جوڳي
جوڳي: جوڳي لفظ ’يوگ‘ مان نڪتل آهي. يوگا اصولي طور پتنجلي طرفان جوڙيل زندگيءَ جو فلسفو چيو وڃي ٿو، هن فلسفي موجب انسان ڪن خاص مشقن سان خدا سان ملي سگهي ٿو. جديد جوڳي چون ٿا ته هو ڪن خاص جسماني مشقن ڪرڻ کان پوءِ واصل باالله ٿين ٿا. هو اصل طاقت جي سرچشمي (خدا) جي طاقت يا جوهر جو حصو آهن، کين دنياوي شين تي ڪافي قبضو حاصل آهي.
پراڻي دور کان جوڳي يا يوگي، خاص جسماني مشقن سان پنهنجي روح کي سڪون ڏيندا آيا آهن، اڳتي هلي انهن مشقن جي مذهبي صورت اختيار ڪيل ٿي ڏسجي.
جوڳين جا ٻه قسم آهن، جن مان هڪڙا راول ۽ ٻيا ناٿ جوڳي سڏجن ٿا. راول اصلي جوڳي آهن. سنڌي جوڳين تي ايڇ. اي اسٽيورٽ ڪافي ڪم ڪيو هو، سندس لکڻ موجب هي رولاڪ، سانگ وجهندڙ ۽ پينو آهن. هي گهڻو ڪري نانگ پاليندا ۽ نچائيندا آهن. هي ڪن خاص جابلو ٻوٽين سان ماڻهن جو علاج به ڪندا آهن، پر هي سٺا طبيب نه آهن. گهڻي ڀاڱي اندازا ۽ ڌڪا لڳائيندا آهن، ڳچيءَ ۾ وڏا ڪنٺا ۽ ٻانهن ۾ چوڙا پائي ٽٻڻين ۾ نانگ کڻي سنڌ جي ڳوٺن ۾ ماڻهن کي قسمت جو حال ڍارو وجهي ٻڌائيندا آهن، سنڌ جا جوڳي هندوستان جي جوڳين کان گهڻو مختلف آهن، جوڳي سڄيءَ سنڌ ۾ گهمندا رهندا آهن،
جوڳي، هندستان ۾ شِوَ جا پوڄاري آهن ۽ گورکناٿ کي مرشد مڃين ٿا. هنن جا ڪل 12 پاڙا آهن، جن مان ٻن کي معتبر مڃيو وڃي ٿو، جن ۾: داوري (Davre) جن جو واسطو ناوا ناٿ فرقي سان آهي، ٻيا راول، جن جو واسطو ادي ناٿ شوين (Adinath Shivi) جوڳين سان آهي.
داوڙي جوڳي (Darvi Jogi) گوساوي، ڀاراڙي (Gosavi, Bharadi) به سڏائين. ڀاروا هڪ قسم جو ساز آهي، جيڪو مذهبي گيتن ڳائڻ وقت يا نچڻ وقت استعمال ڪندا آهن، هي ساز هيٺ ۽ مٿي ويڪرو ۽ وچ ۾ سوڙهو ڊگڊگيءَ وانگر هوندو آهي. هن ساز تان سندن ذات نالو پيو آهي. گونڊل قبيلي وارن وٽ ڀاراد هڪ ناچ جو قسم به آهي، جيڪو ناچ گهڻو ڪري جوڳي شادين مرادين ۾ نچندا آهن.
داوڙي جوڳي چون ٿا ته هو مراٺين مان آهن، پاڻ کي اتم ذات سمجهن ٿا. هي جوڳي پنهنجن ننڍن ٻارن کي ڀيريا ديوتا جي نالي ڪندا آهن، جيڪي وڏا ٿي صرف ڀيريا مندر جي خدمت ڪندا آهن. اهڙي قسم جي رسم ڀيريا مندر جوناري ۾ ادا ڪندا آهن، سندن ٻار جڏهن اٺن يا ڏهن سالن جو ٿيندو آهي ته ان کي مندر جي حوالي ڪندا آهن. ٻارن جي ڪنن جي پاپڙين کي چاقوءَ سان ٽڪي سوراخ ڪري اها رسم ادا ڪئي ويندي آهي. انهيءَ عمل کي مدراس (Mudras) چون. ان وقت گرو ان ٻار کي هٿ ۾ سڱي ڏيندو آهي ۽ اڇوتن سان ميل جول کان منع ڪندو آهي، پوءِ دهل تي نچي ڀيريا ديوتا جي شان ۾ گيت ڳاتا ويندا آهن ۽ ڀاراد ناچ به نچيو ويندو آهي. داوري جوڳين جا ٽي وڏا پاڙا آهن: (1) ديوري يا ڀارادي، جوڳي، (2) مينڊ (Mend) جوڳي، (3) سالي مالي (Sali Mali)، اهي ٽئي پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون ڪو نه ڪن. هي ٽئي پاڙا وري ننڍين نياتين ۾ ورهايل آهن: (1) واگها (Wagha)، (2) ديوگن (Devgune)، (3) جڌاوا (Judhava)، (4) شندي (Shinde)، (5) چوهاڻ (Chavan)، (6) گيڪواڙ (Gaikwar)، (7) ڍرڊ (Dharde)، (8) ڪسر (Kasar)، (9) ولڀ (Wable)، (10) راجلي (Rajle)، (11) ويمن (Wamane) وغيره.
هي جوڳي پنهنجي قانون موجب ساڳيءَ نيات مان شادي ڪو نه ڪن، سڳي مامي ۽ سڳي ماسيءَ جي ڌيءَ سان شادي ڪن ٿا، پر چاچي جي ڌيءَ سان شادي ڪو نه ڪن. ٻه ڀينرون هڪ گهوٽ سان شادي ڪري سگهن ٿيون، پر ان شرط سان ته سڀ کان اول وڏيءَ سان شادي ڪندو. منجهن گهڻين زالن رکڻ جو رواج به آهي، پر اهو ڪو قانون ڪونهي، جيڪڏهن ڪنهن کي حالتون اجازت ڏين ٿيون ته گهڻيون زالون رکي سگهي ٿو، پر زالن لاءِ گهڻن مڙسن جو رواج منجھن ڪونهي.
داوڙي جوڳين وٽ ننڍيءَ عمر ۾ نياڻين کي پرڻائڻ جو رواج آهي، سندن شاديءَ جون رسمون ميراٺي ڪنبي جوڳين کان ڪي قدر مختلف آهن، سواءِ هيڊ ملڻ جي باقي رسمون ٻيون آهن. گهوٽ ڪنوار کي هيرڻ جي پنن سان ڍڪيل هنڌ تي ويهاريندا آهن. بيواهه ٻي شادي ڪري سگهي ٿي، مڙس جي چونڊ ۾ هوءَ آزاد هوندي آهي، پر شاديءَ جون رسمون سادگيءَ سان ادا ڪيون وينديون آهن. گهوٽ ڪنوار جي ڪپڙي جو پلئه ڪو پريو مڙس ٻڌي سندن شاديءَ جي رسم ادا ڪندو آهي. منجهن طلاق جو رواج آهي، مڙس توڙي عورت طلاق وٺي سگهن ٿا. طلاق کان پوءِ ٻيهر شاديءَ جو به رواج آهي، پر اها شادي بيواهه وانگر ٿيندي.
ڀيراوا جوڳي ذات طور ديوين ۽ ديوتائن جا رکوالا آهن. ڀيراوا ديوتا کان سواءِ ديناگري ۾ جوتيبا (Jotiba) ڪنڊوبا ۾ جيجوري (Jejuri)، تلجاپور ۾ ڀاواني ۽ ماهور (Mahur) ۾ رينوڪا (Renuka) ديوين جي پوڄا پاٺ به ڪن، مذهبي رسمن ۽ شادي مراديءَ تي برهمڻن کي پئسا ڏئي رسمون ادا ڪرائين. ڪن ڦاڙ جوڳي سندن گرو ٿين. جوڳي پوتر جڳهين تي به وڃن، روزا (ورت) ۽ ٻيون ڌرمي رسمون به هندن وانگر ادا ڪن.
جوڳي پنهنجا مردا ويهاري پورين، پورڻ مهل مردي کي ويهاري سندس منهن اوڀر ڏانهن ڪن. مردي کي ڪپڙي جو ڪفن ڏين، ڪن حالتن ۾ پيتيءَ ۾ وجهي پوءِ پورين، مردو مقام ڏانهن کڻي وڃڻ مهل دهل ۽ سنکيون وڄائين. پورڻ کان اڳ مردي جي جسم تي گانءِ جو ڇيڻو ۽ بيل جا پن پڻ مکين ۽ گلن جي ورکا به ڪن. قبر ۾ مردي سان گڏ اهي سڀ کاڌي ۽ استعمال جون شيون جيڪي جيئري هوندي کائيندو يا استعمال ڪندو هو، جن ۾ تماڪ، شراب، ماني ۽ ٿانو وغيره اچي وڃن ٿا، سندس قبر ۾ رکيا ويندا آهن. مردي جي وات ۾ پاڻي وجهڻ کان پوءِ کيس قبر ۾ لاٿو ويندو آهي، ان کان پوءِ سندس لوڙهه لٽبي آهي، قبر تي آخري ڇڻڪار ڪري گل ڇٽيا ويندا آهن، ان کان پوءِ مائٽ ۽ دوست قبر کي ٽي ڦيرا ڏيندا آهن ۽ سمورا مرڻ واري جي گهر ويندا آهن، اتي نم جا پن (Mela indica) چٻاڙي گرڙي ڪري هر ڪو گهر هليو ويندو آهي، ٽئين ڏينهن مرڻ واري جي قبر تي گلن جي ورکا ڪري ڀنڊارو ڪيو ويندو آهي، منجهن روئڻ پٽڻ جو رواج ڪو نه آهي.
راول شو جوڳي ڪرناٽڪ کان گجرات ۽ ڪي قدر هندوستان سان لاڳو پاڪستان جي ٿر واري علائقي تائين پکڙيل آهن.
جوڳيءَ جو اصطلاح ٻن خاص فرقن جي ماڻهن لاءِ استعمال ٿئي ٿو، هڪڙا ٿيا خاص جوڳي، جيڪي مذهبي طور هندو آهن، جن ۾ آئوگهر جوڳي ۽ ڪن ڦاڙ جوڳي اچي وڃن ٿا، جن مان هڪڙا گورکناٿ جا پوئلڳ آهن، ٻيا شِوِ جا پوڄاري. اهي ماڻهو اهڙي ئي عزت ڀريءَ نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا، جهڙو بيراڳي يا گوسائين. هي سندن فرقا هندو مذهب سان لاڳاپيل آهن، پر گرهستي يا سيڪيولر جوڳي، جيڪي مذهب ۽ ٻين سماجي طبقن جو ڀيد ڀاوَ نه رکن، تن کي راول سڏيو وڃي ٿو. راول جوڳين جو گذران پنڻ تي آهي يا ماڻهن کي ڍارو وجهي قسمت جو حال ٻڌائيندا وتندا آهن.
هڪ ٻيو فرقو به هندو جوڳين جو ڏٺو ويو آهي، جيڪي ناٿ جوڳي آهن، انهن کانسواءِ به جوڳين ۾ هڪ فرقو ’فقير‘ سڏجي ٿو. هي هندو به آهن ته مسلمان به، پر گهڻو ڪري مسلمان جوڳي فقير سڏائين ٿا. هن فرقي جا فقير جوڳي عام جام ملن ٿا، اهي ڳچين ۾ ڪنٺا وجهيو، هٿن ۾ ڪولابا پايو وتن ماڻهن جي قسمت ٻڌائيندا ۽ نانگ نچائيندا، انهن مان گهڻا مسلمانن جي مزارن تي اچن وڃن، هي مٿي ڄاڻايل جوڳين کان مختلف آهن، جيڪي ٿر جي مسلمان وسندين ۾ رهن ٿا. مرلي ڀلي ٿا وڄائين، ڪي ته وڏا فنڪار به آهن.
جوڳين جو هڪ فرقو ساڌو (Siddias) آهي. اهي زندگيءَ جي عام وهنوار کان پري رهن ٿا. هنن کي شڪتي گورکناٿ وٽان ملي ٿي. ساڌو جوڳي گهڻو ڪري ٽڪرين ۽ پهاڙن ۾ جوڳ پچائين ٿا. گنجي ٽڪر تي سندن وڏا آستانا هئا، هتي ڪالي جو مندر به آهي. لطيف سائينءَ به جوڳين سان گنجي ٽڪر تي تپسيا ڪئي هئي. اهي نانگا (Nangas) به سڏبا آهن. روايتن موجب شرنگناٿ هن پنٿ جي شروعات ڪئي، جيڪو گورکناٿ جي وفات کان پوءِ روحاني طور وڏي منزل تي رسيو هو. سندس پوئلڳ ڪَن ٽوپائيندا ۽ پيرن ۾ ڪاٺ جون چاکڙيون پائيندا هئا. شرنگ ناٿ جي مرڻ کان پوءِ گري ناٿ گرو ٿيو، جنهن شادي ۽ شراب کي جائز قرار ڏنو. ان کان پوءِ پري نام (Parinama) گرُو ٿيو، جيڪو به سيڪيولر هو. هن گوشت کائڻ جي اجازت ڏني، گورکناٿ پنٿ سان 9 ناٿ ۽ 81 ساڌو آهن.
اشتياق انصاريءَ ’ڌرتي ماتا‘ ڪتاب ۾ سنڌ سان واسطو رکندڙ جوڳين بابت لکيو آهي ته گپتا گهراڻي کان پوءِ گپتا جنرل پٽاري، جيڪو ذات جو والاڀي هو، تنهن والاڀيپور گادي بڻائي، والاڀي پنٿ جو پايو وڌو. هي شري ڪرشن جا پوڄاري هئا. هن ئي دور ۾ مڇندرناٿ جوڳيءَ وٽ گورکناٿ پڙهندو هو، راجاگوپيچند ۽ راجا ڀرتري هري به سندس شاگرد هئا. گورکناٿ وديا ۾ مڇندرناٿ پنهنجي استاد کان ٻه وکون اڳتي نڪري ويو، ان ڪري کيس گرک چليءَ جي نالي سڏيندا هئا، اڳتي هلي ان هڪ نئون پنٿ شروع ڪيو، جنهن موجب ڪو به وڏو ننڍو امير غريب نه هو، راما پير به سندس مول متن جو پرچار ڪندو هو. سندس پنٿ گهڻو مشهور ٿيو، پاڻ هنگلاج ماتا جو وڏو پرچارڪ هو، سندس ٺاهيل مرڪزن مان سيوستان ۽ شاهه لاهوت گهڻو مشهور آهن، جتي هن مڙهيون ٺهرايون هيون. ان کانسواءِ به هن هڪ مڙهي ماڙيپور (ڪراچي) ۾ ٺهرائي هئي، جنهن کي اڄ تائين گورک جي مڙهي يا آمري تلاءُ ڪري سڏيو وڃي ٿو. روايتن موجب هنگلاج وارو انيل ڪن کوهه به گورکناٿ جو کوٽايل آهي. لطيف سرڪار جوڳين جي ساٿ ۾ ڪجهه عرصو رهيو هو، ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ ”لطيفي سَئر“ ڪتاب ۾ ان جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي.