جيل
جيل: جيل (Jail) لفظ جي معنيٰ آهي: سرڪاري قيدخانو يا بندي خانو. جيل مان مراد اهڙي عمارت يا جاءِ، جتي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ڏوهن جي الزام هيٺ آيل ماڻهن کي سماجي سرگرمين ۽ شخصي آزاديءَ کان الڳ ڪري، مٿن ڏوهن/ ڏوهه جي جاچ لاءِ رکيو وڃي. ٻي معنيٰ ۾ جيل هڪ اهڙي جاءِ هوندو آهي، جتي ڏوهن جي سزا ۽ وارداتن جي جاچ لاءِ ڏوهارين کي رکيو ويندو آهي. ڏوهه ثابت ٿيڻ کان پوءِ، جيل ۾ کين مليل سزا ڪاٽڻي پوندي آهي. جيل اصل ۾ سزا گهر نه هوندا آهن، پر اتي ڏوهارين جي تربيت ۽ تعليم ذريعي اصلاح ڪري کين سماج جا سُٺا شهري بنايو ويندو آهي. جيل ۾ رڳو سماجي ڏوهارين کي نه، پر سياسي قيدين کي به رکيو ويندو آهي ۽ جيل سياسي هٿيار طور به استعمال ٿيندا آهن.
جيلن بابت پهريون ذڪر بائيبل ۾ ملي ٿو. جنهن موجب حضرت يوسف عليه السلام کي مصر جي قيد/ جيل ۾ رکيو ويو هو.
سنڌ ۾ جيلن جي تاريخ پراڻي آهي. ان لاءِ سنڌي زبان ۾ ڪافي اصطلاح موجود آهن. جيئن ڪاٺ ۾ پوڻ، جنم ٽِيپ ملڻ وغيره.
پراڻي زماني ۾ ڏوهارين کي سزا طور ڪاٺ جو ڳرو تختو ڳچيءَ ۾ وجهي سندس هٿ ان تختي سان ٻَڌا ويندا هئا. ميرن جي دور کان سنڌ ۾ جيلن جو چِٽو تصور نظر اچي ٿو. ڪوٽڏجي جي قلعي ۾ ميرن جو جيل ٺهيل آهي. جيل باقاعدي طور انگريز دور کان شروع ٿيا. سنڌ ۾ پراڻي ۾ پراڻو جيل سکر سينٽر جيل آهي، جڏهن ته حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ وڏا سينٽرل جيل ٺهيل آهن، جتي وڏيون سزائون مليل ڏوهاري قيد ڪاٽيندا آهن.
ٻارن جو ’جو ويناٽيل جيل‘ ڪراچيءَ ۾ آهي ۽ عورتن لاءِ به الڳ جيل خانه ٺهيل آهن. انگريز شروع ۾ وڏن ڏوهارين کي سزا طور ڪاري پاڻيءَ جي سزا ڏيندا هئا، ڪاري پاڻيءَ مان مراد جاوا ۽ سوماترا جا ڀڙڀانگ ٻيٽ هئا، جتي قيدين کي رکيو ويندو هو ۽ اتان سندن موٽڻ محال هوندو هو.
پاڪستان ۾ هاڻي هر ضلعي ۾ هڪ ڊسٽرڪٽ جيل موجود آهي، پاڪستان ۾ سياسي قيدين جي حوالي سان جيڪي جيل مشهور رهيا آهن، تن ۾ ڪوٽ لکپت، ساهيوال جيل، اڊيالا جيل لاهور، سکر سينٽرل جيل، حيدرآباد سينٽرل جيل، نارا جيل، ڪراچي جيل، راولپنڊي جيل وغيره شامل آهن. اڪثر موقعن تي ڪن شخصيتن کي سندن گهر اندر نظربند به ڪيو ويندو آهي، جنهن بعد ان گهر کي ’سب جيل‘ قرار ڏنو ويندو آهي.