جيٽرو فا جهنگلي هيرڻ

جيٽرو فا - جهنگلي هيرڻ Jatropha: جيٽرو فا جو تعلق هيرڻ جي خاندان سان آهي. جنهن کي بيد مجنون ۽ جهنگلي هيرڻ بہ سڏين ٿا. جيٽرو وفا جو اصل وطن ڏکڻ آمريڪا ۽ آفريڪا آهي. سنڌ ۾ گرم يا خشڪ آبهوائي حالتن سبب هي فصل ڪاميابي سان پوکي سگهجي ٿو. هن ٻوٽي جو گهڻو استعمال مختلف صنعتن ۽ دوائن لاءِ ٿئي ٿو. هن جي ٻجن ۾ 37 سيڪڙو تيل ٿئي ٿو، جيڪو ٻارڻ Fuel جي بہ ڪم اچي ٿو. جڏهن تہ جيٽرووفا آئل اڄ ڪلھہ ڪجهہ گهٽ ٻارڻ جي وسائل رکندڙ ملڪن ۾ ٻارڻ تيل جو هڪ اهم ذريعو آهي. هن جو تيل دونهي بغير شعلو ڪڍي ٿو. تنهن ڪري ڊيزل انجڻ لاءِ ٻارڻ مهيا ڪرڻ جي اهل آهي. هن جي کڙ پريس ڪيڪ Press Cake هڪ زرعي نامياري ڀاڻ آهي. هن ٻوٽي مان کير جهڙو مادو ملي ٿو. جيڪو ڪينسر خلاف اثرات رکي ٿو. هن جا پن ۽ جيت مار ڪيميائي جزا رکن ٿا. ان سان گڏ خارش اڌ رنگ، ريح ۽ سخت ڳوڙهن جي بيمارين ۾ هن مان دوا ٺاهي وڃي ٿي. هن جا ٻج ڪوڙھہ، اڌ رنگي ۽ کل جي مرض لاءِ بهتر آهن. جيٽرو وفا جو تيل جلاب جي خاصيت رکي ٿو. ڪجهہ ملڪن جھڙوڪ: جاوا ۾ جيٽرو وفا جو تيل وارن جي واڌ تيز ڪرڻ لاءِ ڪم اچي ٿو. هيءُ تيل جانورن جي ڦٽن لاءِ بہ علاج طور ڪم آڻجي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو