جيجل ماءُ (فلم): فيمس سٽي فلمن جي پيشڪش هيءَ مشھور سنڌي فلم جمعي ڏينهن 9 نومبر 1973ع تي رليز ٿي. فلم جو هدايتڪار اي.ايڇ صديقي، موسيقار غلام علي ۽ پروڊيوسر بہ اي . ايڇ صديقي ئي هو، جڏهن تہ چڪوري، مشتاق چنگيزي، ملڪ انوکو، روشن لاڊو، رمضان، گدو ۽ قربان جيلاني اداڪارن ۾ شامل هئا. هيءَ فلم تاج محل سئنيما ڪراچي، نشاط سئنيما حيدرآباد، پيراڊائز سئنيما سکر، راحت سئنيما حيدرآباد، نگار سئنيما لاڙڪاڻي، تاج سئنيما ٽنڊي محمد خان ۽ شاھہ ٽاڪيز سئنيما ٽنڊي آدم ۾ ڪيترائي ڀيرا پردي تي ڏيکاري ويئي.