جُهڏو شهر
جُهڏو 2: جهڏو سنڌ جي پراڻن شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن شهر جو اڏيندڙ مير غلام حسين ۽ سندس وڏا هئا، جيڪي خيرپور رياست کان لڏي هتي اچي آباد ٿيا هئا. هن شهر تي جهڏي نالو پوڻ بابت مختلف روايتون ملن ٿيون: هڪ روايت موجب ڀارت کان رڻ ڪڇ واري رستي پان جي پنن ۽ سوپارين سان ڀريل اٺن جو قافلو ان وقت جي سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ٺٽي ڏانهن وڃي رهيو هو. ان قافلي ۾ موجود هڪ درويش صفت شخص جو نالو جهڏو هو، جيڪو بيمار ٿي پيو ۽ هن هنڌ سندس انتقال ٿيو. ان ڪري شهر تي نالو جهڏو پيو. هن درويش جي نالي تي ’جهڏو مقام‘ به پراڻ جي ڪنڌيءَ تي موجود آهي.
ٻي روايت آهي ته جهڏي ڀرسان پراڻ ندي وهندي هئي ۽ اتي پتڻ تي ٻيڙيون هلنديون هيون. پراڻ ڪلهوڙن جي دؤر ۾ سنڌو نديءَ کي گهارن پوڻ سبب ٺهي هئي، جڏهن رڻ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جا ٺڪر راجا سنڌ جي حڪمران سان ٺهي نه هليا ته ان وقت جي سنڌ جي حڪمران پراڻ کي موجوده جهڏي ويجهو هڪ وڏو بند ٻڌائي ڇڏيو ۽ اتي شهر ٻڌجي ويو. انگريزن جي دؤر ۾ هن شهر گهڻي ترقي ڪئي. هتي سرڪاري آفيسون قائم ٿيون، گدام ٺهيا ۽ ريل هلائي وئي، گهڻا گدام ٺاهڻ ڪري شهر تي نالو ’جهڏو گدام‘ پئجي ويو. هتان گجرات، راجستان، مهاراشتر، اڙيسا، مڻيپور ۽ بهار تائين واپار ٿيندو هو. هتان کان اٺن جا قافلا رڻ ڪڇ، کوکراپار، ننگرپارڪر ۽ ڪڍڻ واري رستي سان ويندا هئا. جهڏي ۾ ٺهندڙ ڪاٺ جو سامان اُتي گهڻو پسند ڪيو ويندو هو. هتان جي ڍاٽي ڪاريگرن جا ٺاهيل پاکڙا ۽ ٻيون شيون به پسند ڪيون وينديون هيون. برصغير جي آزاديءَ جي تحريڪ، توڙي هاري تحريڪ ۾، خاص ڪري مائي بختاور جي شهادت کان پوءِ، جهڏي جي عوام ڀرپور حصو ورتو هو ۽ برطانيا سرڪار کي پريشان ڪري ڇڏيو هو. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، سائين جي. ايم سيد،شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي، نهچلداس وزيراڻي ۽ ٻين هتي وڏا جلسا ڪيا هئا. جهڏي شهر کان اندازاً 15 ميل ڏکڻ اوڀر طرف پراڻ درياهه جي ساڄي ڪپ تي جهڏي جو پراڻو ڦٽل شهر ميل کن ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. جهڏي جي مشهور اديبن ۽ شاعرن ۾ الهجڙيو شاد، ايوب کوسو ۽ نياز پتافي اچي وڃن ٿا.