
جُهمٽِي2 (ڳهه)
جُهمٽِي2 (ڳھہ): هيءُ ڪَنن ۾ پائڻ جو هڪ ڳھہ آهي جنهن کي جهامٽي والي بہ چوندا آهن. جهمٽي ڦُل ۽ واليءَ جي نموني تي ٿيندي آهي، جنهن ۾ ٽي ڇمڪڙيون يا وري پندرنهن، سورنهن ننڍڙيون مڇليون لڙڪيل هونديون آهن. اهي گهڻو ڪري چانديءَ مان ٺهنديون آهن، پر ڪي ماڻهو سون جون جهمٽيون بہ ٺهرائيندا آهن. هيءُ ڳھہ ننڍيون نينگريون پائينديون آهن ۽ اڪثر سڄي سنڌ ۾ رائج آهي.