جوڻيجو عبدالرحيم

جوڻيجو، عبدالرحيم: عبدالرحيم جوڻيجو ولد عبدالله جوڻيجو 1888ع ڌاري تعلقي عمرڪوٽ جي ڳوٺ ٽالهي جوڻيجي ۾ ڄائو. هن مدرسي جي تعليم پنھنجي ڳوٺ ٽالهي جوڻيجي ۽ ولهيٽ جي مدرسي مان حاصل ڪئي. هيءُ ڳوٺ جو خطيب هو ۽ قرآن شريف پڙهائيندو هو. درگاھہ پير ڳوٺ جي مسجد ۾ پيش امام پڻ رهيو. هيءُ سورهيه بادشاھہ جو خاص مريد، ملڪيت ۽ زمينن جي معاملي ۾ عام مختيار هو. هيءُ حُر تحريڪ جو اهم ڪردار رهيو. جوڌپور ميل کي تباھہ ڪرڻ ۾ سندس نالو بہ شامل هو. ڪارتوس ٺاهڻ، هٿيار ڀرڻ، هٿيار هلائڻ ۽ هٿيارن جي مرمت ڪرڻ ۾ کيس مهارت حاصل هئي. 1942ع جي حُرن خلاف لڳل پهرين مارشل لا ۾ گرفتار بہ ٿيو. کيس سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ رکيو ويو، جتان پوءِ کيس ويساپور اماڻيو ويو. تنهن کانپوءِ کيس ميرپورخاص جي لوڙهي اندر قيد ۾ ۾ رکيو ويو. 1952ع ۾ جڏهن حرن تان سزا جا لوڙها هٽيا، تڏهن هن کي بہ آزادي ملي. 1960ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو