جَهروڪُ

جَهروڪُ: محلات يا ڪنهن ماڙيءَ جي ڄاريدار دريءَ، ڪٽهڙي (گئلريءَ) کي جهروڪ، يا جهروڪو چوندا آهن. اصل ۾ جهروڪ اهڙي دريءَ کي چئبو آهي، جنهن مان راجا يا بادشاھہ رعيت کي درشن ڪرائيندو آهي. شاھہ لطيف بہ سُر سورٺ ۾ چيو آهي تہ:
جهُوناڳڙھہ جهُرندو، پوندي جھانءِ جهروڪ ۾!


هن صفحي کي شيئر ڪريو