جين ڌرم

جين ڌرم

جين ڌرم

جين ڌرم: هندستان ۾ هندو ڌرم جي رد عمل ۾ جيڪي ٻہ تحريڪون وجود ۾ آيون، سي ٻڌمت ۽ جين مت جون تحريڪون هيون. ٻُڌ ۽ جين تحريڪن اڳتي هلي، ٻن جُدا جُدا ڌرمن جي صورت اختيار ڪئي، يعني: ٻُڌ ڌرم ۽ جين ڌرم وجود ۾ آيا. جين ڌرم جي تحريڪ، ٻڌ ڌرم جي همعصر تحريڪ آهي، پر اُها ٻڌ ڌرم جي تحريڪ کان ٽيھہ سال پوءِ شروع ٿي. ٻڌ ڌرم هندستان کانسواءِ ٻين ملڪن، جھڙوڪ: چين، جپان، ٿائلينڊ، ٿٻيٽ (Tibet)، برما وغيرہ ۾ بہ پکڙيو. جين ڌرم هند سان گڏ سنڌ جي بہ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتو. سنڌ ۾ جين ڌرم جا آثار ۽ اهڃاڻ، سڀ کان وڌيڪ ٿر واري علائقي ۾ ملن ٿا، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو تہ هيءُ ڌرم ٿر ۾ وڌيڪ ڦهليو آهي. ٿر ۾ جين ڌرم جا آثار ۽ اهڃاڻ اڄ بہ سلامت آهن. پر انهن جو احوال ڏيڻ کان اڳ، جين ڌرم جو تعارف ڏجي ٿو. لفظ ’جين‘، سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ’جينا‘ مان ورتو ويو آهي. سنسڪرت ۾ ’جئہ/ جي‘ جو مطلب آهي فتح ڪرڻ ۽ ’جينا‘ جي معنيٰ فاتح، تنهنڪري جين (Jain) کي ’فاتح‘ يا ’فتح ڪرڻ وارو‘ بہ چئي سگهجي ٿو. ٻين لفظن ۾ اهڙو شخص، جنهن پنھنجي پاڻ کي وس ۾ ڪيو ۽ ڇوٽڪارو يا نجات حاصل ڪئي هجي. مهاوير، جنهن کي ورڌمان/ ورڌمن بہ سڏيو وڃي ٿو ۽ جيڪو جين مت جو چوويهون روحاني پيشوا/ تيرٿنڪر آهي، ان کي ’جين ازم جو ابو‘ سڏيو وڃي ٿو. سندس جنم 599 ق. م ڌاري چتراڪما ۾ ٿيو، جنهن جو نئون نالو اڄڪلھہ ’چتراڪوٽ‘ آهي، جيڪو ڀارت جي مشھور شھر ’الھہ آباد‘ کان 72 ڪلوميٽر اولھہ طرف آهي. ورڌمان ننڍپڻ ۾ ئي فاني پڻي کي محسوس ڪري ورتو ۽ 30 ورهين جي ڄمار ۾ اوتار بنجي ويو. کيس اندر جي روشني عطا ٿي، ۽ ان وقت کان وٺي ماڻهن ۾ هن عقيدي جي پرچار شروع ٿي. مهاوير جو انتقال ويشالي جي ڳوٺ پاوا (موجودہ بھار) ۾ 72 سالن جي عمر ۾، 527 ق. م جي وچ ڌاري ٿيو. جين ڌرم جا ڪل 24 اوتار يا روحاني پيشوا ٿي گذريا آهن: (1) رشڀ ناٿ، (2) اجيت ناٿ، (3) ساميو، (4) اڀينندن، (5) سمتي، (6) پدم پرڀا، (7) سپر سٿو، (8) چندر پرڀا، (9) پشپ دلت، (10) سيتل، (11) شر انشناٿ، (12) واسو پوجيه، (13) ومل، (14) اننت، (15) ڌرم ناٿ، (16) شانتي، (17) ڪنٿو، (18) ارا، (19) مـلـي، (20) مـنـي، (21) سـورت، (22) نـيـمـي، (23) پـارسـونـاٿ، ۽ (24) ورڌمان (مهاوير). جين مت مان مراد آهي تہ جنهن پنھنجي حواسن ۽ نفساني خواهشن کي فتح ڪيو، ان ڄڻ سڄي دنيا تي سوڀ ماڻي. مهاوير جو چوڻ هو تہ انسان بہ غيب جو علم ڄاڻي سگهي ٿو. جيئن پيدا ڪرڻ وارو ڄاڻي ٿو، پر ان لاءِ کيس پنھنجي نفساني خواهشن کي وس ۾ ڪرڻو پوندو. جين ڌرم ۾ سڀني ساھہ وارن جي تعظيم ڪئي ويندي آهي. جينين جي متي موجب ڪنهن بہ ساھہ واري شيءِ کي ايذائڻو ناهي ۽ امن قائم رکڻو آهي. مهاوير بنيادي جين ڌرم تي زور ڏنو آهي، جيڪو پنجن قسمن ۽ ٻاويهن پابندين تي ٻڌل آهي. اهنسا (Non Violence) کي مقبول ڪرڻ سندس اهم ترين ڪارنامو آهي، ان اصول جي بنياد تي هن جيني ڀڪشوئن ۽ گهر گِرهستين لاءِ جيڪو اخلاقي ضابطو مقرر ڪيو، اهو پنجن قسمن جو هو: گيان يا علم جو نظريو، (2) جين مابعدالطبيعات، (3) جين اخلاقيات، (4) جين پڃ (نيڪي)، (5) جين ڌرم.
جين فلسفي موجب زندہ ۽ غير زندھہ شيون هڪ ٻئي سان واسطي ۾ اچڻ تي مخصوص توانائيون پيدا ڪنديون آهن، جيڪي ڄمڻ، مرڻ ۽ زندگيءَ جا مختلف تجربا بنجي وينديون آهن. جين ڌرم برابريءَ جي طرز عمل تي گهڻو زور ڏئي ٿو. سموريون جيني رسمون داخلي ۽ خارجي اهنسا جي چوڌاري بيٺل آهن، اهنسا کي لاڳو ڪرڻ ۽ واضح ڪرڻ لاءِ جين ڌرم هيٺين ڳالهين کي تشڪيل ڏني. (1) آتمائن جي ڄاڻ، (2) ڪرم يا عمل جي ڄاڻ، (3) رويي جي ڄاڻ، (4) ڪائنات (لوڪ) جي ڄاڻ، جين ڌرم جي متي گذريل ڪم (عمل) ۽ گناهن جي پراسچت (ڪفاري) ادا ڪرڻ کان آزادي حاصل ڪرڻ خاطر سخت تپسيائين (رياضتن) کي وڏي اهميت ڏني. آواگون يا ٻي جوڻ کان بچڻ لاءِ جسماني تڪليف ۽ اهنسا تي زور ڏنو، ڇو تہ سندن متي موجب جنم جو چڪر گناھہ ۽ دُک جو ڪارڻ آهي. ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم جي پيدائش هندو ڌرم ۽ برهمڻي ۽ پروهتاڻي ڏاڍ ۽ جبر خلاف ردعمل ۾ ٿي. جين ڌرم ٻن اهم فرقن ۾ ورهايل آهي: (1) سويتامبر، (2) ڊگامبر. سويتامبر اڻ سبيل لباس پهريندا آهن ۽ ڊگامبر ننگا رهندا آهن. سويتامبر، جواهرن، سون ۽ چانديءَ سان سينگاريل بتن جي پوڄا ڪندا آهن. سويتامبر فرقي ۾ اوسواڙ واڻيا (اوسواڙ بنيا) مشھور آهن. هن فرقي جو ڪو بہ ماڻهو مذهبي پيشوا ٿيڻ کان اڳ ڪنهن ٻئي مذهبي پيشوا سان گڏ رهندو آهي ۽ پوءِ ڪنهن خاص ڏينهن تي سڀني پاڙيسرين کي گڏ ڪري، نئين ٿيندڙ مذهبي پيشوا کي گهوٽ وانگر تيار ڪري، کيس تيل ۽ هئيڊ هڻي وهنجاري، ڪپڙا پهرائي، هاٿيءَ تي ويهاري شھر جو چڪر لڳارائي عبادتگاھہ آندو ويندو آهي، جتي گرو سندس مٿو ڪوڙي کيس مذهبي پيشوا وارو لباس پهرائيندو آهي ۽ کانئس ڌرمي ڳالهين تي هلڻ جو قسم کڻائيندو آهي. ڊگامبر فرقو ننگن بتن جي پوڄا ڪندو آهي. سندن خاص عبادتگاهن جا پيشوا بہ ننگا رهندا آهن. هن فرقي وٽ سال جا اٺ مهينا مقدس تسليم ڪيا ويندا آهن، جن ڏينهن ۾ روزا رکيا ويندا آهن ۽ اهي سال ۾ ٽي ڀيرا يعني هر چوٿين مهيني ۾ رکيا ويندا آهن، جن کي آساڙ (آکاڙ)، ڪارتڪا (ڪارتڪ/ ڪتي) ۽ فالگن (ڦڳڻ) سڏيو ويندو آهي. سندن ٻيا ڏھہ ڏينهن بہ ٿين ٿا، جن کي ’داس لڪشڻي‘ چوندا آهن، جن ۾ بہ هو روزا رکندا آهن. هي فرقو وڌيڪ ٻن حصن، (1) تيرا پنٿي (Tera-Panthi) ۽ (2) بِس پنٿي (Bis-Panthi) ۾ ورهايل آهي. تيرا پنٿي ننگن بتن کي ڪپرا پهرائي، سندن سامهون ميڻ بتيون ٻاري عبادت ڪندا آهن، پر انهن آڏو گل ۽ تازا ميوا رکڻ کي گناھہ سمجهندا آهن، جڏهن تہ بس پنٿي، ننگن بتن کي ڪپڙا نہ پارائيندا آهن، بيهي عبادت ڪندا آهن. ميڻ بتيون نہ ٻاريندا آهن، پر بتن آڏو گل ۽ ميوا رکڻ ثواب سمجهندا آهن. جين ڌرم جي آخري تيرٿنڪر مهاوير جي قولن ۽ چوڻين کي لکت ۾ آندو ويو ۽ ياد ڪيو ويو. جينين جي اصلوڪن صحيفن يا ڌرمي ڪتابن کي ’پورَوَ‘ يا ’انگ‘ چيو ويندو آهي. پوروَن جو تعداد 14 آهي، جيڪي ناياب آهن. جين ادب ۾ 14 انگ، 12 ايانگ، 10 پاڪنڪا، 4 مولسُوتر ۽ ٻہ ٻيا سُوتر شامل آهن. جين ڌرم جو مکيہ مندر(Centre of Jainism) هندستان جي بِهار علائقي ۾ آهي، جتي بِهار جي راجا جو پٽ ورڌمان، مهاوير جي نالي سان مشھور ٿيو. سنڌ ۾ بہ ننگرپارڪر واري علائقي ۾ جينين جا مندر موجود آهن، جن مان گوڙيءَ جو مندر مشھور آهي. ان کان سواءِ ننگرپارڪر توڙي اترئين پاسي ڀوڏيسر ۽ ويراواھہ ۾ بہ جيني مندر موجود آهن، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ بہ جينين جو وڏو تعداد موجود هو. جين ڌرم سان واسطيدار ماڻهو سڀ کان وڌيڪ ڀارت ۾ موجود آهن. مهاراشٽر، راجستان، مڌيا پرديش، گجرات، ڪرناٽڪا، اتر پرديش، دهلي ۽ تامل ناڊو ۾ لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ جيني رهن ٿا. آمريڪا ۾ ٻہ لک جيني موجو دآهن.


لفظ جين ڌرمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو