جيڪب آباد شهر جو ڏيک
وڪٽوريا ٽاور جيڪب آباد
جيڪب آباد: جيڪب آباد، تعلقي ۽ ضلعي جو هيڊڪوارٽر 680 27’’ 05’ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 280 27’’ 05’ اتر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. هي شهر ريل توڙي رستن ذريعي سڄي ملڪ سان ڳنڍيل آهي. انگريز راڄ دوران هي شهر بمبئي پريزيڊنسيءَ سان ڳنڍيل هو. اڳ ۾ هي شهر خانڳڙهه جي نالي سان سڏبو هو. هي شهر سخت گرميءَ سبب به گهڻو مشهور آهي، جو هتي اونهاري ۾ سخت گرمي سبب گرمي پد 540C تائين به پهتو آهي. 1847ع ۾ هن شهر جو خانڳڙهه مان نالو بدلائي جنرل جان جيڪب جي نالي پويان جيڪب آباد رکيو ويو. جان جيڪب هن شهر ۾ منتظم طور 1847ع کان 1858ع تائين رهيو ۽ هتي ئي وفات ڪيائين. سندس قبر به هتي آهي. جان جيڪب جو يادگار وڪٽوريا ٽاور اڃا به جيڪب آباد ۾ موجود آهي. جيڪب آباد کي پنهنجو هوائي اڏو آهي. هي شهر ڪراچيءَ کان ٽي سو ميل اتر ۾، قنڌار کان 300 ميل ڏکڻ اوڀر ۾ آهي. هي شهر سنڌ- بلوچستان جو سرحدي شهر چئي سگهجي ٿو. هن وقت هتي آمريڪي فوج طرفان شهباز ايئربيس نالي فوجي هوائي اڏو قائم ٿيل آهي. جيڪو افغانستان ۽ طالبان لاءِ ٿيندڙ ڪاررواين ۾ موثر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هي اڏو 11 سيپٽمبر 2001ع تي آمريڪا جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي ٿيل دهشت گرد حملي کان پوءِ ترت قائم ڪيو ويو هو.هر سال جنوري مهيني ۾ هتي وڏو جانورن جو ميلو (Cattle Show) لڳندو آهي. جنهن ۾ جانورن جو گهڻي تعداد ۾ واپار ٿيندو آهي. هتي ڪيترائي قبيلا رهن ٿا. جن مان عباسي، ســومـــرا، مـنـدواڻـي، بگٽـي، رنـد، ٿهـيم، ڪـيـهـر، پيـچـوهـا، پـنـهـيـار، بنـگلاڻي، سنـدراڻي، انــڙ، ابـڙا، اوڍا، ڀيا، کوسا، مڱريا، جکراڻي، جاگيراڻي، مري، گبول ۽ سرڪي وغيره اهميت رکن ٿا. هن شهر جو پاڪستان ۽ سنڌ جي سياست تي گهرو اثر رهيو آهي. هن وقت به اعجاز علي خان جکراڻي مرڪزي وزير طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. جڏهن ته الاهي بخش سومرو پاڪستان جي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر رهي چڪو آهي. سنڌ جي وزيراعليٰ طور شهيد الاهي بخش سومرو هڪ مدبر، ناظم، قوم پرست سياستدان ٿي گذريو آهي. ان کان سواءِ ميان محمد سومرو، سنڌ جو گورنر، چيئرمئن سينيٽ ۽ پاڪستان جي وقتي صدر طور به خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. جسٽس رٽائرڊ عبدالرزاق ٿهيم (مرحوم)، سردار منظور خان پنهور، سهراب خان سرڪي ۽ حاجي امام بخش ڪيهر (مرحوم) ۽ ٻين سياسي ميدان ۾ پاڻ ملهايو اٿن.
برصغير جي جاگرافيائي بيهڪ کي ڏٺو وڃي ته وچ ايشيا ۽ اولهه ايشيا کان برصغير پاڪ و هند ۾ داخل ٿيڻ جا ٻه رستا آهن: هڪ خيبر لڪ کان ۽ ٻيو بلوچستان کان. بلوچستان کان سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٻن لڪن کان اچ وڃ رهي آهي. ’بولان لڪ‘ ۽ ٻيو ’مولا لڪ‘. ’بولان لڪ‘ واري سڙڪ موجوده جيڪب آباد وٽان لنگهي شڪارپور شهر جي ٿورو پريان ٿيندي، موجوده ڳوٺ لکي يا ماڙي وٽ پهچندي هئي. ٻيو رستو ’مولا لڪ‘ کان نڪرندو هو. اهو جيڪب آباد ضلعي جي ڳڙهي خيري تعلقي مان لنگهي لاڙڪاڻي ضلعي جي قديم شهر ’جهڪر جو دڙو‘ کان ٿيندو موجوده شهر باڊهه سان ملندو هو. عالمن جو رايو آهي ته هيءُ شهر ٻه هزار قبل مسيح کان وٺي 800 ق. م تائين لاڳيتو آباد رهيو آهي ۽ تهذيبي ترقيءَ جي مختلف دورن مان گذريو آهي. جيڪب آباد ضلعو واپاري قافلن جي اچ وڃ جو ذريعو ۽ ٻاهرين قومن جو گذرگاهه رهيو آهي. آثار ۽ اهڃاڻ ٻڌائين ٿا ته موهن جي دڙي واري تهذيب جي ابتدائي زماني ۾ قديم ’بابل‘ ۽ ’ار‘ شهر جون قومون هتي آيون ۽ سنڌ جي ڪن هنڌن تي شهر آباد ڪري ويهي رهيون. اهي قومون ٽي هزار سال ق.م ۾ هتي پهتيون. هنن پنهنجي رهائش لاءِ جيڪي نوان شهر آباد ڪيا انهن جي پويان وطن جي يادگار طور ’ار‘ پڇاڙي ۾ ڳنڍيائون، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ’شهر‘ ۾ جيڪب آباد ضلعي ۾ ’ڪشمور‘ شهر ان ڳالهه جي توثيق ڪري ٿو. اهڙيءَ نوعيت جا ٻيا شهر لهور، جهڪر، سکر وغيره. ملن ٿا. ايران جي بادشاهه دارا اول جون فوجون 480 ق.م ۾ هن رستي سان جيڪب آباد واري علائقي مان لنگهي سنڌ ۾ آيون هيون. 3300 ق. م ڌاري سڪندر مقدوني به هن ئي رستي تان لنگهيو. اهي اڇي چمڙي وارا هئا. ان ڪري يورپ وارا کين ’ساڪياسائيز‘ سڏين ٿا. سومرن ۽ سمن جي ڏينهن ۾ بلوچ قومون سنڌ ۾ اچڻ شروع ٿيون. خاص طور سان جيڪب آباد واري علائقي ۾ بلوچ وڏي تعداد ۾ ايندا ويا. جيڪب آباد واري علائقي ۾ بلوچ قبيلن جو تعداد وڌندو رهيو، جو انگريزن جي زماني ۾ ويهين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي ۾ بلوچستان جي آباديءَ جي شرح ضـلـعــي جــي آدمـشـمـاري جـو ٻه ڀاڱي پنجون حصو هو. انهيءَ نسبت سان هن علائقي جو مک بلوچ قبيلو ’بڙدي‘ ليکيو ويندو هو. انهيءَ نسبت سان هن علائقي کي ’بڙيدا‘ به سڏيو ويندو هو. انهيءَ کان سواءِ هت ٻيا بلوچ قبيلا به آباد آهن. جيئن رند، کوسا، ڊومڪي، جمالي، لاشاري، سهرياڻي وغيره. ٽالپرن جي زماني ۾ هي ءُعلائقو ٽالپر حڪومت جي حدن ۾ هو ۽ ٽالپرن جي آخري دور 1839ع ڌاري انگريزن خيرپور جي ميرن کان اجازت وٺي بکر ۽ سکر ۾ فوجي ڇانوڻيون قائم ڪيون. ان کان پوءِ انگريزن جون فوجون شڪارپور ۽ جيڪب آباد واري علائقي مان لنگهي اڳتي وڃي پڙاءُ وجهنديون هيون . انگريزن کي معلوم ٿيو ته ويڙهاڪ بلوچ ’خان ڳڙهه‘ واري ڪوٽ ۾ اچي پناهه وٺـن ٿا. انهيءَ ڪري هنن خانڳڙهه تي حملو ڪيو. سنڌ تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ جنوري 1847ع ڌاري سنڌ جي ڪمشنر ’جنرل جان جيڪب‘ کي حڪم ڪيو ته هو ’خانڳڙهه‘ ۾ وڃي هيڊ ڪوارٽر قائم ڪري، جتان هو بگٽين ۽ ٻين بلوچ قومن جي حملن کي روڪي سگهجي. جان جيڪب پنهنجي حڪمت عملي سان اتي امن قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. جان جيڪب خــانـڳــڙهـه کــي سـڌاري وڌائـي ۽ پنهنجو هيڊڪوارٽر بڻايو. ان کان پوءِ خــانـڳــڙهـه کــي ’جيڪب آباد‘ جو نالو مليو ۽ ضلعو به انهيءَ نالي سان مشهور ٿيو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو ڪمشنر مسٽر ’پرنگل‘ هو. انگريزن جڏهن ڪوئيٽا تي قبضو ڪيو ته جيڪب آباد ۾ قائم ڪيل فوجي ڇانوڻيءَ جي حيثيت گهٽجڻ لڳي. آخر ڪيترا سال انگريز آرميءَ جي فقط هڪ ريجمينٽ جيڪب آباد ۾ رهندي آئي. 1914ع ڌاري اها به ختم ڪري ٻئي هنڌ رکي وئي. البت جيڪب آباد شهر ترقي ڪندو رهيو. ضلعي ٿيڻ کان پوءِ کيس ترقيءَ جا اڃا وڌيڪ موقعا مليا. شهدادڪوٽ تعلقو به هن ضلعي ۾ شامل هو پر پرويز مشرف جي دور ۾ شهدادڪوٽ الڳ ڪري قمبر سان گڏائي نئون ضلعو شهدادڪوٽ- قمبر ٺاهيو ويو. هاڻي هن ضلعي ۾ ٽي تعلقا آهن، جن ۾ تعلقو جيڪب آباد، ٺل ۽ ڳڙهي خيرو شامل آهن. 1998ع جي آدمشماريءَ موجب هن شهر جي آدمشماريءَ 13,77,000 ڄاڻائي وئي آهي. هي ضلعو ٽن تعلقن ۽ 40 يونين ڪائونسلن ۾ ورهايل آهي:
(1) تعلقو ڳڙهي خيرو، جنهن ۾ الهه آباد، علڻ پور، ڳڙهي خيرو، خدا آباد، ميرڻ پور ۽ محمدپور نالي يونين ڪائونسلون آهن.
(2) تعلقو جيڪب آباد، جنهن ۾ احمد پور، دستي، ڳڙهي چاند، جيڪب آباد- I، جيڪب آباد- II، جيڪب آباد- III، جيڪب آباد- IV، جيڪب آباد- V، جيڪب آباد- VI، جيڪب آباد- VII، جيڪب آباد- VIII، نوَرا، قادرپور، رمضان پور ۽ رند واهي نالي يونين ڪائونسلون آهن.
(3) تعلقو ٺُل، جنهن ۾ بچرو، بلوچ آباد، دين پور، ڳڙهي حسن، جونگل، ڪريم بخش، ڪوٽ جنگو، لوگي، ميرپور ٻرڙو، مصري پور، مبارڪ پور، رانجها پور، سيد ڪوٽ، شيرواهه، تاجو کوسو، ٺل نئون، ٺل- I، ٺل- II، ۽ توج نالي يونين ڪائونسلون موجود آهن. تعلقي جيڪب آباد جي هڪ ديهه جو نالو به جيڪب آباد آهي، جنهن ۾ ڳوٺ هزار خان سڀايو، فضل محمد خان خاراڻي ۽ محمد علي بروهي شامل آهن.