
جي پيار هجي ها پاڇولو
جي پيار هجي ها پاڇولو (ڪتاب): هي ڪتاب ناليواري ڪهاڻيڪار، ڊرامانگار، نقاد ۽ شاعر، قمر شھباز جي ڪهاڻين جو ٽيون ڪتاب آهي. هي ڪتاب ورسٽي سنڌي پبليڪيشن، ڪراچي يونيورسٽيءَ ڇپائي پڌرو ڪـيـو آهـي. هـن ڪتاب کان اڳ قمر شھباز جي ڪهاڻين جا ٻہ ڪتاب ’قمر شھباز جون چونڊ ڪهاڻيون‘ (1983ع) ۽ ’اَٺون گهر‘ (1989ع) ڇپيل آهن. قمر شھباز جي هن ٽئين ڪتاب ’جي پيار هجي ها پاڇولو‘ ۾ ڪل 26 ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب تي ٻہ اکر ورسٽي پبليڪيشن جي چيئرمئن پروفيسر محمد سليم ميمڻ لکيا آهن.ڪتاب جو مهاڳ نامياري ڪهاڻيڪار شوڪت حسين شوري لکيو آهي.هن ڪتاب ۾ ’منهنجي ڪهاڻين جا ڪردار‘ عنوان سان قمر شھباز جو مختصر مضمون بہ شامل آهي. هن ڊيمي سائيز جي 296 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي ڇپائيءَ ۾ ورسٽي سنڌي پبليڪيشن سان ثقافت کاتي سنڌ جو سهڪار بہ شامل آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي.