جيمس آباد: جيمس آباد ضلعي ميرپورخاص جو هڪ تعلقو ۽ شھر رهيو آهي. ميرپورخاص کان 45 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع هيءُ شھر مشھور انگريز جيمس برنس اوڻيهين صديءَ ۾ جوڙايو. 1920ع ۾ هن کي تعلقي جي حيثيت ملي. هن شھر ۾ هڪ ٽائون ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي. روڊ رستي هيءُ شھر ميرپورخاص سان ڳنڍيل آهي. هن وقت جيمس آباد کي سنڌ جي محب وطن سياستدان، غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي نالي ’ڪوٽ غلام محمد ڀرڳڙي‘ سان سڏيو وڃي ٿو. شھر جي ڀرسان ملڪ جو وڏي ۾ وڏو خانگي فروٽ فارم ’ڪاڇيلو فارم‘ پڻ موجود آهي