جوڀن جڙي

جوڀن جڙي: هڪ قسم جي پهاڙي ٻوٽي، جيڪا گجر جهڙي ٿئي ٿي، هن جا پن ڪچالن جھڙا ۽ گل واڱڻائي ٿين ٿا. هن تي سوئر جي وارن جهڙيون تندون ٿين ٿيون ۽ سوئر هن کي گهڻو کائين ٿا. ٻاهران اڇي ۽ اندران کير جهڙي سفيد ٿئي ٿي، بک لڳائيندڙ، طاقت ڏيندڙ، ٿڃ وڌائيندڙ، سوڄ لاهڻ لاءِ بہ فائديمند آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو