
جين فرانڪوئس جيرج
جين فرانڪوئس جيرج (Jean-Francois Jarrige): آثار قديمہ جي هن ماهر جو جنم 5 آگسٽ 1940ع تي ٿيو. ابتدائي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 1961ع ۾ مقامي اداري ايڪول ڊو لووري (Ecole du Lourvre) مان قديم شين جي سنڀال جو علم (Curatorial Course)، 1965ع ڌاري پيرس يونيورسٽي مان (Licence-es-lettre)، 1967ع ۾ cole du Louvre E مان آثار قديمہ جي علم تي ڊپلوما حاصل ڪيائين جڏهن تہ 1966ع ڌاري لائيون يونيورسٽي (University of Lyon) مان سنسڪرت ٻوليءَ تي ڊپلوما ۽ 1971ع ۾ پيرس يونيورسٽي مان اوڀر- ايشيائي آثار قديمہ (Oriental Archaeology) ۾ ڊاڪٽريٽ جي سند حاصل ڪيائين. عملي زندگيءَ جو آغاز 1965ع ۾ سائنسي تحقيق جي قومي ڪائونسل (National Council of C.N.R.S, Scientific Research) ۾ تحقيقي اسسٽنٽ طور ڪيائين، جنهن بعد ترقي ڪندي 1967ع ۾ سينيئر محقق، 1972ع ڌاري تحقيقي ڪمن جو نگران، 1975ع ۾ فرينچ آثار قديمہ جي رٿا موجب پاڪستان جي قديم آثارن تي تحقيق جو سربراھہ، 1985ع جي عرصي دوران (Council of Sceintific Research ‘C.N.R.S’) جو ڊائريڪٽر ۽ 1986ع ۾ گيمٽ (Guimet)، پيرس ۾ موجود ايشيائي فن جي قومي عجائب گهر جو سنڀاليندڙ ۽ سربراھہ مقرر ڪيو ويو.
ازدواجي زندگيءَ ۾ سندس شادي ڪيٿرين جيرج سان ٿي، جنهن مان کيس ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو. آثارِ قديمہ تي تحقيقي سرگرمين جي ابتداء هن 1963ع ۾ قديم آثارن جي ماهر ۽ محقق جي. ايم. ڪيسل (J. M. Casal) جي نگراني ۾ بلوچستان ۾ موجود قديم ماڳ نندو واري (Nindowari) تي کوٽائي سان ڪئي، جيڪا ٻہ- اڍائي سال جاري رهي. ان ڏس ۾ هن ٻي اهم ۽ وسيع پيماني تي کوٽائي 1969ع کان وٺي 1974ع تائين بلوچستان جي تاريخي ماڳن تي ڪندي، پيرڪ جي کوٽائي ۾ حصو ورتو. هي کوٽائي ڪافي عرصو هلي، جنهن مان تحقيق ڪندي نتيجو ڪڍيائين تہ پيرڪ (Pirak) هڪ آباد وسندي رهي آهي. اٺين هزاري ق. م. کان پهرين ق. م. جي آخر تائين هن جي اهم کوٽائي، جنهن کيس دنيا سان روشناس ڪرايو، اها ’مھر ڳڙھہ‘ هئي، جنهن تي هن 1997ع کان 2000ع تائين کوٽائي ڪري ثابت ڪيو تہ مھر ڳڙھہ اوائلي سنڌو تھذيب جو ماڳ 7000 ق. م. ۾ آباد هو ۽ هتان اٿي ماڻهن موهين جي دڙي کي آباد ڪيو. هي ماڳ 7000 ق. م. کان 25000 ق. م. تائين هڪ وسندڙ شھر هو. ان سڄي تحقيقي رٿا ۾ 1963ع کان 2000ع تائين جي طويل عرصي دوران سربراھہ ٿي رهيو، جنهن ۾ 1997ع کان 2000ع تائين مهرڳڙھہ ۾ نئين پاهڻي دور جي کوجنا ۽ کوٽائي پڻ شامل آهي.
بلوچستان جي قديم آثارن تي کوجنا ۽ کوٽائيءَ دوران هن پهريون نمبر پهرين هزاري جي اڌ ۽ اٺين هزاريءَ جي پڇاڙيءَ تائين سنڌو ماٿري جي الهندي سرحدي علائقن ۾ آباد قديم ماڻهن جي زندگي ۽ مشغلن بابت ڪي اهم حقيقتون سامهون آنديون. وچئين پاهڻي دور ۽ نئين پاهڻي دور جي پسمنظر ۾ سندس ڪيل تحقيق سان موهن جي دڙي، هڙپا تھذيب ۽ ٽين صديءَ جي عظيم شهرن متعلق ڪي اهم ثابتيون پيش ڪيون، جيڪي پوءِ مجموعوي طور سنڌو ماٿري تھذيب کي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيون. ان کان علاوہ پاڻ 1986ع کان ميوزي گيمٽ (Musee Guimet) ۽ پيرس ۾ گرانڊ پلائس ۾ هر سال ٽي کان چار قديم آثارن جي نمائش ڪندڙ اداري جي سربراهي ڪري رهيو آهي. پاڻ آثار قديمہ جي ٽولي، نيشنل سائنٽيفڪ ريسرچ ڪائونسل ۽ ميوزي گيمٽ جي گڏيل ٽيم جي وچ بلوچستان، ڏکڻ بلوچستان، افغانستان، تاجڪستان، منگوليه ۽ لائوس (Laos) ۾ کوٽاين دوران سربراهيءَ جا فرض سرانجام ڏيندو رهيو. پاڻ مختلف وقتن ۾ آثار قديمہ جي اهم ۽ ناليوارن ادارن جو ساٿي ڪارڪن ۽ سربراھہ طور خدمتون سرانجام ڏنيون، جيڪي هيٺينءَ ريت آهن:
(1) ايشياٽڪ سوسائٽي پيرس جو فيسلو.
(2) اڪلول فراسيز ڊي ايڪسٽريم اورينٽ جو صلاحڪاري بورڊ جو ميمبر
(3) فرينچ آرڪيالاجي ريسرچ جي صلاحڪاري بورڊ جو چيئرمين.
(4) اڪيڊمي آف فرانس جو 1997ع لاءِ چونڊيل ميمبر.
پاڻ پنھنجي قابليت ۽ آثار قديمہ بابت ڪيل خدمتن عيوض هيٺيان اوارڊ حاصل ڪري چڪو آهي:
• 1987: Sitara-E-Pakistan.
• 1996: Officier De L’ordre Du Merite
• 2001: Officier De La Legion D’honneur.
مھر ڳڙھہ بابت سندس پنھنجي رپورٽ اڃا شايع نہ ٿي آهي، پر مھر ڳڙھہ تي سندس کوٽائيءَ جي روشنيءَ ۾ سنڌ ثقافت کاتي (Mehr Garh) نالي ضخيم ڪتاب انگريزيءَ ۾ ڇپايو آهي.