جوهي 1

جوهي (شهر): جوهي ضلعي دادو جو اهم ۽ مرڪزي شهر هجڻ سان گڏ تعلقو به آهي. جوهي، جُوهو لفظ جو بگاڙ آهي. جُوهي لفظ جي معنيٰ آهي تمام مختصر ايراضيءَ تي ڦهليل وڻن جو جُهڳٽو يا ميڙ. روايت آهي ته قديم زماني ۾ هتان وهندڙ نئن جي الهندي ڪناري تي وڻن جو ننڍو جُوهو هوندو هو. هتان گذرندڙ مسافر يا واپاري قافلا تتيءَ گرمي ۾ انهيءَ جُوهي جي وڻن جي ڇانو هيٺ ڊاٻو ڪري آسيس وٺي پوءِ اُسهندا هئا. انهيءَ جُوهيءَ ڀرسان اڳتي هلي ڪي ماڻهو آباد ٿيا. سندن ڳوٺ ’جُوهي وارو‘ سڏجڻ ۾آيو. اُهو جوهي وارو ڳوٺ تبديل ٿيندي جُوهيءَ سڏجڻ لڳو. اڳتي هلي جُوهي بجاءِ ’ جوهيءَ‘ سڏجڻ لڳو ۽ انهيءَ نالي سان اڄ به قائم ۽ دائم آهي. انگريز حڪومت جي دفترن ۾ به هي شهر جُوهيءَ طور درج ٿيل آهي. قديم زماني ۾ جوهي الهندي طرف ڳوٺ واهي ۽ لڪن وسيلي خشڪي رستن سان ڳنڍيل هئي. ڏکڻ ۾ منڇر ۽ لڪ گاري جي خشڪي رستن ۽ سيوستان (سيوهڻ)، اڀرندي ۾ ناري ۽ سنڌ درياهه ۽ اتر ۾ مورلڪ ۽ سيوي (سبي) تائين ويندڙ خشڪيءَ جي رستن سان مليل هئي. جوهيءَ جو ڪنهن به تاريخ ۾تذڪرو نه ٿو ملي. جوهيءَ جي بستي صفحهء هستيءَ تي ڪڏهن برپا ٿي، ان جو ڪو به مستند مواد يا حوالو موجود ناهي. جوهي شهر ۽ ان جي بلڪل قريب ڪجهه قديم آثارن ۽ ماڳن جي آڌار تي راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي. هن شهر کان ست اٺ ڪلو ميٽر اتر اوڀر طرف انگريزن پاران حُرن کي قيد ڪرڻ ۽ سزائون ڏيڻ لاءِ ڪئمپ پڻ قائم ڪئي وئي هئي، جنهن جا آثار اڄ به ملن ٿا.ڪئمپ ويجهو ۽ ان جي آسپاس ڪلراٺي زمين آهي. وسيع ايراضيءَ واري هن ميدان ۾ ڀڙن، سيمينٽ لڳل پٿرن، ڳاڙهين سرن جي دڙن ۽ بنا دروازي واري هڪ عمارت ڏسجي ٿي. تاريخي ماڳن مڪانن جي ماهر عبدالفتاح ڏاهري موجب: ڪئمپ جي هن هنڌ تمام گهڻيون ۽ شاندار پڪيون عمارتون موجود هيون، جيڪي اڄ کان ڪجهه سال اڳ پري کان چٽيون نظر اينديون هيون، جيڪي هاڻي ميسارجي ويون آهن. هي جوهي لوڙهو 16 ايڪڙن تي مشتمل هو، جنهن جي ٻاهران هڪ وڏو ڪوٽ ڏنل هو. هتان جي گرم موسم، ڪلر ۽ 1956ع 1976ع، 1995ع ۽ 2010ع ۾ آيل مهاٻوڏ سبب هن تاريخي ماڳ کي وڏو نقصان پهتو. هتي 2000ع تائين ’ گورنمينٽ پرائمري اسڪول حر ڪئمپ‘ جي نالي سان هلندو هو، پر پوءِ آباديءَ جي لڏي وڃڻ سبب اهو بند ٿي ويو. ان کان علاوه سرڪاري پڪا ڪوارٽر ۽ هڪ مسجد به هئي، جيڪا 2010ع واري ٻوڏ سبب پنهنجو وجود برقرار نه رکي سگهي. ان ڏس ۾ ليکڪ ۽ محقق عزيز ڪنگراڻي ڪتابي سلسلي ’جهونگار بهار 2001ع، واري پرچي ۾ پنهنجي تفصيلي مضمون حُر ڪئمپ جوهي‘ ۾ مسجد جي صحيح سلامت تصوير ڏني آهي، جيڪا ڇت سميت بيٺل هئي. جڏهن ته انهيءَ ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي حُر ڪئمپ جوهيءَ ۾ 1946ع ۾ تعمير ٿيل پڪي جيل جي عمارت جي تصوير به ڏنل آهي. عزيز ڪنگراڻي انهيءَ ڪئمپ جي ايراضي 20 ايڪڙ ڄاڻائي آهي. سندس ڏنل نقش ۽ ماپن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ ڪئمپ ۾ پاڻيءَ جي حوض جي پڻ نشاندهي ڪيل آهي. جوهيءَ جي ڏکڻ ۾ قبضي هيٺ اچي ويل وڏي تلاءَ جي ڪناري تي ٺل (هاڻ نجف شاهه جو اوتارو ) هوندو هو، ان کان سواءِ جوهيءَ کان ٻه ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ ڳوٺ ڪنگراڻي (هاڻ گل محمد گنب )۾ ٺل موجود آهي، جيڪو بعد ۾ ’هوتو مست ‘جو ٺل سڏجڻ ۾ آيو. اهي ٺل ٻڌمت جي پيروڪارن جي عبادت جا ماڳ آهن. جوهيءَ وارو علائقو راءِ گهراڻي جي ڏهاڙن ۾ ٻُڌ پرڳڻي ۾ ضرور شامل هوندو. سنڌ ۾ ٻڌمت، موريا گهراڻي جي ڏينهن ۾ ڦهليو هو. راءِ گهراڻي کان برهمڻ گهراڻي تائين ٻُڌيه پرڳڻي ۾چنا قبيلي جي حڪومتن جون تاريخي شاهديون موجود آهن، جيڪي به ٻڌمت جا پيروڪار هئا. ان کان پوءِ برهمڻ، عرب، سومرا، سما دور تائين جوهيءَ بابت تاريخ نه ٿي ملي. مغل ارغون ۽ ترخان دور جي تاريخ به هن ڳوٺ تي ڪا به روشني نه ٿي وجهي. البت ڪلهوڙن جي دؤر ۾ جوهيءَ بابت مقامي روايتن ۾ تذڪرو ملي ٿو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي عبوري حڪومت، هن علائقي ۾ اثر رسوخ وارو دور هو. انهيءَ عرصي ۾ جوهيءَ ۾کوسا قبيلي جا ماڻهو آباد هئا. ان وقت ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي حامي قبيلن ۾ جمالي قبيلو نروار هو، جنهن سان ڪجهه ميان صاحب جا حامي کوسا به هئا. مقامي روايتن موجب قبيلن ۾ زبردست ويڙهاند هلي ۽ ’ڇڏ جوهي، ڀڄ لوهي‘ جهڙن محاورن جنم ورتو. انگريز دؤر ۾ جوهيءَ ۾ اهم انتظامي آفيسون قائم ڪيون ويون. انگريز دؤر ۾ جوهي اول ڪراچيءَ سان شامل رهي، ڪجهه وقت شڪارپور ۽ پوءِ ضلعي لاڙڪاڻي جي انتظام هيٺ تعلقو ٿي رهي. 1931ع ۾ دادوءَ کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو ته جوهيءَ کي تعلقي جي حيثيت ۾ دادوءَ ۾ شامل ڪيو ويو. جوهيءَ جي معاشي ۽ اقتصادي حالتن جو گهڻو دارومدار زراعت تي آهي. خوشحاليءَ واري دؤر ۾”جوهي مکڻ موهي“سڏجي ٿي ۽ ڏُڪر وارن ڏهاڙن ۾ ”جوهي کنڀن کوهي“سڏجي ٿي.آڳاٽي زماني ۾ جوهيءَ جي اوڀر ۾ اتر کان ڏکڻ طرف نئن وهندي هئي. جوهيءَ جو هاڻوڪو پهريون وارڊ سمورو نئن جي پيٽ ۾ واقع آهي. وارڊ نمبر ٽيون آڳاٽي ۽ قديم ڳوٺ جي ايراضيءَ ۾ آهي. هن شهر سان واسطو رکندڙ مشهور شخصيتن ۾ رئيس علڻ خان لغاري، سجيلا لغاري، اڪبر خان لغاري، ٻاراڻي ادب جو ناميارو ليکڪ ۽ اديب مرحوم اڪبر جسڪاڻي، ناميارو شاعر مرحوم احمد خان ’مدهوش‘، ليکڪ عزيز ڪنگراڻي ۽ خليل عارف وغيره اچي وڃن ٿا. 2010ع واري وڏي ٻوڏ جو پاڻي ٽوڙي بند ٽٽڻ ڪري سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن کي ٻوڙيندي، 8 سيپٽمر 2010ع تي جوهي تعلقي ۾ پهتو، جنهنڪري جوهيءَ جي آسپاس 250 ننڍا وڏا ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا ۽ 13 سيپٽمبر تي پاڻي جوهي شهر کي وڪوڙي ويو ۽ انتظاميا شهرين کي شهر خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. شهر جي ڪافي ماڻهن شهر خالي ڪيو، پر ڪيترن شهرين شهر خالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن ڪري شهر خالي ڪرڻ لاءِ 144 قلم لاڳو ڪيو ويو. ساڳئي وقت جوهي شهر جي چوڌاري رنگ بند ٺاهڻ جو ڪم بند ڪيو ويو. پاڻيءَ جي دٻاءَ کي ڏسندي شهرين ذاتي مڙسيءَ سان بند جي مضبوطيءَ جو ڪم پنهنجي هٿ ۾کڻندي آبپاشي طرفان ٿيندڙ ڪم تي بي اعتماديءَ جو اظهار ڪيو. اهڙيءَ ريت جوهي شهر جي مردن ۽ عورتن بند تي ان وقت تائين ڏينهن رات مسلسل ڪم ڪيو، جيستائين منڇر کي زيرو پوائنٽ کان هٿ سان گهارو نه هنيو ويو. 15 سيپٽمبر تي آر ڊي 11 ۽ 12 وٽان منڇر کي 300 فوٽن جو هٿ سان کنڊ هنيو ويو، جنهن ڪري جوهي تان پاڻيءَ جو دٻاءُ گهٽيو. اهڙي ريت شهرين جوهي شهر کي پنهنجي مڙسيءَ سان بچائي، پنهنجو نالو تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکرايو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو