جويريه، ام المومنين: ام المومنين بيبي جويريه رضه، حارث بن ضرار جي نياڻي هئي، جيڪو بني مصطلق قبيلي جو سردار هو، بيبي جويريه جي شادي مسافع بن صفوان سان ٿي هئي، جيڪو غزوه مريسيع ۾ قتل ٿيو. هن جنگ ۾ ڪثرت سان مسلمانن کي ڪنيزون هٿ آيون، انهن ئي ڪنيزن ۾ بيبي جويريه رضہ بہ شامل هئي. جڏهن مال غنيمت جي ورهاست ٿي، تڏهن هيءَ بي بي بن قيس'>ثابت بن قيس انصاريءَ جي حصي ۾ آئي. اسلام ۾ مالڪ جي رضا سان غلام/ ڪنيز کي ڪجهہ رقم ادا ڪري آزاد ڪرڻ جي اجازت آهي. ان ڳالھہ کي مد نظر رکندي بيبي جويريه حضور صلعم وٽ آئي ۽ کين عرض ڪرڻ لڳي تہ آءٌ مسلمان ڪلمه گو عورت جويريه، حارث جي نياڻي آهيان، بن قيس'>ثابت بن قيس مون کي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پر مون وٽ ايتري رقم نہ آهي، جو آءٌ پاڻ کي آزاد ڪرائي سگهان. هاڻي توهان ئي منهنجي مدد ڪريو. اهو ٻڌي حضور صلي ﷲ عليہ وسلم جن بيبي جويريه رضہ کي فرمايو تہ ڇا اوهان مون سان نڪاح ڪندؤ؟ اهو ٻڌي بيبيءَ چيو تہ ان کان وڌيڪ مون لاءِ ڪهڙي خوش بختي ٿيندي. ان کان پوءِ حضور اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم انهيءَ وقت بن قيس'>ثابت بن قيس کي مقرر رقم ادا ڪري بيبي جويريه رضہ کي پنھنجي نڪاح ۾ آندو. حضور صلي ﷲ عليہ وسلم جي رشتيداري ٿيڻ بعد جلد ئي بني مصطلق جي غلامن ۽ ڪنيزن کي وڏي تعداد ۾ آزاد ڪيو ويو. انهن آزاد ڪيل غلامن ۽ ڪنيزن جو تعداد 700 ٻڌايو وڃي ٿو. حضور صلي ﷲ عليہ وسلم بي بي جويريه رضہ سان تمام گهڻي محبت ۽ شفقت سان پيش ايندا هئا. بي بي عائشہ رضہ چوي ٿي تہ ”بي بي جويريه رضہ جي برڪت سان هزارين غلام ۽ ڪنيزون آزاد ٿيا“ هن پاڪ بي بي حضور صلي ﷲ عليہ وسلم جي حياتيءَ ۾ ئي 5 ھہ/626ع ۾ رحلت ڪئي، کيس جنت البقيع ۾ دفن ڪيو ويو. ان وقت سندن عمر 65 ورهيہ هئي.