جوڙِي

جوڙِي: اڳي ’شوهي‘ کان وڌيڪ ٿلهو ڪپڙو بہ تيار ڪيو ويندو هو، جنهن کي ’جوڙي‘ چيو ويندو هو. ’جوڙي‘ غريب ماڻهو پائيندا هئا ۽ ان جي ٺاهڻ جو رواج انگريزن جي دور تائين موجود هو. جوڙي صرف اڇي رنگ جي ٺهندي آهي، موهن جي دڙي جي آثارن مان معلوم ٿئي ٿو تہ ان زماني ۾ بہ هن قسم جو ڪپڙو اُڄندو هو، ڇاڪاڻ تہ ان قسم جي ڪپڙي جي رڳڙ جا نشان ڪن مهرن تي مليا آهن. قديم زماني ۾ ڪپڙي جي ٿان کي بہ ’جوڙي‘ سڏيو ويندو هو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو