جيوڻ ملڪ

جيوڻ ملڪ: جيوڻ ملڪ، اورنگزيب دور جو اهم ڪردار آهي. عالمگير اورنگزيب جڏهن پنھنجي پيءُ شاھجھان کي بيماريءَ جي حالت ۾ گرفتار ۽ قيد ڪري پاڻ تخت ويٺو، تڏهن سندن ان شرمناڪ ۽ حرڪت خلاف داراشڪوه انقلاب جو نعرو بلند ڪيو. اورنگزيب عالمگير ۽ دارا شڪوہ جي وچ ۾ ٻہ جنگيون لڳيون پر ٻنهي جنگين هارائڻ کان پوءِ دارا اجمير کان نڪري سنڌ آيو ۽ اتان سيوي پهتو، جتي کيس ملڪ جيوڻ پناه ڏني اتي ئي دارا جي زال نادرہ بيگم مري وئي، جنهن جو لاش هن خواجہ مقبول هٿان سيويءَ مان ميان مير سنڌيءَ جي قبرستان ۾ دفنائڻ لاءِ لاهور روانو ڪيو هو.اورنگزيب تاج ۽ تخت جي حوس ۾ ايترو تہ انڌو ٿي چڪو هو، جو نہ کيس والدين جو احساس رهيو ۽ نہ ڀائرن ۽ ڀيڻن جو. هن دارا جي گرفتاريءَ لاءِ وڏن انعامن ۽ منصبن جو اعلان ڪيو، ان ڪري دارا ملڪ جيوڻ جي گهر مان نڪري بولان طرف روانو ٿيو. بولان پهچڻ تي اورنگزيب طرفان آڇيل لالچ ۾ انڌو ٿي ملڪ جيوڻ دارا کي گرفتار ڪري بھادر خان جي حوالي ڪيو ۽ عالمگير کي خط ۾ اها ڳالھہ لکي موڪليائين.
ملڪ جيوڻ بابت پير سيد حسام الدين راشدي مڪلي نامي جي حاشين ۾ لکي ٿو ته، ”ملڪ جيوڻ کي سندس غداريءَ سبب عالمگير جي درٻار مان هڪ هزاري منصب ۽ ’بختيار خان‘ جو لقب مليو. ان تي ملڪ جيوڻ تمام گهڻو خوش هو، پر عوام مٿس سخت ناراض هو. ملڪ جيوڻ اهي منصب ملڻ کان پوءِ درٻاري لباس پائي، افغان سوارن سميت درٻار ڏانهن ويندي جيئن ئي بازار مان لنگهيو تہ ماڻهن جي انبوھہ مٿس ڦٽڪار ڪئي. ڇتين تان عورتن پٿر، ٺڪر ۽ موچڙا مٿس اڇلايا. ماڻهن جي حملي ۾ ڪيترا افغان مري ويا ۽ ملڪ جيوڻ زخمي ٿي ڪري پيو، بروقت سرڪاري فوج پهچي وئي، جنهن وڏيءَ مشڪل سان ملڪ جيوڻ کي کڻي حفاظت واري جاءِ تي رسايو. جيوڻ جي حياتي تہ بچي وئي پر دارا شڪوہ جي قاتلن ۽ جيوڻ تي عوام جي ڦٽڪار برقرار رهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو