جويو خاڪي

جويو خاڪي

جويو خاڪي

جويو ’خاڪي‘: سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ قومي دانشور خاڪي جويو، 8 مارچ 1942ع تي ڳوٺ ڪاٺيا، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. سندس اصل نالو خميسو خان ولد حاجي جويو آهي، پر ادبي ۽ سياسي دنيا ۾ ’خاڪي جويي‘ جي نالي سان مشهور آهي. ڪجهه عرصي لاءِ هن ’خيام‘ جي تخلص سان به شاعري ڪئي هئي. هو هڪ هر- هاريءَ جو پٽ آهي، جنهن جو هارپي جي ناتي لڏ پلاڻ مقدر رهي آهي. سندس والد حاجي جويو هڪ خوددار ۽ محنتي هاري رهيو ۽ زميندارن جي ڪمدارن سان پَوتِ نه هئڻ ڪري سدائين لڏ پلاڻ ڪندو رهيو. سندن اباڻو ڳوٺ ’آباد‘ لڪي شاهه صدر کان چند ميل ڏکڻ طرف درياهه جي ڪپ تي هو، جيڪو ڪيترا ڀيرا درياهه بُرد ٿي چڪو آهي، پوءِ به ساڳئي نالي سان اڃا موجود آهي. سنڌ جي عظيم دانشور محمد ابراهيم جويي به هن ڳوٺ ۾ جنم ورتو هو. جڏهن خاڪي ڄائو هو ته 1942ع واري ٻوڏ جي راڱن سبب سندس والدين لڏي اچي سن (ضلعي دادو/ هاڻي ڄامشوري)کان ڏکڻ طرف جمن شاهه جي ڳوٺ ڪاري واهه تي رهيا. اتان قاضي احمد ويجهو پير ڪولاچين لڏي آيا، اهو 1947ع جو زمانو هو. خاڪيءَ کي ننڍي هوندي ئي مال چارڻ جي ڪم تي لڳايو ويو، کيس پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. ڳوٺ جي پيرن جا ڇوڪرا ٻه ميل پنڌ ڪري قاضي احمد پڙهڻ ويندا هئا ته خاڪي به جهنگ ۾ مال ٻين ڌراڙن وٽ ڇڏي، ساڻن گڏ قاضي احمد جي اسڪول ۾ ويندو هو ۽ ٿوري وقت ۾ الف- ب جي پٽي پڙهي پڄايائين. هڪ ڀيري مال پراين ٻنين ۾ وڃي پيو ۽ ڍڪ حوالي ٿيو، جنهن تان والد خاڪيءَ کي مار ڪڍي ۽ سندس پڙهڻ بند ٿي ويو. خاڪيءَ هڪ پورهيت جي زندگي گذاري آهي، هن هارپو ڪيو، هر ڪاهيا، جهار هڪلي، اٺ لڏيا، تغاريون کنيائين، مزدوري ڪيائين. سن ۾ واڻ ۽ پيش جي واپاري نيڻومل جي دڪان تي ڦَريو ڦوڪارو ڪيائين. بوٽن جي دڪان تي ڪم ڪيائين. سن جي ميمڻن ۽ مشهور بيوروڪريٽ بدرالدين زاهديءَ وٽ قاضي احمد جي سرڪاري اسپتال ۽ ايس. ڊي. او ايريگيشن وٽ بورچي ٿي رهيو. سن ۾ پنهنجي ننڍي ڀاءُ تاج جويي کي گهر ۾ پڙهندو ڏسي، ساڻس گڏ پهريون ٻاراڻو ۽ پڪو ڪتاب (1961ع) پڙهي ويو ۽ ان ننڍيءَ عمر ۾ هڪ مهيني اندر قرآن شريف پڙهي پڄايائين. ان بعد ڪجهه عرصي لاءِ مشهور وطن دوست خدمتگار ڊاڪٽر ٽلومل ڌيرواڻيءَ جي سن واري اسپتال ۾ ڪم ڪيائين، جتي ڊاڪٽر صاحب جي پٽ کان انگريزيءَ جي ابتدائي ڄاڻ به حاصل ڪيائين، خاڪيءَ جا والدين 1962ع ۾ وري پير ڪولاچين ۾ لڏي آيا. هن ان دوران قاضي احمد ۾ مينارڪو دڪان هلايو، جنهن جي ڪمائيءَ مان نه رڳو ننڍي ڀاءُ تاج کي پڙهايائين، پر پاڻ به اديب سنڌي ۽ اديب عالم جا امتحان، مصطفيٰ اوريئنٽل ڪاليج، نوان جتوئي (تعلقي موري) مان ڏنا. هن ڪجهه عرصو سَن ۾ به منيارڪو دڪان هلايو.
خاڪي بهترين شاعر هئڻ سان گڏ سٺو نثر نويس به آهي، هن جي ادبي حيثيت ته مڃيل آهي، پر هو سرگرم سياسي ڪارڪن به رهيو آهي. بنيادي طرح سائين جي. ايم. سيد جي مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل آهي، خاڪي جيئن ته قومي سياست ۾ ترقي پسند خيالن جو پرچارڪ رهيو آهي، ان ڪري هن جو نظرياتي سفر پروگريسو جيئي سنڌ پارٽي، وطن دوست انقلابي پارٽي ۽ جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ کان شروع ٿيو، پر اتي هن جي ترقي پسند قومي سوچ ۽ فڪر جي تشفي نه ٿي، ان ڪري هن سائين جي. ايم. سيد جي لاڏاڻي کان پوءِ ٺهيل ’جيئي سنڌ قومي محاذ‘ ۾ نه صرف شرڪت ڪئي، پر مڙني ڌڙن کي يڪجاءِ ڪري جسقم جو بنياد وجهڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو، ان