بهتر رهيو. 2000ع کان 2005ع تائين هن ’تين ديوارين‘ ۽ ’ماءِ برادر نڪيل‘ ۾ ڪم ڪيو ۽ ’ماءِ برادر نڪيل‘ جي ڪري کيس اسٽار اسڪرين اوارڊ ڏنو ويو. 2006ع کان 2007ع تائين سندس فلمون ’سوامي‘، ’ڀوت ناٿ‘ آيون. فلم ’ڀوت ناٿ‘ ۾ هن پهريون ڀيرو ’چلو جاني دو‘ گانو پنھنجي آواز ۾ رڪارڊ ڪرايو. 2008ع ۾ سندس ’ڪريزي-4‘ فلم آئي. 2009ع ڌاري ٺهيل فلم ’لڪ بائي چانس‘ ۾ معاون اداڪار طور ڪم ڪيائين. هن هندي فلمن کان سواءِ ٽن پنجابي فلمن ۾ بہ ڪم ڪيو. جھڙوڪ: 2000ع ۾ ’شھيد ادهم سنگهہ‘ 2004ع ڌاري، ’ديس هو يا پرديس‘ ۽ 2006ع ڌاري ’وارث شاھہ- عشق دا وارث‘.جوهي 2000ع کان پوءِ شاھہ رخ خان ۽ ڊائريڪٽر عزيز مرزا سان گڏجي ‘Dreamz Unlimited’ نالي هڪ ’پراڊڪشن ڪمپني“ کولي، جنهن جون پهريون ٻہ فلمون ’فر ڀي دل هي هندستاني‘ ۽ ’اسوڪا‘ هيون ۽ سندس ٽين فلم ’چلتي چلتي‘ هئي. جوهي چاولا جي شادي ’جئہ مهتا‘ نالي صنعتڪار سان ٿي ۽ ان مان هن کي ٻہ ٻار: هڪ ڌيءَ ۽ هڪ پٽ آهن. جوهي چاولا جا وڏا اصل سنڌ جي ڪشمور جا رهاڪو هئا. سندس چاچو ستيش آنند چاولا ڪيترين پاڪستاني فلمن جو پروڊيوسر ۽ ڊسٽري بيوٽر هو. ان کان سواءِ پاڪستان فلم سينسر بورڊ جو چيئرمئن بہ رهي چڪو آهي.


لفظ جوهي چاولاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو