جوڻيجو ميان فقير محمد خان

جوڻيجو، ميان فقير محمد خان: ميان خان جوڻيجو'>فقير محمد خان جوڻيجو 1176ھہ/1762ع ۾ ڄائو. ميرزا عباس علي بيگ ڪتاب ’تاريخ ٽالپر پهرين چوياري‘ ۾ سندس باري ۾ لکيو آهي تہ: ”ميان خان جوڻيجو'>فقير محمد خان جوڻيجو، مير فتح علي خان ٽالپر جي خاص اميرن مان هو ۽ مير فتح علي خان مٿس گهڻو مهربان هوندو هو. مير فتح علي خان، ميان فقير محمد کي پنھنجي شروعاتي دؤر ۾ حڪم ڏنو تہ حضرت امام حسين عليہ السلام جي عزاداريءَ لاءِ هڪ شايان شان تعزيو تعمير ڪرائي. ميان فقير محمد جلد تعزيو تعمير ڪرائي، پنھنجي نالي سان آباد ڪرايل ’فقير جي پڙ‘ ۾ رکيو. ميان فقير محمد، نواب محمد خان ٺوڙهي جي آباد ڪيل چاڙهيءَ مٿان هڪ امام بارگاھہ ٺهرائي. اها چاڙهي ’ٺوڙهي چاڙهي‘ جي نالي سان مشھور آهي. ٽالپرن جي دؤر ۾ ٺوڙهي چاڙهي ۽ فقير جو پِڙ آباد ٿيا، موجودہ وقت اهو سڄو علائقو ’فقير جو پڙ‘ جي نالي سان مشھور آهي. ميان فقير محمد جوڻيجو گهڻو ڪري ’ميان فقيري‘ جي نالي سان بہ سڏيو ويندو هو. ميان فقيري، مائي خيريءَ جي مسجد ڀرسان هڪ امام بارگاھہ تعمير ڪرائي هئي، جنهن کي بہ پنھنجي نالي ’فقير جي پِڙ‘ سان منسوب ڪيائين. ان پڙ ۾ هر سال سمورا مير صاحب عاشوري جي ڏينهن حيدرآباد جي قلعي مان پيدل نڪري اچي ماتمداري ڪرائيندا هئا. ان عزاداريءَ ۾ سيد ثابت علي شاھہ، ميرزا مراد علي بيگ سائل ۽ ٻيا ڪيترا ئي مرثيہ گو شاعر اچي گڏ ٿيندا هئا، اها مجلس سج لٿي تائين هلندي هئي. مير فتح علي خان ٽالپر ڪڏهن ڪڏهن پکين جي شڪار لاءِ درياھہ جي رستي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي نڪرندو هو، تڏهن اڳيان اڳيان ميان فقيري خان جي ٻيڙي هوندي هئي. هن مير ڪرم علي خان ٽالپر جي عھد (1230ھہ/1815ع) ۾ وفات ڪئي. هن کان پوءِ سندس وڏو پٽ ميان علي بخش خان جوڻيجو حيدرآباد جو ڪوٽوال مقرر ٿيو. ميان فقير محمد خان جوڻيجي جي قبر مڪي شاھہ واري ڪچي قلعي تي چڙهڻ واري ڏاڪڻ جي سڄي پاسي سائي رنگ جي ڪاشي جي سرن سان ٺهيل آهي.
ميان خان ٽالپر'>فقير محمد خان ٽالپر حاڪمن جو وفادار ۽ جانثار ملازم ۽ سندن خاص صلاحڪارن مان پڻ هو. هن ٽالپر حاڪمن جا محلات، عمارتون، مسجدون ۽ امام بارگاهون تعمير ڪرايون. سندس نالي پٺيان اڄ بہ فقير جو پڙ مشھور آهي، جتي اڄڪلھہ ڪپڙي ۽ ٻئي سامان جا دڪان آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو