عبدالقادر جوڻيجو
جوڻيجو، عبدالقادر: سنڌي ٻوليءَ جي نامور ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ ترجمي نگار عبدالقادر جوڻيجي جو پورو نالو عبدالقادر ولد مريد حسين جوڻيجو آهي. هن پهرين نومبر 1945ع تي ٿر جي مهراڻي واري علائقي جي ڳوٺ جنهاڻ، تعلقي مٺي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو. هيءُ ڳوٺ هاڪڙي جي ڪنڌيءَ تي اڏيل آهي. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾، سيڪنڊري تعليم اڳوڻي نوابشاهه ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ۽ مئٽرڪ هاءِ اسڪول ڏيپلي مان پاس ڪئي. سندس پيءُ مريد حسين پوليس آفيسر هو، جنهن جي بدلي مختلف شهرن ۾ٿيندي رهندي هئي، جنهنڪري عبدالقادر کي ثانوي تعليم مختلف هنڌن تان پرائڻي پئي. بي. اي (1968ع)، بي. ايڊ (ايجوڪيشن: 1969ع) ۽ ايم. اي (سوشيالاجي: 1977ع) جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين. 1962ع ۾ کيس پوليس کاتي ۾ اي. ايس. آءِ طور چونڊيو ويو، پر والد جي زور ڀرڻ تي پرائمري ماستر ٿيو. سُتت ئي پوءِ هو سيڪنڊري ماستر بڻيو ۽ 1976ع تائين تعليم ۽ تدريس سان واڳيل رهيو. ان عرصي ۾ هن سماجي مشاهدي ۽ مطالعي هيٺ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون ۽ سندس خط و ڪتابت سنڌ جي نامياري دانشور محمد ابراهيم جويي، نواب حيدر علي ۽ شوڪت حسين شوري سان ٿيندي رهي، جن کيس ادب جي کيتر ۾ همٿايو ۽ کيس شيخ اياز سان متعارف ڪرايو، جيڪو اُن وقت سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جو وائيس چانسلر هو. شيخ اياز عبدالقادر جوڻيجي جي صلاحيتن ۽ علمي حيثيت جو قدر ڪندي کيس انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ 7 جون 1976ع تي پبليڪيشن آفيسر مقرر ڪيو. جتي مختلف عهدن تي ترقي ماڻي ايڊيشنل ڊائريڪٽر بڻيو ۽ 1988ع کان 1993ع تائين ڊائريڪٽر رهيو. ان کان پوءِ 15-9-2005 کان وٺي 10-5-2008 تائين سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمئن رهيو. عبدالقادر جوڻيجو سنڌيءَ جي صف اول جي ڪهاڻيڪارن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. سندس پهرين ڪهاڻي ”مُٺ مٺ سور“ 1963ع ۾ مشهور ادبي رسالي روح رهاڻ ۾ ڇپي. ان کانپوءِ سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپجي مڃتا ماڻي چڪا آهن. عبدالقادر جوڻيجي ڪهاڻيءَ سان گڏ ڊرامن جي کيتر ۾ به وڏو نالو ۽ مقام حاصل ڪيو، هو هند ۽ سنڌ ۾ نه رڳو سنڌيءَ جو وڏو ڊراما نگار آهي، پر پاڪستان، ڀارت ، نيپال، ايران ۽ جرمنيءَ ۾ اردو ڊراما نگاريءَ جي حوالي سان عالمي مڃتا حاصل ڪري چڪو آهي. سندس پهريون ريڊيو ناٽڪ 1970ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيو. اهڙي ريت سندس ٽيهن کان وڌيڪ ريڊيو ناٽڪ نشر ٿيا. 1976ع ۾ سندس پهريون ٽي. وي ناٽڪ ’تلاش‘ پي. ٽي. وي ڪراچيءَ تان ٽيليڪاسٽ ٿيو. ان بعد سندس 16 کان وڌيڪ سنڌي ۽ 6 اردو سولو پلي ۽ سيريل ٽيليڪاسٽ ٿي چڪا آهن. اردوءَ ۾ سندس 13 ڊراما سيريلز ٽيليڪاسٽ ٿيون، جن ۾ عالمي معيار جا ڊراما: ’ديوارين‘، ’ڪاروان‘ ڇوٽي سي دنيا‘، ’سيڙهيان‘، ’دُک سُک‘، ’پرانده‘ ۽ ’ڌُول‘ اچي وڃن ٿا. سندس ٽي. وي سيريل ’ڇوٽي سي دنيا‘ تي مشهور جرمن انٿراپالاجسٽ ڊاڪٽر هيلن باسو (Dr. Hellene Basu) فري يونيورسٽي برلن ۾ ٿيسز لکي چڪي آهي، جنهن جو اختصار انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿي چڪو آهي. سندس پهرين سنڌي سيريل ”راڻيءَ جي ڪهاڻي“ وڏي مقبوليت ماڻڻ کان پوءِ اردوءَ ۾ ’ديوارين‘ جي نالي سان ٽيليڪاسٽ ٿي ۽ بعد ۾ ساڳي سيريل بي. بي. سي (B.B.C) چئنل-4 تان انگريزي ترجمي سان ٽيليڪاسٽ ٿي. اهڙيءَ ريت هي ڏکڻ ايشيا جي پهرئين سيريل هئي، جيڪا B.B.C تان ٽيليڪاسٽ ٿي هئي. عبدالقادر جي ڊراما سيريل ’سيڙهيان‘ تيرهن ملڪن، آمريڪا ۽ ڪئناڊا سميت ٻين ملڪن ۾ مڃتا ماڻي. اهڙي طرح سندس ٽي. وي ڊرامو ’پرانده‘ پڻ ڪئناڊا ۽ يونائيٽيڊ عرب امارات (UAE) ۾ به ٽيليڪاسٽ ٿيو ، جڏهن ته سندس ٻيون ڪيتريون سنڌي ۽ اردو سيريلون ٽي. وي ڏسندڙن ۾ ججهي مقبوليت ماڻي چڪيون آهن. کيس ڊراما کيتر ۾ اعليٰ ڪارڪردگيءَ تي 1989ع ۾ پهريون صدارتي اوارڊ، جڏهن ته 2008ع ۾ ٻيو صدارتي اوارڊ مليو. قسطوار ڊرامي ’ديوارين‘ تي 1983ع ۾ ۽ 1985ع ۾ قسطوار ڊرامي ’ڪاروان‘ تي بهترين ليکڪ جو ساليانو پي. ٽي. وي اوارڊ، 1989ع ۾ پي. ٽي. وي سلور جوبلي اوارڊ، 1988ع کان 1998ع واري ڏهاڪي جو اوارڊ ۽ ريڊيي پاڪستان جو 1999ع جو گولڊن جوبلي اوارڊ (قومي) پڻ مليا. عبدالقادر جوڻيجي جا عوامي ۽ سماجي زندگيءَ، سنڌي ٻوليءَ جي ناميارن ليکڪن تي خاڪن، ترجمي، ادب، تعليم، ميڊيا، ثقافتي ائنٿراپالاجيءَ ۽ ادبي خطن جهڙن موضوعن تي ڪيترا ئي ڪتاب ڇپيل آهن. ان کان سواءِ پاڻ سنڌ جي سماجي، سياسي ۽ ثقافتي مسئلن، سنڌي ادب، ائنٿراپالاجي، ڪرمنالاجي، سماجي نفسيات، ميڊيا، تعليم، ماحول، عالمي ادب تي 200 کن مقالا لکيائين، جيڪي مختلف اخبارن، رسالن ۽ ادبي مخزنن ۾ ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي: (1)واٽون راتيون رول (ڪهاڻيون: 1973ع)، (2) شڪليون (سنڌ جي شخصيتن تي خاڪا: 1979ع)، (3) ويندڙ وهي، لهندڙ سج (ڪهاڻيون: 1984ع)، (4) وڏا اديب، وڏيون ڳالهيون (ترجمو: 1986ع)، (5) ايوريسٽ تي چڙهائي (ترجمو: 1987ع)، (6) ڪـرسي (ادب، تـعليـم، ميـڊيـا ۽ ثـقـافتـي ائنٿراپالاجيءَ بابت مضمون: 1998ع)، (7) ڇو، ڇا ۽ ڪيئن (ترجمـو: 1999ع)، (8) خط ٻن اديبن جا (م. ا. جويي ۽ عبدالقادر جوڻيجي جا خـط: 1999ع)، (9) در در جا مسافر (ڪلچرل ائنٿراپالاجي: 2001ع)، (10) وڻ وڻ جي ڪاٺي (ترجمو: 2002ع)، (11) ڇا لکان؟ (تاريخي، سماجي، سياسي ۽ ادبي مضمون: 2007ع)، (12) ائين ڀلا ڪيئن هوندو؟ (2010ع)، اداب اندر ۾ ويٺل جن ۽ ڀُوت (ترجمو) ۽ انگريزيءَ ۾ هڪ ناول Dead River جي نالي سان ڇپيو.عبدالقادر جوڻيجو ادب، ثقافت، تعليم، آرڪيالوجي، اوشنيولوجي ۽ صحافت وغيره سان لاڳاپيل 18 کان وڌيڪ ادارن جي مختلف ڪميٽين جو ميمبر رهيو، جن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، نئشنل فوڪ هيريٽيج آف پاڪستان، پاڪستان سوسائٽي آف آرڪيالاجي اينڊ ميوزمس، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اوشنوگرافي، مهراڻ آرٽس ڪائونسل ۽ سنڌي ادبي بورڊ اچي وڃن ٿا.عبدالقادر جوڻيجي ٽي. وي ڊراما نگار جي حيثيت ۾ ٻه ڀيرا چين جو مطالعاتي ۽ ثقافتي دورو ڪيو. پهريون ڀيرو 3 جون 1986ع کان 16 جون 1986ع تائين ۽ ٻيو ڀيرو (فوڪ رائيٽر جي حيثيت ۾) جنوري 1993ع کان نومبر 1993ع تائين (ڊراما رائيٽر جي حيثيت ۾). سنڌ جي هن ٻھڳڻي انسان 30 مارچ 2020ع تي هي جھان ڇڏيو
1945.11.01 عيسوي
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ ترجمي نگار عبدالقادر جوڻيجي جو پورو نالو عبدالقادر ولد مريد حسين جوڻيجو آهي. هن 1 نومبر 1945ع تي ٿر جي مهراڻي واري علائقي جي ڳوٺ جنهاڻ، تعلقي مٺي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو.