جيلاني سيد ڪرم ﷲ شاھہ

جيلاني، سيد ڪرم شاھہ: گهوٽڪيءَ جي جيلاني ساداتن مان سيد ڪرم ولد فيض شاھہ جيلاني پنھنجي وقت جو وڏو عالم ۽ مدرس ٿي گذريو آهي. پنھنجي والد فيض شاھہ کان پوءِ سندس جانشين ٿيو، وڏو پرهيزگار، زاهد ۽ قرآن شريف جو حافظ هو. هن والد جي وفات کان پوءِ جيلاني مدرسي ۾ درس تدريس ۽ پيري مريديءَ جو سلسلو جاري رکيو. هن بزرگ 11 رمضان 1260ھہ مطابق 1844ع تي وفات ڪئي. سندس مقبرو گهوٽڪيءَ جي وڏي خانقاهن ۾ شمار ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو