
جُهڳي
جُهڳي: قديم روايتي قسم جي هڪ اڏاوت، جيڪا ڪاٺين ۽ ڪکن وغيرہ کي سادي نموني سوگهو ڪري جوڙي ويندي آهي. جهڳيءَ ۾ پوري پني گنجائش هوندي آهي ۽ وڏين قدرتي آفتن کي برداشت ڪرڻ جهڙي نہ هوندي آهي. هن ۾ در يا درين وغيرہ جهڙي ڪا بہ شيءِ نہ هوندي آهي. اُس يا سرد هوا کان بچڻ لاءِ غريب ماڻهو ٺاهي رهن ٿا. جهڳيءَ ۾ بس هڪ پاسي کان هڪ سوڙهو ۽ ننڍو لنگهہ هوندو آهي.