
جوڌا ٻائي
جوڌا ٻائي: جوڌا ٻائي مغل بادشاھہ جلال الدين اڪبر جي پنجون نمبر زال هئي، اها ئي راڻي سندس اصل پَٽ راڻي هئي، بادشاھہ اڪبر دھليءَ تي پنھنجي حڪمرانيءَ واري دور، سن 1556ع کان 1605ع تائين لاڳيتو جنگين ۽ بغاوتن کي منهن ڏيڻ ۾ رڌل رهيو. هن حڪمرانيءَ جي اوائلي دور ۾ جئپور کي فتح ڪيو ۽ اتي جي راجا بھاري مل (ڀارمل) جي ڌيءَ، راجا ڀڳوان داس جي ڀيڻ، جوڌا ٻائيءَ سان شادي ڪئي، اها شادي 1562ع ۾ ٿي، جڏهن تہ جوڌا ٻائيءَ جو جنم 1532ع ڌاري ٿيو هو ۽ شاديءَ وقت سندس عمر 30 سال هئي. اڪبر کي راجپوتانا جي رياستن: جئپور، رڻٿمبور، جوڌپور، بيڪانير، جيسلمير منجهان مالوي جو حاڪم باز بھادر ۽ ميواڙ جي حاڪم راڻي سنگرام سنگهہ جو پٽ اُڌيسنگهہ ۽ سندس پٽ پرتاب سنگهہ ڏکيا لڳا، پر هن همت سان ميواڙ جي گاديءَ جي هنڌ چتوڙ کي فتح ڪيو ۽ ٽن سالن اندر سمورين راجپوت رياستن هن جي آڏو آڻ مڃي. 1570ع ۾ اڪبر بادشاھہ راجپوتانا جي ٻن رياستن، بيڪانير ۽ جيسلمير جي راجائن جي ڌيئرن سان بہ شاديون ڪيون. اڪبر بادشاھہ راجپوتن کي شڪست ڏئي، سندن علائقا مغل شهنشاهيت ۾ شامل ڪيا ۽ راجپوتن کي پنھنجي درٻار ۾ جاءِ ڏني. انهن راجپوتن مان هن هڪ بھاري مل راجپوت (راجا ڀارمل)، راجا ڀڳوانداس ۽ راجا مانسنگهہ راجپوتن کي پنھنجي وڌيڪ ويجهو آندو. بھاري مل جي ڌيءُ جوڌا ٻائيءَ سان شادي ڪرڻ کان پوءِ اڪبر جوڌا ٻائيءَ کي پنھنجي ماءُ حميدہ بيگم جي لقب ’مريم مڪاني‘ جي وزن تي ’مريم زماني‘ جو خطاب ڏنو. اڪبر بادشاھہ کي پٽاڻو اولاد نہ بچندو هو. ان لاءِ هن شيخ سليم چشتيءَ کان دعا گهري، جنهن کيس پٽ ڄمڻ جي بشارت ڏني، اڪبر پنھنجي حرم مان پڇا ڪئي تہ کيس ’ماهم انگا‘ ڄاڻ ڏني تہ جوڌا ٻائي اميد سان آهي، هن جوڌا ٻائيءَ کي شيخ سليم چشتيءَ جي گهر، اُميد وارا ڏينهن دعائن سان گذارڻ لاءِ اجمير اماڻي ڇڏيو. ان ريت جوڌا ٻائي، راجپوت روايت موجب ڳورهارپ جا ڏينهن پيڪن ۾ گذارڻ بدران هڪ مسلمان ولي سليم چشتيءَ جي گهر ۾ گذاريا. شھزادو سليم عرف جهانگير، جوڌا ٻائيءَ مان شيخ سليم چشتيءَ جي گهر ۾ ئي 17 ربيع الاول 977 ھہ/ 9 سيپٽمبر 1569ع تي ڄائو. هن جي پيدائش جي تاريخ جو سن ’درشهوار لئجه اڪبر‘ مان نڪري ٿو. اڪبر پٽ ڄمڻ جي باس پوري ڪرڻ لاءِ فتح پور سيڪريءَ کان پيرين پنڌ اجمير پهتو ۽ پٽ جو نالو ’سلطان سليم‘ رکيائين، جنهنڪري ’تزڪ جهانگيري‘ ۾ شاھجھان بادشاھہ، ماءُ کي ’مريم زماني‘ سڏيو آهي.
جوڌا ٻائيءَ کي شاهي محل ۾ وڏا حق حاصل هئا. هن کي شاديءَ کان پوءِ هندومت موجب پوڄاپاٺ ۽ اهم مقدس ڏڻ ملهائڻ جو حق حاصل هو، ان سان گڏ هوءَ مذهب اسلام جو احترام ڪندڙ خاتون هئي. هن پنھنجي پٽ شھزادي سليم عرف جھانگير جي شادي مغل درٻار جي هڪ اهم امير ۽ پنھنجي ڀاءُ راجا ڀڳوانداس جي ڌيءَ ۽ ڪنور مانسنگهہ جي ڀيڻ ’مانَ ٻائيءَ‘ سان ڪرائي، اها شادي 30 ربيع الاول 994ھہ/ 21 مارچ 1586ع ۾ جشن نوروز جي ڏينهن ٿي ۽ انهيءَ ڏينهن ڪابل جي امير مرزا محمد حڪيم جي وفات سبب ڪنور مانسنگهہ ڪابل جو حڪمران مقرر ڪيو ويو.
اڪبر بادشاھہ شھزادي سليم جي ڄمڻ کان پوءِ جوڌا ٻائيءَ جي نئين اسلامي لقب تي لاهور ۾ ’مسجد مريم زماني‘ تعمير ڪرائي. مغل دؤر جي هندو توڙي مسلمان مورخن جي مستند تاريخن ۾ سواءِ ’محمد قاسم فرشته‘ جي، جوڌا ٻائيءَ کي ’پورن مل‘ جي ڌيءَ ڄاڻايو آهي، جڏهن تہ هوءَ راجا بھاري مل جي ڌيءَ، راجا ڀڳوان داس جي ڀيڻ ۽ جئپور جي راجا موهن سنگهہ جي پُڦي هئي. اڪبر جي پهرين زال سندس چاچي هندال جي ڌيءَ رقيه بيگم هئي، جنهن سان هن 1551ع ۾ شادي ڪئي، ٻي زال زميندار جمال خان جي ڌيءَ، ٽين زال عبدالله خان مغل جي نياڻي، چوٿين زال سندس پڦاٽ ۽ بيرم خان جي بيواھہ سليمه سلطان بيگم هئي، جڏهن تہ پنجين زال جوڌا ٻائي، سندس خاص راڻي هئي. اڪبر لاءِ تاريخن ۾ اچي ٿو تہ هن ڪيتريون ئي شاديون ڪيون هيون.
جوڌا ٻائي عالم هجڻ سان گڏ سياسي بصيرت جي بہ مالڪ هئي. کانئس پوءِ جيڪڏهن مغل خاندان جي ڪا عورت سياست ۾ سرگرم نظر اچي ٿي تہ اها جھانگير بادشاھہ جي زال ملڪہ نورجھان بيگم آهي. تاريخي حوالن ۾ اچي ٿو تہ مريم زمانيءَ (جوڌا ٻائيءَ) وٽ هڪ پاڻيءَ جو جھاز بہ هو، جيڪو هن حج ۽ عمري لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. اهو جھاز حج يا عمري تي ويندڙ زائرين کي کڻي ويندو هو ۽ عمري بعد واپس کڻي ايندو هو. مغل سلطنت جي هن پَٽ راڻيءَ، 2 رجب 999 ھہ/ 26 اپريل 1591ع تي وفات ڪئي. سندس مقبرو دهلي آگرا نيشنل هاءِ وي تي فتح پور سيڪريءَ جي ويجهو تعمير ٿيل آهي. اهو گجراتي اڏاوتي طرز جو شاهڪار آهي، جڏهن تہ جوڌا ٻائيءَ جو محل پڻ گجراتي ۽ اسلامي طرز تعمير موجب مختلف قسمن جي ونگن (Arches) ۽ چٽساليءَ (Carved decoration) جو عاليشان
نمونو آهي. انهيءَ محل ۾ ’هوا محل‘ نالي هڪ ڪمرو هو، جنهن تي پٿر جي اُڪر ۽ چٽساليءَ جا انيڪ ورن ڏنل آهن، اهڙيءَ چٽساليءَ جو ٻيو مثال احمدآباد (گجرات) واري بادراجي مسجد ۽ سنڌ ۾ مڪليءَ تي ’جان بابا‘ جو مقبرو آهي. جوڌا ٻائيءَ جو هي اهم مقبرو ڏسڻ لاءِ روزانو هزارين سياح فتحپور سيڪري اچن ٿا. جوڌا ۽ اڪبر جي ڪردار تي ڀارت ۾ اشوتوش گوواريڪر نالي ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر هڪ فلم بہ ٺاهي آهي، جيڪا 15 فيبروري 2008ع تي رليز ٿي چڪي آهي، جنهن جي موسيقي نامور موسيقار اي. آر. رحمان ڏني آهي. هن فلم ۾ اداڪارن ۾ هرتيڪ روشن، ايشوريا راءِ، ڪل پوشن ۽ سونو سود وغيرہ شامل آهي. جوڌا ٻائيءَ جو ڪردار ايشوريا راءِ بچن ادا ڪيو آهي. هن فلم ڪيترا اوارڊ بہ ماڻيا آهن. هن فلم جي اجراءِ تي ڪن راجپوتن اعتراض ڪري ان کي تڪراري بنائي ڇڏيو آهي.