کانپوءِ جڏهن جيئي سنڌ قومي محاذ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ته هن قومي تحريڪ سان پنهنجي وابستگي ته برقرار رکي آهي، پر عملي طرح ڪنهن ڌر جي ميمبرشپ اختيار نه ڪئي آهي، خاڪي جويو، قومي فڪر جي ڦهلاءَ لاءِ 25 کن سالن کان لڳاتار ماهوار ’ساڃاهه‘ رسالو ڪڍندو رهيو آهي. جنهن جي اشاعت جي سلسلي سندس ضعيفيءَ سبب ڪجهه عرصي لاءِ سندس ڀائٽيي سارنگ ۽ سندس نياڻيءَ آزادي جويو جاري رکيو. اڌ رنگ ۾ مبتلا ٿيڻ ۽ مختلف بيمارين ۽ آپريشن ڪرائڻ سبب سندس طبيعت هن وقت رسالي ڪڍڻ جهڙي نه آهي؛ پوءِ به هن اڌ رنگ جي بيماريءَ دوران 500 صفحن کان مٿي پنهنجي آتم ڪٿاجن پڙهايو پاڻ‘ لکي، خود ڪمپوز ڪري، ڇپائي آهي، جنهن مان سندس زندگيءَ، ادب ۽ نظريي سان وابستگيءَ جي ڄاڻ پوي ٿي. خاڪيءَ جي شاعريءَ جا چار ڪتاب ڇپيل آهن، خاڪيءَ جا شاعريءَ سميت جملي 30 ڪتاب ڇپيل آهن، جن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:
(1) آزاد گهرجي وطن (طويل نظم: مارچ 1973ع، ٽي ڇاپا ڇپيل، ٽيون ڇاپو 2008ع)، (2) ايءُ خاڪيءَ جو خيال (شاعري: جولاءِ 1982ع)، (3) ڪيڏارو (مزاحمتي بيت: 1984ع)، (4) آسڻ جن اريج (ايم. آر. ڊي متعلق طويل نظم: مارچ 1985ع، ٻيو ڇاپو 2008ع)، (5) قومي سوال جو نظرياتي جائزو (مارچ 1986ع)، (6) ترقي پسند ادب جا معيار (پهريون ڇاپو، اپريل 1986ع، ٻيو ڇاپو 2008ع)، (7) کاٻي ڌر جي موقعي پرستي (1986ع)، (8) پنجابي دانشور ۽ مظلوم قومون (جنوري 1988ع)، (9) قومي عليحدگيءَ جو سوشلسٽ جمهوري حق (جنوري 1987ع)، (10) قومي سوال جو تنقيدي جــائـــزو (لـيـنـن: تـرجمـو 1988ع)، (11) بـيٺـڪيـت ڇـا آهـي؟ (1988ع)، (12) قـومـي ڪـارڪنـن لاءِ تـدريـسي ڪورس (1988ع)، (13) انقلاب جي واٽ (1988ع)، (14) ڦريا پسي ٿيڻ (سياسي تنقيد)، (15) عشق، حب الوطني ۽ انسانيت (جنوري 2001ع)، (16) سنڌ ۾ اردو آباديءَ جو مستقبل (آڪٽوبر 2001ع)، (17) آزاديءَ جــو حــق؛ ڀـاڱـو پـهـريـون (سـائيـن جـي. ايم. سيد جا انٽرويو-ترتيب: جنوري 2003ع)، (18) سورهيه بادشاهه جو سنڌ جي آزاديءَ جو خواب (2003ع)، (19) تاريخ ۾ فرد جو ڪردار (گارگي پليخانوف- ترجمو: فيبروري 2006ع)، (20) سونهان ڀائين، سُڌ نه ڏين (سياسي تنقيد: جنوري 2007ع)، (21)، جديد قومي ۽ بين الاقوامي نظام (مارچ 2007ع)، (22) سـنــڌي ۽ اردو آبــاديءَ جــي تــاريــخــي ضـرورت (اپـريــل 2007ع)، (23) ادب جو قومي ڪردار (اپريل 2008ع)، (24) تنظيم ڪاريءَ جا اصول (اپـريــل 2008ع)، (25) اردو آبـادي، سـائـيــن جــي. ايــم. سـيــد جي نظر ۾، (26) سوشل شاونزم ۽ مظلوم قومون (آگسٽ 2008ع)، (27) وطن ۽ قوم جي سياست، (28) تاريخي عمل جي روحاني زندگي (ترجمو: اپريل 2009ع)، (29) آزاديءَ جو حق، ڀاڱو ٻيو (سائين جي. ايم. سيد جا انٽرويو-ترتيب: جنوري 2010ع)، (30) جن پڙهايو پاڻ (آتم ڪٿا: 2010ع). خاڪي جويي 2 مئي 2017ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.03.08  عيسوي

سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ قومي دانشور خاڪي جويو، 8 مارچ 1942ع تي ڳوٺ ڪاٺيا، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو.


2017.05.02  عيسوي

خاڪي جويي 2 مئي 2017ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صالح راڄپر وفا
عثمان فقير سانگي
امين محمد ثاني هالائي مخدوم
گوورڌن شرما گھايل
خليل عارف سومرو
اندرا شبنم
سيد علي اڪبر شاهه ثاني
عاجز اڄڻ
ڪلپنا ديوي
عنايت الله چوڍو فقير
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون