جيوڻ شاھہ سيد

جيوڻ شاھہ، سيد: سيد جيوڻ شاھہ ولد سيد نجب علي شاھہ 1295ھہ/ 1878ع ۾ دادوءَ ۾ جنم ورتو. سيد جيوڻ شاھہ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم مولوي محمد ابراهيم عباسي سيالن واري کان ورتي، شاھہ صاحب صلوات جو پابند ۽ متقي هو. جڏهن تُرڪيءَ تي انگريزن قبضو ڪيو تہ هن انگريزن خلاف تحريڪ ۾ حصو ورتو. ساڻس گڏ محمد هاشم سومرو، وڏيرو الھہ بچايو ميمڻ، محمد رمضان ميربحر ۽ ٻيا ڪيترائي ساٿي شامل هئا. سيد جيوڻ شاھہ مسجدن ۾ وڃي واعظ ڪندو ۽ تلقين ڪندو هو تہ انگريزن مان جان ڪيئن ڇڏائجي. هن چندا گڏ ڪري حسن علي آفنديءَ جي معرفت ترڪيءَ جي مالي مدد لاءِ موڪليا. سيد جيوڻ شاھہ دادو ضلعي جي قيام لاءِ ڪوششون ورتيون. سيد جيوڻ شاھہ هڪ عاليشان مسجد بہ ٺهرائي، جيڪا اڄ بہ جيوڻ شاھہ مسجد جي نالي سان سڏجي ٿي، سيد جيوڻ شاھہ 1361ھہ/ 1942ع ۾ وفات ڪئي ۽ کيس جيوڻ شاھہ مسجد جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو