جَهٻيرَ (ذات)

جَهٻيرَ (ذات): سنڌ ۾ رهندڙ مهاڻن جي هڪ ذات، جن جون وسنديون ملتان تائين موجود آهن، هي مهاڻا ’ڄام‘ يا ’ڄاموٽ‘ سڏائيندا آهن. پنجاب ۾ جهٻيرن کي ’سنڌي نسل‘ ڄاڻايو وڃي ٿو، جيڪي اُتي بہ سنڌي ٻولي ڳالهائيندا آهن. مسٽر ولسن ’جهٻيرن‘ کي ’جهبل‘ سڏيو آهي ۽ لکيو آهي تہ هن قبيلي وارا ملاح ترڻ ۾ مهارت رکن ٿا. هي سنڌ جو قديم قبيلو آهن، جيڪي سنڌ مان لڏي پنجاب ويا ۽ سندن ٻولي خالص سنڌي آهي. هي سنڌو درياھہ ۽ پنجاب جي ندين جي ڪنارن تي رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو