
جيسپرز، ڪارل ٿيوڊور
جيسپرز، ڪارل ٿيوڊور (Jaspers,karl Theodor): جرمن فلسفي، وجوديت جي بانين مان هڪ، جنهن جي ڪم جـديـد ديـنيـات ۽ نـفسـيـات سـان گــڏ فلسفي تي بہ گهرا اثر ڇڏيا. هيءُ 1883ع ڌاري اولڊ نبرگ ۾ پيدا ٿيو. جيسپرز 1901ع ۾ هيڊلبرگ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو ۽ ٻئي سال ميونخ هليو ويو، جتي قانون جي تعليم جاري رکيائين. هيءُ ڇھن سالن تائين برلن، گونٽجن ۽ هيڊلبرگ جي يونيورسٽين ۾ طب جو مطالعو ڪندو رهيو. 1908ع ۾ طب جي مضمون جو رياستي امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ هن پنهنجو مقالو ’ناسٽليجا اينڊ ڪرائم‘ لکيو. فيبروري 1909ع ۾ هڪ يهودي عورت سان شادي ڪيائين. 1916ع ۾ هيلڊلبرگ يونيورسٽيءَ ۾ فلسفي جي چيئر سنڀاليائين ۽ 1937ع تائين ان عهدي تي رهيو. نازي دور ۾ جيسپرز کي پڙهائڻ کان روڪيو ويو. 1948ع ۾ هن بيسل، سوئيٽزرلينڊ ۾ پروفيسري قبول ڪئي. پنھنجي پهرين ڪتاب ’جنرل سائيڪو پيٿالوجي‘ (1913ع) ۾ جيسپرز سائيڪو ٿراپي جي سائنسي طريقن کي گمراھہ ڪندڙ ۽ بي لچڪ قرار ڏئي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ پنهنجو ڪتاب ‘Psychology of World View’ (1919ع) شايع ڪيو، جنهن ۾ زندگيءَ جي مختلف روپن جو جائزو ورتو ويو. هن جو وڏو ڪم ’فلسفو‘ (1932ع) نالي ڪتاب تصنيف ڪرڻ آهي. جنهن ۾ فلسفي جي تاريخ بابت هن جو نقطہ نظر آهي. هن فلسفي کي فلسفياڻي غور ويچار سان سڃاتو. هن جو هڪ ٻيو اهم ڪتاب ‘Philosophy of Existence’ (1938ع) پڻ آهي. جيسپرز جديد سائنس ۽ جديد معاشي ۽ سياسي ادارن طرفان انساني آباديءَ سان لاڳو خطرن بابت بہ گهڻو ڪجهہ لکيو. هن جي سياسي تحريرن ۾ ‘The Question of German Guilt’ (1946ع) بہ شامل آهي. شروع ۾ نفسيات جي ماهر طور ڪم ڪرڻ دوران جيسپرز ڄاتو تہ مريض جو علاج رڳو هڪ ’ڪيس‘ طور نہ ٿو ڪري سگهجي ۽ نہ ئي ان کي ڪنهن عام قانون جي دائري ۾ رهي ڏسي سگهجي ٿو. جيسپرز جو چوڻ آهي تہ مان سڀني شين جي هستي کان قطعي مختلف آهيان، ڇو تہ ”مان چئي سگهان ٿو تہ مان آهيان. بنا شڪ جي مان پنھنجي وجود جي باري ۾ ڄاڻان ٿو، پر پاڻ کي پنھنجي شعور جو عرضدار نہ ٿو بڻائي سگهان. جڏهن مان ان کي عرضدار جي حيثيت ۾ وٺندو آهيان تہ هڪ خالي انا جو نقطو حاصل ٿيندو آهي، جو انا جي خالي صورت کان سواءِ ڪجهہ بہ ناهي هوندو.
ڪارل جيسپرز جي وجوديت واري فلسفي جون خصوصيتون: هن جي ‘Borderline Situation’ نظريا وڌيڪ واضح آهن. هن جي خيال ۾ وجود جو حقيقي مفهوم انسانن تي شديد صدمي (بيماري، موت، ڏوھہ جي احساس وغيرہ) جي حالتن ۾ پڌرو هوندو آهي. انسان پنھنجي روزمره جي پريشانين جي باري ۾ ۽ حقيقت متعلق سائنسي نظرين کان آزاد ٿي ويندو آهي. هيءُ جرمني جي اهم وجودي فلسفين مان هڪ هو. هن انسان جي شعور ۽ هستي جي حوالي سان ڪائنات جو جواز ۽ تشريح ڪرڻ کي پسند ڪيو. جيسپرز ڪارل ٿيوڊور 1969ع ڌاري وفات ڪئي.“