جـيوڻـي ٻائـي
جـيوڻـي ٻائـي: جـيـوڻي ٻائي ڌيءَ ڦڪـو گـرگلـو، 22 جنوري 1901ع تي ھندستان جي راجپوتانا رياست جي ’ڀيلواڙ‘ علائقي ۾ ڄائي. سندس اصل نالو جيدي/ جيوي ھو، پر جيوڻي ٻائيءَ جي نالي سان سنڌ ھند ۾ مشھور ٿي. سندس ماءُ جو نالو ماڻڪي هو. جيـوڻيءَ جا والدين پن تي گذران ڪندا ھئا. ھوءَ جڏھن ستن اٺن سالن جي ٿي تھ ٻين ڇوڪرين سان گڏجي در در تي سئن ھڻي ڳيچ ڳائيندي ھئي. 1918ع ۾ ڦڪو پنھنجي وطن کي ڇڏي ملتان وڃي ويٺو، جتي جيوڻيءَ جي ملاقات مشھور راڳي امير خان'>استاد امير خان سان ٿي، جنهن جيوڻي ٻائيءَ کي رئو پارائي، پنھنجي ڌيءَ بنائي، کيس راڳ جي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. ڦڪي جو سڄو خاندان امير خان'>استاد امير خان جي قرب ۽ صحبت ۾ ھڪ ڏينھن ساڻس گڏجي حضرت شمس سبزواري جي متوليءَ جي ھٿ تي مسلمان ٿيو. ان بعد ڦڪو فتح محمد ٿي ويو ۽ جيوڻي در در تي وڃي خيرات وٺڻ بند ڪئي ۽ امير خان'>استاد امير خان جي معرفت ميلن ملاکڙن ۽ محفلن ۾ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪندي، فني منزلون طئي ڪندي رھي. ملتان کان ڪراچيءَ تائين کيس راڳ جون دعوتون ملڻ لڳيون. ھڪ دفعي شاھھ ڪريم بلڙيءَ واري جي ميلي تي سندس ملاقات سنڌ جي مشھور راڳي استاد خير محمد خان سان ٿي. ان کان پوءِ جيوڻي استاد خير محمد خان جي صحبت ۾ ملتان ڇڏي اچي حيدرآباد ۾ رھائش پذير ٿي ۽ استاد خير محمد خان کان راڳ ۽ سنڌي ڪافي ڳائڻ جي سکيا ورتي. پوءِ تھ سڄيءَ سنڌ ۾سندس آواز گونجڻ لڳو، ھوءَ سنڌ جي ھر ميلي ۾ استاد خير محمد خان سان گڏ ھوندي ھئي. ھڪ ڀيري شاھھ قادريءَ جي ميلي تي استاد بيبو خان، استاد خير محمد خان، سيد قاسم علي شاھھ، ڀورو سک، ماسٽر چندر ۽ ٻيا مشھور فنڪار اچي شامل ٿيا. سندس آواز ٻڌي ماسٽر چندر گهڻو متاثر ٿيو ۽ مھاراج ترسي داس کي چيائين تھ جيوڻيءَ کي ڪراچي وٺي اچ تھ جيئن سندس آواز رڪارڊ ڪرايون. مھاراج ترسي داس جيوڻيءَ کي ڪراچيءَ وٺي ويو، ماسٽر چندر کيس رڪارڊنگ بابت سکيا ڏني. ڪمار خان جي موسيقيءَ ۾ جيوڻي ٻائيءَ جي آواز ۾ پھريون ڪلام انجنيئر لال چند رڪارڊ ڪيو. جيوڻي پاڻ بھ شاعره ھئي، تنھنڪري ٻھ ٽي رڪارڊ پنھنجن ڪلامن جا بھ رڪارڊ ڪيا. ان کان سواءِ ھوءَ حاجي شاھھ ۽ پرسرام ضياءَ جا ڪلام ڳائيندي ھئي. جيوڻي ٻائي 1928ع ۾، راڻيپور جي بزرگ سيد صالح شاھھ جي مريدياڻي ٿي. ھن ئي بزرگ سندس نالو جيدي/ جيوي مان بدلائي ’جيوڻي ٻائي‘ رکيو ھو. جيوڻي حيدرآباد جي ھڪ عالم الله بخش نوناريءَ کان قرآن شريف ۽ ديني تعليم حاصل ڪئي. 1932ع ۾ ھن نواب ماڪا نالي سان شادي ڪئي، پر کيس ڪو بھ اولاد نھ ٿيو. ھن پنھنجي وقت ۾ ايترو تھ نالو پيدا ڪيو، جو آل انڊيا ڪانفرنس ۾ تيرھن سالن تائين سنڌ جي نمائندگي ڪئي. جيوڻي ٻائي ھز ماسٽرس وائس گراموفون رڪارڊ ڪمپنيءَ ۾ سئو کان وڌيڪ گراموفون رڪارڊ ڀرايا، جيڪي سڀ جا سڀ مقبول ٿيا. اھو ئي سبب ھو، جو ھن ڪمپنيءَ وارن ساڻس ھڪ شاندار جشن ملهايو، جنھن ۾ ڪمپنيءَ جو ساڍن ڏھن تولن جو سونو مونوگرام کيس اوارڊ طور ڏنو ويو. سندس آواز ۾ ريڊيي پاڪستان تان رڪارڊ اڄ تائين نشر ٿيندا رھندا آھن، جن ۾ ’قابو ڪوٽن ۾‘ ۽ ’بي درد جي اقرار ۾ ھر گز نھ سچائي آ‘ جھڙا ڪلام ٻڌي، جيوڻيءَ جي ياد تازي ٿيو وڃي. جيوڻي ٻائي ڪوٽڙيءَ ۾ هڪ پروگرام مان واپس حيدرآباد ريلوي اسٽيشن پھچڻ شرط دل جي دوري سبب 5 جون 1942ع تي وفات ڪئي.
1901.01.22 عيسوي
جـيـوڻي ٻائي ڌيءَ ڦڪـو گـرگلـو، 22 جنوري 1901ع ۾ هندستان جي راجپوتانا علائقي جي ’ڀيلواڙ‘ رياست ۾ ڄائي. سندس اصل نالو جيدي هو، پر جيوڻي ٻائيءَ جي نالي سان سنڌ هند ۾ مشهور ٿي.