جيمس ينگ سمپسن
جيمس ينگ سمپسن: دنيا جي مشهور ڊاڪٽر سر جيمس ينگ سمپسن، 7 جون 1811ع تي اسڪاٽ لئنڊ جي ننڍي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. هن عملي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو آپريشن کان اڳ بيهوش ڪرڻ لاءِ ڪلوروفارم استعمال ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ڪري، انسان ذات کي درد کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي ۽ عورتن جي بيمارين جا علاج ڳولي لڌا آهن.هن جو ٻاروتڻ سادگيءَ سان گذريو. سندس خاندان ۽ آس پاس جا ماڻهو بيمارين کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ وهمن جي ور چڙهي جانورن جي قرباني ڪندا هئا. هو عام طرح جانورن ۾ وبـائـي بيـمـاريـون پکـڙجـڻ جـي صـورت ۾ جيئريون ڳئون پوري ڇڏيندا هئا. علم نه هئڻ ۽ ڪمزور عقيدي موجب اهو رواج عام هو. انهن ڳالهين جو مٿس ڳوڙهو اثر پيو ۽ هن ۾ حقيقت کي پروڙڻ جا گڻ پيدا ٿيا. هيءُ اسڪول اندر هوشيار ٻار ليکبو هو. سندس والدين مالي طور ڪمزور هئا، ان ڪري هيءُ اسڪول کان واپسيءَ تي پنهنجي والد سان ڪم ۾ هٿ ونڊائيندو هو. چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ کيس ’ايڊنبرا يونيورسٽي‘ ۾ پڙهڻ ڇڏيو ويو، جتي هن ڊاڪٽريءَ جي تعليم ورتي ۽ 21 سالن جي عمر ۾ ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪيائين. سندس اعليٰ قابليت ۽ تحقيق ۾ دلچسپيءَ ڏسي يونيورسٽيءَ ۾ کيس نوڪري ملي وئي ۽ هيءُ پنهنجي استاد ٿامسن جو نائب مقرر ٿيو. 1839ع تي هيءُ ’ايڊنبرا يونيورسٽيءَ‘ ۾ پروفيسر جي اعليٰ عهدي تي فائز ٿيو. ان وقت ماڻهن اندر مذهبي وسوسا سائنسي علاج جي رستي ۾ وڏي رڪاوٽ هئا، پر هن ڪنهن ڳالهه جي پرواهه ڪرڻ بنا انساني ڀلائيءَ جو ڪم جاري رکيو ۽ تجربا ڪندو رهندو هو. هن خاص طور آپريشن کان اڳ مريض کي بيهوش ڪرڻ لاءِ دوا جي تلاش ڪئي ۽ سمورو ڏينهن تجربيگاهه ۾ ڪم ڪندو رهيو ۽ هر شام جو مخصوص ڊاڪٽر دوستن کي گهرائي ساڻن ان موضوع تي بحث مباحثو ڪندو هو. نيٺ هن ’ڪلورو فارم‘ ۾ ماڻهوءَ کي بيهوش ڪري سگهڻ وارو جزو ڳولي لڌو ۽ پوءِ هن ان کي آپريشن کان اڳ مريض کي بيهوش ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. اهڙي ڪارنامي تي انگلينڊ ۾ کيس عزت جي نگاهه ڏٺو ويو. 1847ع ۾ راڻي وڪٽوريا کيس پنهنجو ذاتي ڊاڪٽر مقرر ڪيو. راڻي وڪٽوريا جي ويم وقت به هن ڪلوروفارم استعمال ڪيو. ساڳئي سال ’پئرس اڪيڊمي آف ميڊيسن‘ پاران کيس خطاب ڏنو ويو. 1856ع ۾ فرانس جي ’سائنس اڪيڊميءَ‘ کيس ٻه هزار فرانڪ انعام ڏنو.
هن رَڳن کي ملائڻ جو نئون طريقو به ڳولي لڌو. 1866ع ۾ کيس اعليٰ خدمتن جي موٽ ۾ شهر جو ’امير بيرن‘ بنايو ويو. هيءُ اسڪاٽ لئنڊ جو پهريون پروفيسر ڊاڪٽر هو.
هن جي حياتيءَ ۾ سندس پٽ ۽ ڌيءَ وفات ڪري ويا، جنهن ڏک جي گهري ڪيفيت مٿس مرڻ گهڙيءَ تائين طاري رهي. ان کان پوءِ هيءُ ناچاڪ رهڻ لڳو ۽ نيٺ 6 مئي 1870ع تي وفات ڪري ويو.