
جيڪب آباد شهر جو ڏيک

وڪٽوريا ٽاور جيڪب آباد
جيڪب آباد: جيڪب آباد، تعلقي ۽ ضلعي جو هيڊڪوارٽر 680 27’’ 05’ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 280 27’’ 05’ اتر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. هي شھر ريل توڙي رستن ذريعي سڄي ملڪ سان ڳنڍيل آهي. انگريز راڄ دوران هي شھر بمبئي پريزيڊنسيءَ سان ڳنڍيل هو. اڳ ۾ هي شھر خانڳڙھہ جي نالي سان سڏبو هو. هي شھر سخت گرميءَ سبب بہ گهڻو مشھور آهي، جو هتي اونهاري ۾ سخت گرمي سبب گرمي پد 540C تائين بہ پهتو آهي. 1847ع ۾ هن شھر جو خانڳڙھہ مان نالو بدلائي جنرل جان جيڪب جي نالي پويان جيڪب آباد رکيو ويو. جان جيڪب هن شھر ۾ منتظم طور 1847ع کان 1858ع تائين رهيو ۽ هتي ئي وفات ڪيائين. سندس قبر بہ هتي آهي. جان جيڪب جو يادگار وڪٽوريا ٽاور اڃا بہ جيڪب آباد ۾ موجود آهي. جيڪب آباد کي پنهنجو هوائي اڏو آهي. هي شھر ڪراچيءَ کان ٽي سو ميل اتر ۾، قنڌار کان 300 ميل ڏکڻ اوڀر ۾ آهي. هي شھر سنڌ- بلوچستان جو سرحدي شھر چئي سگهجي ٿو. هن وقت هتي آمريڪي فوج طرفان شھباز ايئربيس نالي فوجي هوائي اڏو قائم ٿيل آهي. جيڪو افغانستان ۽ طالبان لاءِ ٿيندڙ ڪاررواين ۾ موثر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هي اڏو 11 سيپٽمبر 2001ع تي آمريڪا جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي ٿيل دهشت گرد حملي کان پوءِ ترت قائم ڪيو ويو هو.هر سال جنوري مهيني ۾ هتي وڏو جانورن جو ميلو (Cattle Show) لڳندو آهي. جنهن ۾ جانورن جو گهڻي تعداد ۾ واپار ٿيندو آهي. هتي ڪيترائي قبيلا رهن ٿا. جن مان عباسي، ســومـــرا، مـنـدواڻـي، بگٽـي، رنـد، ٿهـيم، ڪـيـهـر، پيـچـوهـا، پـنـهـيـار، بنـگلاڻي، سنـدراڻي، انــڙ، ابـڙا، اوڍا، ڀيا، کوسا، مڱريا، جکراڻي، جاگيراڻي، مري، گبول ۽ سرڪي وغيرہ اهميت رکن ٿا. هن شھر جو پاڪستان ۽ سنڌ جي سياست تي گهرو اثر رهيو آهي. هن وقت بہ اعجاز علي خان جکراڻي مرڪزي وزير طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. جڏهن تہ الاهي بخش سومرو پاڪستان جي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر رهي چڪو آهي. سنڌ جي وزيراعليٰ طور شھيد الاهي بخش سومرو هڪ مدبر، ناظم، قوم پرست سياستدان ٿي گذريو آهي. ان کان سواءِ ميان محمد سومرو، سنڌ جو گورنر، چيئرمئن سينيٽ ۽ پاڪستان جي وقتي صدر طور بہ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. جسٽس رٽائرڊ عبدالرزاق ٿھيم (مرحوم)، سردار منظور خان پنهور، سهراب خان سرڪي ۽ حاجي امام بخش ڪيهر (مرحوم) ۽ ٻين سياسي ميدان ۾ پاڻ ملهايو اٿن.
برصغير جي جاگرافيائي بيهڪ کي ڏٺو وڃي تہ وچ ايشيا ۽ اولھہ ايشيا کان برصغير پاڪ و هند ۾ داخل ٿيڻ جا ٻہ رستا آهن: هڪ خيبر لڪ کان ۽ ٻيو بلوچستان کان. بلوچستان کان سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٻن لڪن کان اچ وڃ رهي آهي. ’بولان لڪ‘ ۽ ٻيو ’مولا لڪ‘. ’بولان لڪ‘ واري سڙڪ موجودہ جيڪب آباد وٽان لنگهي شڪارپور شھر جي ٿورو پريان ٿيندي، موجودہ ڳوٺ لکي يا ماڙي وٽ پهچندي هئي. ٻيو رستو ’مولا لڪ‘ کان نڪرندو هو. اهو جيڪب آباد ضلعي جي ڳڙهي خيري تعلقي مان لنگهي لاڙڪاڻي ضلعي جي قديم شھر ’جهڪر جو دڙو‘ کان ٿيندو موجودہ شھر باڊھہ سان ملندو هو. عالمن جو رايو آهي تہ هيءُ شھر ٻہ هزار قبل مسيح کان وٺي 800 ق. م تائين لاڳيتو آباد رهيو آهي ۽ تهذيبي ترقيءَ جي مختلف دورن مان گذريو آهي. جيڪب آباد ضلعو واپاري قافلن جي اچ وڃ جو ذريعو ۽ ٻاهرين قومن جو گذرگاھہ رهيو آهي. آثار ۽ اهڃاڻ ٻڌائين ٿا تہ موهن جي دڙي واري تھذيب جي ابتدائي زماني ۾ قديم ’بابل‘ ۽ ’ار‘ شھر جون قومون هتي آيون ۽ سنڌ جي ڪن هنڌن تي شھر آباد ڪري ويهي رهيون. اهي قومون ٽي هزار سال ق.م ۾ هتي پهتيون. هنن پنھنجي رهائش لاءِ جيڪي نوان شھر آباد ڪيا انهن جي پويان وطن جي يادگار طور ’ار‘ پڇاڙي ۾ ڳنڍيائون، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ’شھر‘ ۾ جيڪب آباد ضلعي ۾ ’ڪشمور‘ شھر ان ڳالھہ جي توثيق ڪري ٿو. اهڙيءَ نوعيت جا ٻيا شھر لهور، جهڪر، سکر وغيرہ. ملن ٿا. ايران جي بادشاھہ دارا اول جون فوجون 480 ق.م ۾ هن رستي سان جيڪب آباد واري علائقي مان لنگهي سنڌ ۾ آيون هيون. 3300 ق. م ڌاري سڪندر مقدوني بہ هن ئي رستي تان لنگهيو. اهي اڇي چمڙي وارا هئا. ان ڪري يورپ وارا کين ’ساڪياسائيز‘ سڏين ٿا. سومرن ۽ سمن جي ڏينهن ۾ بلوچ قومون سنڌ ۾ اچڻ شروع ٿيون. خاص طور سان جيڪب آباد واري علائقي ۾ بلوچ وڏي تعداد ۾ ايندا ويا. جيڪب آباد واري علائقي ۾ بلوچ قبيلن جو تعداد وڌندو رهيو، جو انگريزن جي زماني ۾ ويهين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي ۾ بلوچستان جي آباديءَ جي شرح ضـلـعــي جــي آدمـشـمـاري جـو ٻہ ڀاڱي پنجون حصو هو. انهيءَ نسبت سان هن علائقي جو مک بلوچ قبيلو ’بڙدي‘ ليکيو ويندو هو. انهيءَ نسبت سان هن علائقي کي ’بڙيدا‘ بہ سڏيو ويندو هو. انهيءَ کان سواءِ هت ٻيا بلوچ قبيلا بہ آباد آهن. جيئن رند، کوسا، ڊومڪي، جمالي، لاشاري، سھرياڻي وغيرہ. ٽالپرن جي زماني ۾ هي ءُعلائقو ٽالپر حڪومت جي حدن ۾ هو ۽ ٽالپرن جي آخري دور 1839ع ڌاري انگريزن خيرپور جي ميرن کان اجازت وٺي بکر ۽ سکر ۾ فوجي ڇانوڻيون قائم ڪيون. ان کان پوءِ انگريزن جون فوجون شڪارپور ۽ جيڪب آباد واري علائقي مان لنگهي اڳتي وڃي پڙاءُ وجهنديون هيون . انگريزن کي معلوم ٿيو تہ ويڙهاڪ بلوچ ’خان ڳڙھہ‘ واري ڪوٽ ۾ اچي پناھہ وٺـن ٿا. انهيءَ ڪري هنن خانڳڙھہ تي حملو ڪيو. سنڌ تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ جنوري 1847ع ڌاري سنڌ جي ڪمشنر ’جنرل جان جيڪب‘ کي حڪم ڪيو تہ هو ’خانڳڙھہ‘ ۾ وڃي هيڊ ڪوارٽر قائم ڪري، جتان هو بگٽين ۽ ٻين بلوچ قومن جي حملن کي روڪي سگهجي. جان جيڪب پنھنجي حڪمت عملي سان اتي امن قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. جان جيڪب خــانـڳــڙهـه کــي سـڌاري وڌائـي ۽ پنهنجو هيڊڪوارٽر بڻايو. ان کان پوءِ خــانـڳــڙهـه کــي ’جيڪب آباد‘ جو نالو مليو ۽ ضلعو بہ انهيءَ نالي سان مشھور ٿيو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو ڪمشنر مسٽر ’پرنگل‘ هو. انگريزن جڏهن ڪوئيٽا تي قبضو ڪيو تہ جيڪب آباد ۾ قائم ڪيل فوجي ڇانوڻيءَ جي حيثيت گهٽجڻ لڳي. آخر ڪيترا سال انگريز آرميءَ جي فقط هڪ ريجمينٽ جيڪب آباد ۾ رهندي آئي. 1914ع ڌاري اها بہ ختم ڪري ٻئي هنڌ رکي وئي. البت جيڪب آباد شھر ترقي ڪندو رهيو. ضلعي ٿيڻ کان پوءِ کيس ترقيءَ جا اڃا وڌيڪ موقعا مليا. شھدادڪوٽ تعلقو بہ هن ضلعي ۾ شامل هو پر پرويز مشرف جي دور ۾ شھدادڪوٽ الڳ ڪري قمبر سان گڏائي نئون ضلعو شھدادڪوٽ- قمبر ٺاهيو ويو. هاڻي هن ضلعي ۾ ٽي تعلقا آهن، جن ۾ تعلقو جيڪب آباد، ٺل ۽ ڳڙهي خيرو شامل آهن. 1998ع جي آدمشماريءَ موجب هن شھر جي آدمشماريءَ 13,77,000 ڄاڻائي وئي آهي. هي ضلعو ٽن تعلقن ۽ 40 يونين ڪائونسلن ۾ ورهايل آهي:
(1) تعلقو ڳڙهي خيرو، جنهن ۾ الھہ آباد، علڻ پور، ڳڙهي خيرو، خدا آباد، ميرڻ پور ۽ محمدپور نالي يونين ڪائونسلون آهن.
(2) تعلقو جيڪب آباد، جنهن ۾ احمد پور، دستي، ڳڙهي چاند، جيڪب آباد- I، جيڪب آباد- II، جيڪب آباد- III، جيڪب آباد- IV، جيڪب آباد- V، جيڪب آباد- VI، جيڪب آباد- VII، جيڪب آباد- VIII، نوَرا، قادرپور، رمضان پور ۽ رند واهي نالي يونين ڪائونسلون آهن.
(3) تعلقو ٺُل، جنهن ۾ بچرو، بلوچ آباد، دين پور، ڳڙهي حسن، جونگل، ڪريم بخش، ڪوٽ جنگو، لوگي، ميرپور ٻرڙو، مصري پور، مبارڪ پور، رانجها پور، سيد ڪوٽ، شيرواھہ، تاجو کوسو، ٺل نئون، ٺل- I، ٺل- II، ۽ توج نالي يونين ڪائونسلون موجود آهن. تعلقي جيڪب آباد جي هڪ ديھہ جو نالو بہ جيڪب آباد آهي، جنهن ۾ ڳوٺ هزار خان سڀايو، فضل محمد خان خاراڻي ۽ محمد علي بروهي شامل آهن.