جيلاني، سيد محمد صالح شاھہ (ثاني ):گهوٽڪيءَ جي موسيٰ شاهي خاندان جي پنجين بزرگ سيد محمد صالح شاھہ ثاني ولد مبارڪ شاھہ جيلانيءَ جي ولادت، جمعي جي ڏينهن جمادي الاول جي مهيني ۾ 1190ھہ/ 1763ع ڌاري گهوٽڪيءَ ۾ ٿي. هيءُ بزرگ سيد محمد صالح شاھہ ثانيءَ جو وڏو پٽ هئڻ سان گڏ مدرس، تدريس جي مسند جو صدر ۽ سجادہ نشين هو. شرافت ۽ نجابت جو مالڪ، علم، عمل، زهد ۽ تقويٰ جو سرچشمو، علم حديث ۽ فقھہ جو وڏو عالم ۽ واعظ هو. هيءُ بزرگ پنھنجي وڏن جي روايت موجب جيلاني بزرگن جي درسگاھہ ۾ درس ۽ تدريس ڏيندو رهيو. سندس دور 1249ھہ/1839ع ۾ کرڙيءَ واري جنگ لڳي. مولوي منٺار ڪتاب ’صحيح اسبطين‘ مان نقل ڪيو تہ: جڏهن انگريز خراسان مان شڪست کائي سنڌ ۾ آيا تہ ان وقت سيد محمد صالح شاھہ جي زبان مان نڪري ويو تہ ’خدا اسان کي انگريزن جي حڪومت نہ ڏيکاريندو‘. انگريز اڃا سنڌ تي پوري طرح مسلط ئي نہ ٿيا هئا تہ هيءُ بزرگ 10 محرم 1249ھہ/ 1843ع تي وفات ڪري ويو. هن بزرگ جو مقبرو گهوٽڪيءَ جي شاهي خانقاھہ ۾ آهي.