جيسمين باغي: هيءُ سدا بھار ٻوٽو آهي، جنهن ۾ ٽاريون نہ ٿينديون آهن. پن گولائي تي ٻنهي ڇيڙن کان هڪ جھڙا ٿيندا آهن. هن ۾ ننڍيون ڏانڊيون جيڪي ٻہ کان ڇھہ سينٽي ميٽر ڊگهيون هونديون آهن. هن جو فروٽ پهرين سائو پوءِ ڳاڙهو ٿي ويندو آهي. هن جو اصلي ملڪ جاپان آهي. چين ۽ هندوستان جي باغن ۾ پڻ پوکيو وڃي ٿو. هن کي سنسڪرت ۾ گندهاراجا، هنديءَ ۾ گندھہ راج ۽ انگريزيءَ ۾ ’Cap Jasmine‘ چون ٿا. هن جو مزاج گرم آهي، سنڌ ۾ بہ ٿئي ٿو.