جيسينه جئه سينه

جيسينه/ جئه سينه: فتحنامه سنڌ عرف چچ نامي ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”جئه سينه پٽ راجا ڏاهر مردانگي ۽ دانائيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، علامه ڊاڪٽر دائودپوٽي واري فارسي چچ نامي ۾ جيسينه جو نالو جيسنه ڄاڻايل آهي. هن جي ڄمڻ بابت روايت آهي ته، هڪ ڏينهن مهاراجا ڏاهر شڪار ڪرڻ لاءِ نڪتو، شڪار گاهه ۾ جڏهن ڪتا، چيتا ۽ بگهڙ پنهنجي شڪار هرڻن تي ڇڏيائين ته اوچتو هڪ شينهن ظاهر ٿي ماڻهن جو رستو روڪي ڇڏيو، جنهن ڪري شڪارين ۾ دانهوڙ مچي وئي، مهاراجا ڏاهر گهوڙي تان لهي شينهن جي سامهون ٿيو. راجا ڏاهر چادر هٿ تي ويڙهي شينهن جي وات ۾ وجهي تلوار جي هڪ ئي وار سان ان جون ٻئي ٽنگون ڪپي ڇڏيائين، تنهن کان پوءِ هٿ ڪڍي ترار هڻي شينهن جو پيٽ ڦاڙي ڇڏيائين. هوڏانهن ماڻهن شينهن ۽ مهاراجا ڏاهر جو احوال اچي راڻيءَ کي ٻڌايو، راجا ڏاهر جي گهر واري پيٽ سان هئي ۽ هيءَ خبر ٻڌڻ سان ئي بيهوش ٿي ڪري پئي، جيستائين راجا ڏاهر شڪار تان واپس موٽي اچي، تيستائين راڻيءَ جو ساهه جسم کان ڌار ٿي چڪو هو، جڏهن راجا ڏاهر واپس پهتو، تڏهن پنهنجي راڻيءَ کي مئل ڏسي ڏاڍو غمگين ٿيو. راڻيءَ جي پيٽ ۾ ٻار ڦٿڪي رهيو هو، تنهن تي راجا دائين کي سڏائي حڪم ڪيو ته تمام آرام سان ٻار ڄڻايو وڃي. ٻار ڄمڻ سان ان جو نالو ’جيسينه/ جئه سينه‘ رکيائين، جنهن جي عربيءَ ۾ معنيٰ ’فاتح شير‘، فارسيءَ ۾ ’شيرفيروز‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ’سوڀارو شينهن‘ آهي.مهاراجا ڏاهر جي پنهنجي وطن لاءِ وڙهڻ کان پوءِ جيسينه ست سئو پيادن ۽ سوار لشڪر سان ڪيرج جي قلعي ۾ پهتو. ڪيرج جي راجا هن جو استقبال ڪيو ۽ يقين ڏياري جيسينه کي اهو چيائين ته، ”سنڌ تي حملي ڪندڙن خلاف آءُ تنهنجي جنگ ۾ مدد ڪندس“. ڪيرج جي راجا دروهر راءِ جي رسم هئي ته هو هر ڇهين مهيني هڪ ڏينهن واندو ٿي، زالن سان شراب پيئندو ۽ راڳ ناچ ڪندو هو، پر ڪنهن به مرد کي ان محفل ۾ اچڻ جي اجازت نه هوندي هئي. راجا دروهر راءِ جيسينه کي ان محفل ۾ اچڻ جي دعوت ڏني. جيسينه انهي دعوت کي مجبوراً ٽاري نه سگهيو ۽ کيس شراب جي محفل ۾ وڃڻو پيو. جيسينه اچي راجا جي زالن جي وچ ۾ ويٺو، پر شرم کان هن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. اهو ڏسي راجا دروهر راءِ هن کي چيو ته هي تنهنجون مائرون ڀينرون آهن، انهيءَ ڪري شرم کان ڪنڌ هيٺ نه ڪر. ڪنڌ مٿي ڪري نظارو ڏس. ان تي جيسينه جواب ڏنو ته، ”اسان بنيادي برهمڻ راهب آهيون، تنهن ڪري نامحرم عورتن ڏانهن نه ڏسندا آهيون“. اتي راجا دروهر راءِ هن جي پرهيزگاري ۽ حياءَ جي تعريف ڪئي. اڳتي روايت آهي ته جڏهن زالون اچي گڏ ٿيون ته انهن ۾ راجا دروهر جي ڀيڻ چڱي، جيڪا تمام گهڻي حسين هئي پڻ موجود هئي. جيسينه پڻ شاهاڻو ٻار هو، جيڪو پڻ تمام گهڻو حسين سهڻو، آواز مٺو، اکيون وڏيون، ڳاڙهن ڳلن وارو ۽ سهڻي سيرت وارو جوان هو. راجا دروهر راءِ جي ڀيڻ چڱيءَ جڏهن جيسينه کي ڏٺو تڏهن هوءَ دل ۽ جان سان جيسينه تي فدا ٿي پئي. محفل ختم ٿيڻ کان پوءِ جڏهن جيسينه موٽي پنهنجي اوطاق ۾ آيو. تڏهن دروهر جي ڀيڻ به اٿي پنهنجي محل ۾ وڃڻ لاءِ تيار ٿي. چڱي پنهنجي محل ۾ وڃڻ بدران جيسينه جي رهڻ واري هنڌ آئي ۽ اندر جيسينه وٽ وڃي نڪتي. جيسينه کي ننڊ اچي چڪي هئي، پر چڱيءَ مان شراب جي بوءِ سندس دماغ ۾ پهتي ته سجاڳ ٿيو ۽ چڱيءَ کي پاسي ۾ ويٺل ڏسي ٽپ ڏئي اٿيو ۽ چيائين ته ”شهزادي اوهان جو هت ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟ “ چڱيءَ جواب ڏنس ته، ”اي بيوقوف! هيءَ پڇڻ جي ڳالهه آهي، هڪ سهڻي ۽ جوان عورت عين انڌيري رات ۾ تو جهڙي حسين شهزادي جي ديدار لاءِ اچي مٺي ننڊ مان جاڳائي، تو سان قربت چاهي ٿي“. هيءَ سڄي ڳالهه ٻڌي جيسينه وراڻيو ته، ”اي راجا جي نياڻي! اسان کي پنهنجي پرڻيل حلال عورت کان سواءِ ڪنهن به نامحرم عورت سان ميل ميلاپ رکڻ جي مجال نه آهي. هيءُ ناجائز ۽ برو فعل اسان کان نه ٿي سگهندو، ڇاڪاڻ ته اسين برهمڻ راهب ۽ پرهيزگار آهيون. بزرگن، پرهيزگارن ۽ عالمن کي اهڙا ڪم ڪرڻ نه جڳائين. خبردار! اسان کان هن بري فعل جي اميد به نه رکجئين“. چڱيءَ تمام نيزاريون ڪيون، پر جيسينه هن ڏانهن ڪو به توجهه نه ڏنو. چڱي نااميد ٿيڻ کان پوءِ هن کي چيو ته ”اي جيسينه! تو منهنجي نفساني خواهش پوري نه ڪري سٺو نه ڪيو آهي، هاڻي جيستائين تو کي برباد نه ڪنديس تيسين سک جو ساهه نه کڻنديس. ”ٻئي ڏينهن جڏهن سج اڀريو تڏهن به چڱي شراب ۽ جدائيءَ جي نشي ۾ چُور هئي ۽ منجهند تائين انهيءَ حالت ۾ هئي. هوڏانهن راجا دروهر راءِ جي هيءَ حالت هوندي هئي، جو جيستائين پنهنجي ڀيڻ چڱيءَ جو منهن نه ڏسندو هو تيستائين کاڌو پيتو نه کائيندو هو. جڏهن ڪافي دير ٿي وئي تڏهن راجا دروهر راءِ پنهنجي ڀيڻ وٽ هلي آيو ۽ پنهنجي ڀيڻ کي پريشان ڏسي چيائين ته: اي ڀيڻ! تو کي ڇا ٿيو آهي، جو تنهنجي اهڙي حالت ٿي آهي؟ چڱيءَ چيو ته، اي ادا! هن کان وڌيڪ ٻيو ڇا ٿيندو جو هن بيوقوف سنڌيءَ (جيسينه) جيئن ته مون کي عيش جي محفل ۾ ڏٺو هو، سو ڪالهه رات مون وٽ هليو آيو ۽ منهنجي پاڪدامنيءَ کي پنهنجي گناهه جي گندگيءَ سان گندو ڪرڻ ٿي چاهيائين. هاڻي اي ادا! تو کي هن کان منهنجو بدلو وٺڻ گهرجي، جيئن اڳتي ڪو به ماڻهو هن قسم جي جرئت نه ڪري سگهي. دروهر راءِ اهو سڀ ٻڌي تپي باهه ٿي ويو ۽ ڀيڻ کي چيائين ته هو اسان جو مهمان آهي ۽ برهمڻ راهب آهي. هو هت پنهنجي لشڪر سان گڏ آهي، انهيءَ ڪري هن کي ڪهڻ سان جنگ ٿي سگهي ٿي، هاڻي تون دل نه لاهه آءٌ هن جو ضرور ڪو بلو ڪريان ٿو.
راجا دروهر راءِ پنهنجي محل ۾ واپس ايندي ئي ٻن جلادن، هر هڪ ڪبير ڀدر ۽ پهئو نالي کي گهرائي چيو ته آءٌ اڄ منجهند کان پوءِ جيسينه کي گهرائي مهماني ڪندس، کاڌي کائڻ کان پوءِ جيسينه سان آءُ شطرنج کيڏندس، توهان ٻئي ڄڻا هٿيارن سميت تيار رهجو، جڏهن آءٌ چوان شاهه مات شد (شاهه مات ٿي ويو)، تڏهن توهان تلوارون ڪڍي جيسينه کي قتل ڪري ڇڏجو.
هن سڄي حال جي هڪ سنڌيءَ کي خبر پئجي وئي، جيڪو مهاراجا ڏاهر جو خدمتگار هو ۽ راجا دروهر راءِ جي خاص ماڻهن سان دوستي هئس. ان خدمتگار هيءَ سڄي حقيقت وڃي جيسينه کي ٻڌائي، راجا دروهر راءِ جي ٺڳيءَ کان کيس واقف ڪيو، ان حال کان واقف ٿي جيسينه ٻن ٺڪرن، هر هڪ تورسينه ۽ سورسينه کي گهرائي چيائين ته، اي تورسينه ۽ سور سينا: آءٌ راجا دروهر جي دعوت تي وڃان پيو. توهان هٿيارن سميت مون سان گڏجي هلو ۽ اتي هوشيار ٿي بيهجو ته جيئن ڪا لچائي ۽ گڙ ٻڙ نه ٿي سگهي. اهڙي طرح جيسينه راجا دروهر جي درٻار ۾ ويو، هوڏانهن دروهر به اهو حڪم ڏنو هو ته جيسينه سان گڏ ٻئي ڪنهن کي به اندر نه ڇڏجو، پر هي ٻئي ٺڪر بهادر جيسينه سان اندر هليا آيا ۽ اوچتو ئي اوچتو اچي دروهر جي مٿان بيٺا، شطرنج پوري ٿيڻ تي راجا دروهر پنهنجي مقرر ڪيل جلادن کي اشاري ڪرڻ لاءِ ڪنڌ مٿي کنيو، پر جيسينه جي ٻن پهريدار ٺڪرن کي ڏسي پشيمان ٿيو. ان کان پوءِ جيسينه اتان اٿي پنهنجي رهڻ واري جاءِ تي آيو ۽ تيار ٿي لشڪر کي تيار ٿيڻ جو حڪم ڏنائين. حڪم موجب لشڪر تيار ٿيو ۽ راجا دروهراءِ کان موڪلائي جيسينه لشڪر سميت سڌو وڃي جالنڌر جي حد کان ڪشمير ۾ پهتو ۽ روايتون آهن ته بن عبدالعزيز'>عمر بن عبدالعزيز جي دؤر تائين اتي ئي هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو