جيوڻ شاھہ جو مقام: هيءُ ڪلهوڙا دور جو قديمي قبرستان، ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ خانواهڻ جي اتر اوڀر ۾ واقع آهي ۽ وڏي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. هن مقام ۾ ڪيترائي مقبرا ۽ قبرون آهن، جن جي اڏاوت شاندار ۽ قديمي اڏاوتن جو ڏيک ڏئي ٿي. هن مقام ۾ ٻلهڙي جو مقبرو، ڌامراھہ جو مقبرو ۽ ميرڻ شاه جو مقبرو بہ موجود آهي. ميرڻ شاھہ لاءِ عام روايت آهي تہ هيءُ دين محمد ڪلهوڙي جو خاص ماڻهو هو. [حوالو: قديم آثارن جي ڊائريڪٽري].