جي ايم سيد ۽ انقلابين جي صدي

جي ايم سيد ۽ انقلابين جي صدي

جي ايم سيد ۽ انقلابين جي صدي

جي. ايم.سيد ۽ انقلابين جي صدي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي نامياري ليکڪ ۽ پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي پروفيسر لعل بخش جسڪاڻيءَ لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ سائين جي. ايم. سيد جي علمي، ادبي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي جدوجھد جو تجزيو ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ مختلف شخصيتن سان جي ايم سيد جي تعلقاتن جو ذڪر بہ ڪيو ويو آهي، جن ۾: ’جي. ايم. سيد ۽ جناح صاحب‘، ’جي. ايم. سيد ۽ الھہ بخش سومرو‘ جي. ايم. سيد ۽ غلام حسين هدايت وغيرہ شامل آهن. هن ڪتاب جو آخري حصو جي ايم. سيد. جي سگهاري ڪردار جو تجزيو، جي. ايم. سيد ۽ جديد قومي نظريي جي ڳولا، جي ايم سيد جي شخصيت ۽ فڪر جي تجزيي تي مشتمل آهي. 150 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 120 رپيا آهي. هيءُ ڪتاب گلشن پبليڪيشن ڇپايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو