جيلاني، شيخ عبدالقادر: حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني، 1 رمضان 471ھہ/7 مارچ 1079ع ۾ سيد ابو الصالح جي گهر جيلان ۾ پيدا ٿيو. پاڻ اڃا هوش ئي نہ سنڀاليائين تہ سندس والد جو انتقال ٿي ويو. جنهن کان پوءِ سندس پرورش جي ناني عبدالله موصعيءَ ڪئي. سيد عبدالقادر جيلاني حسني حسيني سيد هو.
شيخ صاحب جو والد سيد ابو صالح بہ هڪ ڪامل ولي هو، جنهن جو لقب ’جنگي دوست‘ هو. سندس والدہ بہ وڏي زاهده هئي. شيخ صاحب جي تربيت سندس ناني سيد عبدالله موصعيءَ ڪئي. ننڍپڻ کان ئي کيس حق گوئي، ايثار، اخوت، خلوص، غريب پروري، صبر ۽ توڪل ۽ زهد ۽ تقويٰ جي تعليم ڏني وئي هئي. جڏهن علم حاصل ڪرڻ لاءِ شيخ صاحب بغداد وڃي رهيا هئا تہ ان وقت سندس والدہ کيس نصيحت ڪئي تہ پُٽ ڪوڙ ڪڏهن بہ نہ ڳالهائجانءِ. ان هدايت سان گڏ کيس سفر لاءِ چاليھہ دينار ڏنائين، جنهن قافلي سان شيخ عبدالقادر هو، ان کي همدان کان ٿورو اڳتي ڌاڙيلن گهيري ورتو ۽ ڦرمار ڪرڻ لڳا. هڪ ڌاڙيل شيخ صاحب کان پڇيو تہ تو وٽ ڇا آهي؟ هن جواب ڏنو تہ مون وٽ چاليھہ دينار آهن، اهو ٻڌي ڌاڙيل چيس تہ ماڻهو تہ پنهنجا پئسا لڪائيندا آهن، تون اسان کي بنا هٻڪ پيو ٻڌائين. شيخ صاحب جواب ڏنو تہ: ”مُنهنجي امڙ مون کي نصيحت ڪئي هئي تہ ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ ڳالهائجانءِ“. اهو ٻڌي سڀ ڌاڙيل پشيمان ٿيا ۽ سندس هٿ تي بيعت ڪيائون.شيخ عبدالقادر جيلاني، علوم اسلاميہ فقہ ۽ تفسير جي اصول وغيرہ مان فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ مجاهيت رياضت ۾ مصروف رکيو. ابن ڪثير لکيو آهي ته، ”شيخ صاحب خليفن، وزيرن، بادشاهن، قاضن ۽ هر خاص ۽ عام کي ’امر بالمعروف ونهي عن المنڪر‘ جي تلقين ڪندو هو.“
شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي زندگي اهل طريقت وارن لاءِ مشعل راھہ آهي. پاڻ ڏينهن رات درس ۽ تدريس ۽ وعظ ۽ نصيحت ۾ گذاريندو هو. اسلام جي هن بابرڪت هستي، 11 ربيع الثاني 561ھہ/ 14 فيبروري 1166ع تي انتقال ڪيو. سندس وفات کان پوءِ مسلمان هر سال 11 ربيع الثاني تي وڏي عقيدتمنديءَ سان خيرات ڪندا آهن، جنهن کي يارهين ڪري سڏيندا آهن.