جيوترام ويڙهومل مٽائي

جيوترام ويڙهومل مٽائي: ٺارو شاھہ جي مٽائي هندن جي پاڙي مان جيوترام ويڙهو مل صوفي ۽ درويش صفت انسان 1885ع ڌاري ڄائو هو. شروعات ۾ حيدرآباد جي نو ودياليه اسڪول ۾ ماستر ٿيو. جتي سيد قطب علي شاھہ جھانيان واري سان قرب ٿيس، جنهن سندس روح کي رڱي وڌو. هيءُ طالب علميءَ واري وقت کان وٺي سائين قطب شاھہ جي خدمت ۾ رهندو هو ۽ اتي فيض حاصل ڪندو رهيو. 1914ع ۾ ’هڪ لڪل لعل‘ نالي سنڌيءَ ۾ ڪتاب شايع ڪرايائين، جنهن ۾ جھانيان خاندان جي هڪ بزرگ سيد مير غلام عباس شاھہ ولد سيد روشن علي شاھہ جي سوانح حيات ۽ سندس اقوال زرين لکي پنھنجي عقيدت جو اظهار ڪيائين. جيوترام 21 آگسٽ 1914ع تي 74 ورهين جي ڄمار ۾ ٽنڊي جھانيان ۾ لاڏاڻو ڪيو. صوفي قطب علي شاھہ جيوترام لاءِ هيٺيون بيت چيو:
ســدا هـجـيــن جـيـئرو، جـيـئن جيتارام،
وڏي هجيئي حياتي، سدا هجين سان نام،
پيهـي ڏس پـاڻ، تـه انـدر ۾ اثبات ٿيئي.
اڳتي هلي سندس فرزند ويسو مل جيوترام (وي. جي مٽائيءَ) ’جھانيان خاندان‘ تي ڪتاب لکيو، جنهن جا انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ٻہ ڇاپا ڇپايا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو