جيالوجي (Geology): ارضيات/ ڀونءِ وديا، هي لفظ يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن، Ge مان Geo ۽ Logy = اڀياس آهي. جنهن جو مطلب آهي ڌرتيءَ جو اڀياس. هن علم جو اڀياس ڌرتيءَ جي اصليت ۽ خصلتون، انجي مادي ۽ تھن جي جوڙ ۽ ان ۾ تبديلين ۽ واڌاري جي تاريخ تي روشني وجهي ٿو. علميت جا ڪيترائي ٻيا شعبا آهن، جيڪي ملي هن شعبي جي مد ڪن ٿا.
مثال: زمين جي ڳوڙهي ۽ سخت ساخت جي ڪيميائي جوڙ بابت ‘Mineralogy’ ۽ ‘Petrology’ وغيرہ جي مدد سان معلومات حاصل ڪجي ٿي. ٻرندڙ جبلن جي تفصيلي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ‘Volcanology’ ۽ زلزلن وغيرہ لاءِ ‘Seismology’ جي ورق گرداني گهرجي ٿي. زمين جي قسمن کي سمجهڻ لاءِ انهن جي ترڪيب ۽ ترتيب سمجهڻ لاءِ ‘Geomorphology’ جو مطالعو ڪرڻو پوندو. آسماني جسمن جي ارتقا ۽ انهن جي عملي صورت سمجهڻ لاءِ ‘Astrology’ جي اڀياس جي ضرورت آهي. اقتصادي پاسي کي سمجهڻ لاءِ ٻيون ڪيتريون شاخون آهن، جي گڏجي ارضيات جي گنجائش جو پورائو ڪن ٿيون. عمر جي حساب سان ڌرتي جا اوائلي ٽڪر (Rocks)، جيالوجي جي ‘Precambrian’ جڳ سان واسطو رکن ٿا، جو اٽڪل ساڍا چار ارب سال بلڪ اُن کان اڳ سان واسطو رکن ٿا. جبلن ٺھڻ جي عمر اٽڪل 500 ملين سال سمجهي وڃي ٿي. هي عمل دنيا جي مختلف ڀاڱن ۾ مختلف وقتن تي شروع ٿيندو ٻڌايو ويو آهي.