جيمس لوئيس مينس: جيمس لوئيس مينس، تاريخدان، شاعر، ڪيات، علم نباتات جو ماهر، قديم آثارن جو ماهر ۽ سيلاني ٿي گذريو آهي. عملي زندگيءَ ۾ هي پهرين فوج ۾ سپاهي هو. ملازمت دوران هن کي 14 روپيا هر روز سامان ۽ ڪجهہ سادا ڪپڙا ملندا هئا. هي فوج ڇڏڻ کانپوءِ سيلاني ٿي ويو. جيمس مين جي باري ۾ جواهر لال نهرو پنھنجي هڪ ڪتاب ۾ لکي ٿو تہ: مينس پنهنجو سفر پيرين اگهاڙي ڦاٽل ۽ دز ۾ لٽيل ڪپڙن سان ڪيو. هي افغانستا، ازبڪستان، هندستان جا ڳرا پٽ لتاڙيندو رهيو. هي پاڻ کي آمريڪا جي ڪينٽڪي شھر جو رهاڪو سڏائيندو هو. مينس مختلف قومن، جھڙوڪ افغاني، بلوچ، پنجابي، بروهي، منگول ۽ سنڌين سان پنهنجا ڪلها گسائيندو رهيو. هن انهن قومن جي سياست، تاريخ جاگرافي، نباتات ۽ آثار قديمہ تي تحقيق ڪئي ۽ مختلف مشھور جڳهين جون تصويرون پڻ ڪڍيون. مينس 1829ع ۾ سنڌ ۾ شڪارپور شھر کان تمام گهڻو متاثر ٿيو. هن پنھنجي تحقيق ۾ شڪارپور جي بينڪرن، واپارين ۽ شڪارپور جو ڏکڻ ايشيا ۾ واپار تي پڻ گهڻو ڪجهہ لکيو.