جُهڏو شهر

جُهڏو شهر

جُهڏو 2 (شھر)

جُهڏو 2: جهڏو سنڌ جي پراڻن شهرن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن شھر جو اڏيندڙ مير غلام حسين ۽ سندس وڏا هئا، جيڪي خيرپور رياست کان لڏي هتي اچي آباد ٿيا هئا. هن شھر تي جهڏي نالو پوڻ بابت مختلف روايتون ملن ٿيون: هڪ روايت موجب ڀارت کان رڻ ڪڇ واري رستي پان جي پنن ۽ سوپارين سان ڀريل اٺن جو قافلو ان وقت جي سنڌ جي گاديءَ جي هنڌ ٺٽي ڏانهن وڃي رهيو هو. ان قافلي ۾ موجود هڪ درويش صفت شخص جو نالو جهڏو هو، جيڪو بيمار ٿي پيو ۽ هن هنڌ سندس انتقال ٿيو. ان ڪري شھر تي نالو جهڏو پيو. هن درويش جي نالي تي ’جهڏو مقام‘ بہ پراڻ جي ڪنڌيءَ تي موجود آهي.
ٻي روايت آهي تہ جهڏي ڀرسان پراڻ ندي وهندي هئي ۽ اتي پتڻ تي ٻيڙيون هلنديون هيون. پراڻ ڪلهوڙن جي دؤر ۾ سنڌو نديءَ کي گهارن پوڻ سبب ٺھي هئي، جڏهن رڻ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جا ٺڪر راجا سنڌ جي حڪمران سان ٺھي نہ هليا تہ ان وقت جي سنڌ جي حڪمران پراڻ کي موجودہ جهڏي ويجهو هڪ وڏو بند ٻڌائي ڇڏيو ۽ اتي شھر ٻڌجي ويو. انگريزن جي دؤر ۾ هن شھر گهڻي ترقي ڪئي. هتي سرڪاري آفيسون قائم ٿيون، گدام ٺهيا ۽ ريل هلائي وئي، گهڻا گدام ٺاهڻ ڪري شھر تي نالو ’جهڏو گدام‘ پئجي ويو. هتان گجرات، راجستان، مهاراشتر، اڙيسا، مڻيپور ۽ بھار تائين واپار ٿيندو هو. هتان کان اٺن جا قافلا رڻ ڪڇ، کوکراپار، ننگرپارڪر ۽ ڪڍڻ واري رستي سان ويندا هئا. جهڏي ۾ ٺهندڙ ڪاٺ جو سامان اُتي گهڻو پسند ڪيو ويندو هو. هتان جي ڍاٽي ڪاريگرن جا ٺاهيل پاکڙا ۽ ٻيون شيون بہ پسند ڪيون وينديون هيون. برصغير جي آزاديءَ جي تحريڪ، توڙي هاري تحريڪ ۾، خاص ڪري مائي بختاور جي شهادت کان پوءِ، جهڏي جي عوام ڀرپور حصو ورتو هو ۽ برطانيا سرڪار کي پريشان ڪري ڇڏيو هو. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، سائين جي. ايم سيد،شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي، نهچلداس وزيراڻي ۽ ٻين هتي وڏا جلسا ڪيا هئا. جهڏي شھر کان اندازاً 15 ميل ڏکڻ اوڀر طرف پراڻ درياھہ جي ساڄي ڪپ تي جهڏي جو پراڻو ڦٽل شھر ميل کن ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. جهڏي جي مشھور اديبن ۽ شاعرن ۾ الھجڙيو شاد، ايوب کوسو ۽ نياز پتافي اچي وڃن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو