جويا

جويا: جويا ذات انهن ڇهن راجپوتن جي شاهي قبيلن سان تعلق رکي ٿي، جيڪي ڏکڻ هندستان جي 36 خاص قبيلن مان آهن، جيڪي ’جهنگ جا بادشاهه‘ سڏيا ويا آهن. سندن رهائش هريانا، ڀٽيانه، ڀٽنر، ناگور، ستلج ۽ سنڌوءَ جي ڪنارن سان رهي آهي. ست سئو سال کن اڳي کين هريانه ۽ ستلج مان سنڌوءَ جي ميدانن ڏانهن ڌڪيو ويو هو. سورهين صدي عيسويءَ ڌاري مٿن راٺوڙن وڏا حملا ڪري کين نابود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هنن ٽڙي پکڙي پنهنجو وجود اڄ تائين برقرار رکيو آهي. جوين جي گهڻائي اڄ تائين ستلج جي ڪنارن ۽ سنڌ ۾ آهي. هندستان ۾ پراڻي گهگهر نديءَ (Ghaggar) جي پيٽ وارن علائقن ۽ بيڪانير واري پاسي ڪافي جويا رهن ٿا.جنرل ڪننگهام جي کوجنا موجب جويا ذات ڪي قدر سالٽ رينج (Salt Range) ۽ جود (Jud) جبل وارن علائقن ۾ به رهي ٿي، جنهنڪري کين جوديا (Jodia) يا يوديا (Yodia) به سمجهيو وڃي ٿو، جيڪي پاڻيڻي (450 B.C) جي وقت ۾ پنهنجو چڱو اثر رسوخ رکندا هئا. هاڻي به حصار (Hissar) کان وٺي منٽگمريءَ (ساهيوال) تائين جوين جو ڪافي اثر آهي، ساهيوالي جويا پيءُ طرفان پاڻ کي راجپوت نه ٿا سمجهن، پر هو ماءُ طرفان پاڻ کي سيجا (Seja) يا سميجن (Sameja) جي پاڙي ڀٽين مان سمجهندا آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو جويا پاڻ کي ’يادو‘ قبيلي جا پونئر سمجهن ٿا. سندن چوڻ موجب هو 14 صدي عيسوي ۾ بيڪانير ڇڏي بهاولپور ۾ آيا، جتي هو ملتان جي لانگاهن سان رلجي ويا. ملتاني جوين جو چوڻ آهي ته اُهي بيڪانير کان سنڌ ۾ آيا ۽ ملتان ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائون. ڪيپٽن ايلفنسٽن کين راويءَ جي ڪنارن تي آباد قبيلن مان هڪ قبيلو سڏي ٿو، جيڪي بهادر ۽ مالوند ماڻهو هئا. وٽن مال جا ڌڻ هئا ۽ پوکڻ لاءِ خراب زمين هئي. ڪيپٽن ايلفنسٽن مهرن کي جوين جو ڀاءُ سمجهي ٿو. ايلفنسٽن جي چوڻ موجب جويا بهادر ۽ ٻين ڀائر قبيلن وانگر ويڙهاڪ آهن. جوين بابا فريد شڪرگنج جي هٿ تي اسلام قبول ڪيو. سڀ کان اڳ اسلام قبول ڪندڙ ٽي ڀائر هئا، جن جا نالا هئا: لونان (Lunan)، دونان (Dunan) ۽ چوئونان (Chaunan) . سنڌ ۾ آباد جوين جو وڏو لاکو پٽ لونان هو، جنهن جي شادي راجا اجراس جي ڌيءَ ڪيسر سان ٿيل هئي. ان وقت کان ئي بيڪانير جا راجپوت جوين سان سڱابنديون ڪندا اچن. جويا هيٺين پاڙن ۾ ورهايل آهن: (1) اڪوڪ (Akok)، (2) بهلاڻا (Bahlana)، (3) ڀٽي (Bhatti)، (4) فروزڪي (Frozki)، (4) حسن ڪي (Hassanke)، (5) ڄاملرا (Jamlera)، (6) جهانڊيڪي (Jhandeke)، (7) جگسي (Jugeke)، (8) لاکوڪي (Lakhuke)، (9) ليگهڪي (Langehke)، (10) لوليڪي (Luleke)، (11) مهروڪ (Mihruke)، (12) موميڪي (Momeke)، (13) پنجيرا (Punjera)، (14) رنوڪي (Ranoke)، (15) سيوڪي (Sabuke)، (16) سناٿڪي (Sanathke)، (17) شلبزي (Shalbazi) وغيره، پر ملتان ۾ (1) سبول (Sabul)، (2) سلهوڪا (Salhuka)، (3) سلديرا (Saldera) نالي سندن پاڙا به ملن ٿا، جيڪي پاڻ کي ’جت‘ سڏائين ٿا. سنڌ جي ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا جي مصنف خير محمد ٻرڙي، جويا ۽ جوئيا الڳ ذاتيون ڪري ڄاڻايون آهن، هن جوين کي راجپوت، سماٽ ۽ سرائي ڪري ڄاڻايو آهي. اصل ۾ سنڌ ۾ ’جويا‘ ۽ سرائيڪي علائقي ۾ ”جوئيا“ سڏبا آهن، ان ڪري فاضل ليکڪ کين ڌار ڌار ڪري لکيو آهي. ڪتاب شاهان گرجر ۾ جوين کي گوجرن (جتن) مان ڄاڻايو ويو آهي. دائره معارف اسلام جي مصنف به جوين کي راجپوتن جو پاڙو ڪري لکيو آهي. سنڌ ۾ هيءَ ذات ڪافي گهڻي آهي ۽ هر حصي ۾ رهندڙ آهي. سنڌ جو ناليوارو دانشور محمد ابراهيم جويو، مشهور اديب ميرل جويو، خاڪي جويو ۽ تاج جويو به هن ذات سان واسطو رکن ٿا. ملتان جي ڊاڪٽر آفتاب مقبول جويي، جوين تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي ۽ سندس ٿيسز اشاعت هيٺ آهي. ڊاڪٽر آفتاب پنجاب اسيمبليءَ ۾ اسٽيٽ آفيسر آهي.


لفظ جوياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو