جَڳُل مهيسر: مائي جڳل ڌيءَ ڏاتر ڏنو مهيسر، پني عاقل جي مشھور سماجي شخصيتن مان ٿي گذري آهي. هڪ باهمت ۽ غريبن جي هڏ ڏوکي عورت هئي. پني غلام عليءَ ۾ ڄائي. هن ماڻهن جي مدد ۽ سهولت لاءِ کوھہ کوٽايا، وٽس ڪافي ڳائو مال هو، جن جو کير، مکڻ ۽ لسي آسپاس جي هندن توڙي مسلمان جي گهرن ڏانهن بنا ڪنهن معاوضي موڪليندي هئي. علائقي ۾ عورتن جو سماجي شعور وڌائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيائين. پنو عاقل نوٽيفائيڊ ايريا ڪميٽيءَ هڪ دفعي فيصلو ڪيو تہ بازار ۾ ڪا بہ عورت خريداريءَ لاءِ نہ ايندي تہ اهڙي فيصلي کي هن للڪاريو ۽ چيو تہ ’مائي جڳل ايندي، ڏسون تہ ڪير ٿو روڪي؟‘ اهڙي مزاحمت تي ڪاميٽيءَ پنهنجو فيصلو واپس ورتو. ليکڪ ۽ استاد سڪندر علي مهيسر سندس پڙپوٽو آهي.