جيرام چئنمل روپاڻي

جيرام چئنمل روپاڻي: جيرام چئنمل روپاڻي، ساهتي پرڳڻي جي شهر ٺارو شاهه ضلعي نواب شاهه (هاڻي نوشهري فيروز) ۾ 4 سيپٽمبر 1932ع تي ڄائو. ورهاڱي کانپوءِ الهاس نگر (مهاراشٽر رياست) ۾ ماستريءَ سان عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين. پنهنجي زماني جو ڪامياب استاد رهيو. الهاس نگر جا چڱا بزرگ سندس شاگرد رهي چڪا آهن ۽ کيس اڃا به استاد واري عزت ڏيندا آهن. هن رٽائرمينٽ کانپوءِ ڪيترائي ڌنڌا ڪيا، پر سندس خاص سڃاڻپ ’اسين مخزن‘ آهي، جنهن ۾ سنڌي ۽ سنڌي ڪلچر کي جوڳي جاءِ ڏيندو رهيو. سنڌ جي مکيه شهرن، جاين جڳهين، اسڪولن ۽ ڪاليجن، مندر ۽ مڙهين، مقبرن، ريلوي اسٽيشنن مطلب ته سڄيءَ سنڌ جي ’تصويري تاريخ‘ کڻي ٺاهي اٿس. سندس فائيل اٿلائي ڏسڻ سان ايئن محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ ماڻهو اکين سان سنڌ ڏسي آيو.
هندستان جي سنڌي اخبارن ۾ سندس ليک ڇپبا رهن ٿا. سندس ٻولي کڙي تڙي ۽ چشڪيدار آهي. خود به چڙهيل عمر ۾ کڙو تڙو، سنئين ڪنڊي هلندو آهي. هونئن به سڄي زندگي سنئين ڪنڊي گذاري اٿس، ڪنهن جي ڪاڻ ڪانه ڪڍيائين. سندس گفتگو جو انداز وڻندڙ آهي، لکڻ جو به انوکو ڏانءَ اٿس، اڇا ڪارا پڌرا ڪرڻ مهل ٻولي چيدي ۽ چهري ڪم آڻيندو آهي. پڙهڻ سان ڪردار اکين سامهون اچيو بيهن، ان ڪري هن جي ليکن ڇپجڻ کانپوءِ هفتيوار ’هندواسي‘ ممبئيءَ لکڻ شروع ڪيو آهي ته ”ليکڪ سان ايڊيٽر جو سهمت هئڻ ضروري نه آهي.“ جيرام روپاڻي، الهاس نگر جي بزرگن ۽ سينئر شهرين جي وندر ۽ تفريح لاءِ ڪوششون ڪندو رهندو آهي. سندن ٽولا وٺي، سير پيو ڪرائيندو، اخبارن ۾ اثرائتا ليک پيو لکندو. سندس تحريرون پڙهي، بزرگ سندس گهر اڳولي اچي لهندا آهن ۽ کيس چوندا آهن ته: ”سائين! وري ڪڏهن سير سڀاٽي تي وڃو ته اسان کي نه وسارجو“، سکي گهر ۽ ڪٽنب وارو آهي. سندس چهري تي سدائين مرڪ موجود، ڪٽنب وارو آهي. سندس چهري تي سدائين مرڪ موجود، دکي انسانن کي زندگيءَ جو ويساهه ڏياريندو رهندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو