جيسٽرو
جيسٽرو (Jassid): هيءُ سائي رنگ جو چست جيت آهي. بالغ توڙي ٻچا پنن مان رس چوسيندا آهن. رس چوسڻ دوران سندن زهريلو مادو پنن ۾ داخل ٿي ويندو آهي، جنهن ڪري پنن ۾ گهنج پئجي ويندا آهن. زرعي ماهرن موجب انهيءَ ۽ پنن جون ڪناريون پيليون نظر اينديون آهن. ان جي زهر سبب فصل تباهه ٿي ويندا آهن. جيت کان بچاءَ لاءِ ڪنفيڊرو (ايس. ايل 200) استعمال ڪبي ته جيت مري ويندا.