جوڻالو: قديم ڳوٺ جوڻالو، نوشهري فيروز ضلعي جي موري تعلقي جي يونين ڪائونسل لليا ۾ سنڌو درياھہ جي کاٻي پاسي دادو مورو پل کان اتر طرف تقريباً ٻہ ڪلوميٽر اتر طرف ۽ پُرڻ ڳوٺ کان تقريباً هڪ ڪلوميٽر اولھہ طرف قائم آهي. هيءُ ڳوٺ اٽڪل ٽي صديون اڳ درياھہ جي ڀرسان، جوڻا ذات جي ماڻهن اڏيو هو، ان ڪري ان تي نالو ’جوڻالوءِ‘ پيو، پر پوءِ ’جوڻالو‘ سڏجڻ لڳو. درياھہ جي پائڻ سبب ٻہ دفعا هيءُ ڳوٺ ٻڏي چڪو آهي. 2010ع واري ٻوڏ ۾ بہ هتي ڪافي نقصان رسيو. هن وقت ٽئين هنڌ تي آباد آهي ۽ منجهس جوڻا ذات جو ڪو بہ ماڻهو آباد نہ آهي. ڳوٺ ۾ هندو ۽ مسلمانن ۾ سيد، چهواڻ، لاڙڪ، خاڪي، چنا، ڊکڻ (جيڪي بعد ۾ لاکا سڏائڻ لڳا) ۽ ڪوري (جيڪي شھر آباد ٿيڻ کان پوءِ کوکر سڏائڻ لڳا) آباد هئا. هندو زمينداريءَ ۽ واپار سان لاڳاپيل هئا. گيهي مل، ڳوٺ جو مُکي هو، 1947ع ۾ سندس هندستان لڏي وڃڻ کان پوءِ سندس زمين جي نمبر واري ڪليم ۾ اچي ڪيترا مالڪ تبديل ٿيا، پر اڄ بہ گيهي وارو نمبر سڏجي ٿو. جڏهن تہ پيسُو، جهمٽ ۽ ڄيٺو واپار سان تعلق رکندا هئا. سندن هٽَ ڏيتي ليتي ۽ سٺي ساک سبب علائقي ۾ ڪافي مقبول ۽ مشھور هئا. تعليم جي لحاظ کان جوڻالو ڪافي اڳڀرو رهيو آهي. هن ڳوٺ مان هر دور جي تعليمي قابليت مطابق انتهائي پڙهيل لکيل ماڻهو پيدا ٿيندا رهيا آهن. انگريزن جي دور ۾ ڳوٺ ۾ ٽي ملا مڪتب قائم هئا. سيد پير علي شاھہ (1901-1982) پهريون ماڻهو هو، جيڪو علي ڳڙھہ مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪري انگريزن جي دور ۾ خيرپور رياست ۾ جج طور مقرر ٿيو. ملازمت جو وڏو عرصو دٻدٻي سان خيرپور ۾ گذاري، آخر ۾ نواب شاھہ مان رٽائرمينٽ حاصل ڪيائين. وچ ڳوٺ ۾ قائم سندس عاليشان ڳاڙهي ماڙي، نشانيءَ طور مشھور هئي. سندس پٽ غلام نبي شاھہ (1927-1967) ايل. ايل. بي جي سنَد وٺي سيشن ڪورٽ دادوءَ ۾ وڪالت ڪندو هو. سندس شمار ان وقت جي سنڌ- بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي برک وڪيلن ۾ ٿيندو هو. غلام نبي شاھہ جو پٽ مهتاب علي شاھہ علائقي جو پهريون ماڻهو آهي، جيڪو ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪري آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ ڪجهہ وقت وزيٽنگ پروفيسر طور مقرر ٿيو. سندس پي. ايڇ. ڊي جي ٿيسز انگلنڊ مان شايع ٿي. اڄڪلھہ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انٽرنيشنل ڊپارٽمينٽ ۾ پروفيسر طور پڙهائي رهيو آهي. ڳوٺ جو ٻيو مشھور ماڻهو سيد جلال الدين شاھہ هو، جيڪو 5 جنوري 1905ع تي جوڻالي ۾ پيدا ٿيو ۽ شروعات ۾ تعليم کاتي ۾ استاد طور مقرر ٿيو. اڳتي هلي ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس، سکر، سانگهڙ، دادو ۽ جيڪب آباد رهيو. مٺياڻي ۽ سڪرنڊ ٽريننگ ڪاليج جو پرنسپال بہ رهيو ۽ سڪرنڊ مان 1963ع ۾ رٽائر ڪيائين. پاڻ جوڻالي مان لڏي نوشهري فيروز ۾ ويٺو تہ اتي پيرن واري مسجد ۾ هر جمع ڏينهن واعظ ڪندو هو. هي نوڪريءَ دوران حڪمت پڻ ڪندو هو. رٽائر ٿيڻ بعد سندس ڌنڌو حڪمت بڻيو. پاڻ 1990ع ۾ نوابشاھہ ۾ وفات ڪيائين. سندس وڏو فرزند امام علي شاھہ بہ حڪمت ۾ سندن شاگرد آهي ۽ حڪمت ڪندو رهي ٿو. ٻيو نمبر فرزند ڊاڪٽر علي ارشد شاھہ دل جو اسپيشلسٽ آهي ۽ نوشهري اسپتال ۾ نوڪري ڪري ٿو. سندس آخري فرزند سيد جمال مصطفيٰ شاھہ ڊي. سي. او نواب شاھہ؛ اي. ڊي. او روينيو راولپنڊي ۽ ٻين عهدن تي رهيو آهي. سندس نياڻين ۾ زهرا بيبي پرائمري ٽيچر، رشيده بيبي ايسوسيئيٽ پروفيسر، ڊاڪٽر سيده ام ڪلثوم، هن وقت ائسوسيئيٽ پروفيسر آهي. صوفياڻو راڳ هر روز رات جو ڳوٺ ۾ قائم سندن اوطاقن ۾ ٿيندو رهندو هو. ڳائڻين ۾ حوا ڀٽڻ ۽ جانل ملاح مٺياڻي واري هيون. جيوڻي ٻائي ۽ لاهور واري شمشاد بيگم بہ هن ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڳائي چڪيون آهن. ان کان علاوہ مائي الهوسائي کان سواءِ مشھور فنڪارہ عابدہ پروين جي ماءُ ممتاز بيگم بہ هن ڳوٺ ۾ فن جو مظاهرو ڪري چڪي آهي. ڀڳتن مان جاڙو ڀڳت، مسخرن مان نورو مسخرو ۽ محمد فقير بہ هن ڳوٺ ۾ پنهنجو فن ڏيکاري ويا آهن.انگريزن جي دور ۾ جوڻالي ۾ هر هنر سان وابستہ هنرمند ۽ ڪمي ڪاسبي آباد هئا. جھڙوڪ: حجم، موچي، ڊکڻ، ملا موراڻا، دايا، جيڪي اجرت نقد وصول ڪرڻ بجاءِ آهت تي ڪم ڪندا هئا. 1947ع ۾ هندستان جي تقسيم کان پوءِ هندن جي لڏپلاڻ ڪري جوڻالو ڦٽڻ شروع ٿي ويو، جيڪو حال ۾ ڪجهہ آباد هجڻ باوجود هڪ ڦٽل ڳوٺ جو عبرتناڪ منظر پيش ڪري رهيو آهي. ديھہ جوڻالي، يو. سي لليا ۾ آهي. درياھہ منجهان ٽي واٽر ڪورس نڪتل هوندا هئا، درياھہ جي چاڙھہ وقت ماڻهو انهن جي پاڻيءَ تي نارن وسيلي فصل ڪاهيندا هئا. انهن ڪڙين جا نالا هي هئا: (1) منگواڻو واھہ، (2) سيد امير شاھہ جو ڪڙيو، (3) دوست علي جيسر جو ڪڙيو. ديھہ جوڻالي ۾ مشھور ڳوٺ امام آباد آهي، جنهن ڳوٺ جو علي محمد سيال وڏو لکيل پڙهيل هو، جنهن جي ڪوشش سان هينئر گورنمينٽ هاءِ اسڪول امام آباد هلي رهيو آهي، جيڪو امتحاني مرڪز بہ آهي. ان سان گڏ ڳوٺ ۾ مڊل اسڪول، پرائمري بوائز اسڪول، پرائمري گرلس اسڪول، پوسٽ آفيس موجود آهن. انکان سواءِ ڳوٺ غلام علي سنگراھہ، ڳوٺ جمال الدين سيال، ڳوٺ غلام علي خاڪي، ڳوٺ خير محمد ٻوڪ، ڳوٺ مسو سيٺار، ڳوٺ نور محمد سيٺار، ڳوٺ باجاڻي سيٺار، ڳوٺ الھداد خاڪي، ڳوٺ پنهور خان ڀنگر، ڳوٺ خير محمد ڀنگر، ڳوٺ حسن خاڪي وغيرہ آهن.هن ڳوٺ ۾ ٻن وڏن شاعرن جو تربتون آهن، جن ۾ هڪ سيد سعيد علي شاھہ ’خادم‘ ۽ ٻيو سندس فرزند سيد روشن علي شاھہ ’روشن‘ لاهوتي. سعيد علي شاھہ خادم جي ورسي هر سال 13 تاريخ رجب تي ٿيندي آهي ۽ روشن علي شاھہ جي ورسي 7 شعبان تي ٿيندي آهي. انهن ڏهاڙن جي نگراني سنڌ جو مشھور شاعر راشد علي شاھہ ’راشد مورائي‘ ڪندو آهي، جيڪو سعيد علي شاھہ جو فرزند ۽ لاهوتي روشن علي شاھہ جو ننڍو ڀاءُ آهي. راشد جو ٽيون ڀاءُ معصوم علي شاھہ نماڻو بہ شاعر هو. سعيد علي شاھہ خادم راڳ جو ڄاڻو هو، يڪتاري تي خود بہ ڳائيندو هو. وٽس استاد سينڌو خان مهينن جا مهينا اچي رهندو هو. عابدہ پروين جو پيءُ غلام حيدر ۽ ماءُ ممتاز بيگم بہ سندس مريد هئا. غلام حيدر سٺو ستار نواز ۽ باجي نواز بہ هو.