جيسر، حافظ محمد اسماعيل: حافظ محمد اسماعيل ولد قادر بخش جيسر، موري تعلقي جو مشھور استاد ٿي گذريو آهي. هن تعلقي موري جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’ڀوري بھڻ‘ ۾ 1898ع ڌاري جنم ورتو. ابتدائي تعليم دادوءَ ويجهو ٻوڪن جي هڪ ديني درسگاھہ ۾ حافظ محمد عيسيٰ وٽ ورتائين. قرآن شريف حفظ ڪرڻ کان پوءِ پرائمري اسڪول سڌوجا ۾ سنڌيءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو. ڊبل پروموشن تي 1916ع ۾ سنڌ جي ورنيڪيولر جو امتحان پاس ڪيائين. فائينل پاس ڪرڻ بعد ايريگيشن کاتي ۾ اوور سيئر مقرر ٿيو، پر تعليم سان دلچسپيءَ سبب اوور سيئر جي نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي تعليم کاتي ۾ ماستري ورتائين ۽ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنائين. مختلف پرائمري اسڪولن، لليا پتڻ، ڪاريجا وغيرہ ۾ تعليم ڏيندو رهيو، پوءِ ڪن ذاتي مجبورين جي ڪري ماستريءَ تان بہ استعيفيٰ ڏنائين ۽ پنھنجي نالي هڪ نئون ڳوٺ حافظ اسماعيل جيسر ٻڌي اتي هڪ خانگي اسڪول ’مسلم اسڪول جيسر‘ کوليائين، جتي آسپاس جي ٻارن کي سنڌي تعليم سان گڏ ديني تعليم پڻ ڏيڻ شروع ڪيائين. ٻاهران ايندڙ شاگردن جي رهائش ۽ کاڌي جو بندوبست پنھنجي خرچ تي ڪندو هو. سندس ڪيترا شاگرد بھترين استاد، ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ مئجسٽريٽ ٿيا. استاد حافظ محمد اسماعيل نيڪ، پرهيزگار ۽ خوددار انسان هو. پڙهائڻ سان گڏ مطالعو بہ ڪندو رهندو هو، سندس علمي شوق ئي هو، جو خانگي طرح سنڌي، عربي، فارسي، اردوءَ سان گڏوگڏ گرمکي لپيءَ تي بہ عبور حاصل ڪيائين. انگريزي ۽ بنگالي ٻوليون بہ ڄاڻندو هو ۽ لکي پڙهي بہ سگهندو هو. اهل علم ماڻهن سان صحبتون هونديون هئس. خانصاحب علي محمد سيال، جعفر شاھہ مورائي ۽ مولوي محمد صادق مورائيءَ سان علمي ادبي ڪچهرين سان گڏ خط و ڪتابت بہ ڪندو هو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جـي ڪـتاب ’گـڏھہ‘ کان مـتاثـر ٿـي ’ڪـتي‘ تـي ’سـرويـچ سـاٿي‘ عنـوان سان ڪتاب لکيائين، جيڪو ڇپجي نہ سگهيو آهي. فقيراڻي طبيعت سبب محمد فقير کٽياڻ ۽ محمد فقير هيسباڻيءَ سان ڪافي رهاڻيون هونديون هئس. 3 آگسٽ 1975ع تي وفات ڪيائين.