ڊاڪٽر جي. ايم. مهڪري

ڊاڪٽر جي. ايم. مهڪري

جي ايم مهڪري ڊاڪٽر

جي. ايم. مهڪري، ڊاڪٽر: مشهور فلسفي، دانشور ۽ اديب، ڊاڪٽر جي. ايم. مهڪريءَ جو پورو نالو سيد غلام محي الدين ولد بئنگلوري منعم علي مهڪري هو. سندس ماءُ جو نالو رابعا امة الحليم هو. هن 19 آڪٽوبر 1908ع ۾ هندستان جي باغن واري شهر بئنگلور ۾ جنم ورتو. هن ميسور بئنگلور، پونا، ممبئي، دهلي ۽ ڪراچيءَ ۾ تـعـليـم حاصل ڪئي. ڊاڪٽـر جي. ايس. غوريء (Dr. G. S. Ghurye) جي شاگرديءَ ۾ ممبئي يونيورسٽيءَ مان سوشيالاجـيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. ان کان سواءِ ڊاڪـٽـر ايم. وي. گوپال سواميءَ وٽ سائيڪالاجي پڙهيو. کيس جن استادن متاثر ڪيو يا اُتساهيو، تن ۾ پروفيسر رولو Rollo (انگريزي ادب)، پروفيسر بي. ايم. شريڪانت (انگريزي ادب)، پروفيسر يا موناچي (منطق)، پروفيسر اي. آر. واڊيا (سوشيالاجي)، ڊاڪٽر منشادت (سوشل ورڪ)، ڊاڪٽر بهرام ميهتا (سوشيالاجي)، ڊاڪٽر شرما (قانون، دهلي يونيورسٽي)، مسٽر غوري (اردو)، شري پٿي راءِ (انگلش ۽ مئٿميٽڪس) ۽ ٻيا شامل هئا. ورلڊ اسڪائوٽ موومينٽ سان تعلق هئڻ ڪري سرزمين سنڌ سان ورهاڱي کان اڳ ئي سندس شناسائي هئي، ان ڪري پاڪستان جي قيام کان پهرين ڪراچي، سنڌ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين.
جي. ايم. مهڪري انگريزي اخبار ’ڊان‘ (Dawn) ۽ سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي ادارت هيٺ نڪرندڙ، سنڌ ڪئاٽرلي (Sindh Quarterly) جو مستقل ليکڪ هو، سندس ڪالم ۽ مضمون، علمي ۽ فڪري حلقن ۾ وڏي دلچسپيءَ سان پڙهيا ويندا هئا.جي ايم. مهڪري، بئنگلور مان هجرت ڪري آيو هو، ان ڪري جنهن وقت به کيس جنم ڀومي بئنگلور جي ياد شدت سان ايندي هئي، تنهن وقت هو پنهنجي مضمون مٿان پنهنجو فرضي نالو ’بئنگلور مهڪري‘ لکندو هو ۽ ڪڏهن ’بئنگلوري‘ به لکندو هو. پنهنجي نالي جي. ايم. مهڪريءَ لاءِ پنهنجي دوست محمد ابراهيم جويي کي هڪ خط ۾ لکيائين ته: ”منهنجي پڇڻ کانسواءِ، منهنجي مائٽن مون تي غلام محي الدين مهڪري نالو رکيو هو. ان کي مون ننڍو ڪري جي. ايم. مهڪري سڏيو، پر ان مان منهنجو هاڻي مطلب منهنجو ادبي نالو ’گلاب - موتيا مهڪ‘ آهي!“ محمد ابراهيم جويي، سندس انگريزي ڪالمن/ مضمونن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ته ان جو نالو ’مهڪريءَ جا مضمون‘ رکيائين، جنهن لاءِ جويو صاحب لکي ٿو ته ’سندس (جي. ايم. مهڪريءَ جي) دستوري آزاد فڪر ۽ ان جي بي خوف اظهار جي نسبت سان جي. ايم. مهڪري، (مَحَڪ/مِحَڪ‘ بمعنيٰ ڪسوٽي‘، پئمانو) ڪندي، سندس سڃاڻپ، مهڪريءَ جي نالي سان ڪرائڻ جي جرئت ڪئي اٿم.“ جي. ايم. مهڪريءَ جي علمي حيثيت ۽ فڪري وسعت جا معترف سنڌ جا ڪيترائي اديب ۽ عالم رهيا، جن ۾محمد ابراهيم جويو، محمد عثمان ڏيپلائي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، شيخ اياز، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، غلام رباني آگرو، مظهر يوسف ۽ خيرالنساءِ جعفريءَ وغيره جا نالا خاص طور اچي وڃن ٿا. شيخ اياز، مهڪري صاحب جي علمي حيثيت ۽ لياقت کي پرکيندي، کيس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وزيٽنگ پروفيسر ڪري رکيو هو، جنهن حيثيت سان هو 1977ع، 1978ع ۽ 1979ع وارن سالن ۾ سوشيالاجي ۽ سائيڪالاجي شعبن جي شاگردن کي ليڪچر ڏيندو ۽ پڙهائيندو هو. سندس سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻن شاگردن مان مشهور ڪهاڻيڪار منظور ڪوهيار به هڪ آهي، جنهن پنهنجي ڪتاب ’ڪي ڪي ماڻهو وديا ساگر‘ (2010ع) ۾ سندس باري ۾ هڪ مضمون ’مهاپرش‘ جي نالي سان لکي، کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪندي سندس نقشو هن ريت قلمبند ڪيو آهي: ”مان جڏهن به تصور جي اک سان ڏسان ٿو ته اوڻهتر ستر سالن جي عمر رسيده، دراز قد ۽ ڀُورن وارن واري شخص جي شبيهه اکين اڳيان ڦري ٿي اچي. هڪ يگانو شخص هٿرادو مشين (Pake Maker) سان دل کنيون، آرٽس فيڪلٽيءَ جي ٻه ماڙ بلڊنگ جي ڏاڪڻين تي چڙهندو، سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ جي ڪلاس روم ۾ داخل ٿيندو هو.... ڳالهائيندو هو ته ڄڻ ساهه جو ساگر ٿو ڇلڪي، سندس ليڪچر دوران ڪا جهل پل نه هوندي هئي، ڪير ڪهڙي به ڊپارٽمينٽ جو هجي، ڪهڙي به مڪتبه فڪر جو هجي، اچي کيس ٻڌندو هو“.محمد ابراهيم جويو، جي ايم. مهڪريءَ جو نه رڳو مداح ۽ دوست رهيو آهي، هن سندس انگريزي ڪالم ۽ مضمون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپائڻ سان گڏ سندس انگريزي مضمونن جو مجموعو به ترتيب ڏئي، سنڌ فرينڊس سرڪل، حيدرآباد پاران ڇپايو. انهن ٻنهي ڪتابن جا نالا ۽ ڇپائيءَ جا سال هن ريت آهن: (1) مهڪريءَ جا مضمون (ترتيب، ترجمو ۽ پيش لفظ م. ا. جويو: 1985ع)، (2) Sorrows of Sindh/ Introdution, by: Mohammad Ibrahim Joyo (1987ع). ڊاڪٽر مهڪري سنڌ ۽ سنڌي قوم جو عاشق هو. هن کي ’مهاجر‘ لفظ کان چڙ هئي. هو چوندو هو ته: ”آءٌ سنڌي آهيان، اُن ڪري جو آءٌ سنڌ ۾ پنهنجيءَ مرضيءَ سان آيو هوس، نه ڪي مجبوريءَ مان“. هن فڪري طرح سيڪيولر، انسان دوست ۽ علم جي بحر شخص، جي. ايم. مهڪريءَ، 15 آگسٽ 1995ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو