جُوٺِي: جُوٺيءَ جو ٻوٽو خاص ڪري ٿر ۾ ڀٽن جي لاهين تي اڀرندو آهي. هن جو گھاٽو جھڳٽو پنن ۽ تيلين سان گڏيل ٿيندو آهي. وچ مان ٻه چار تيليون وڌي فوٽ- ڏيڍ جيڏيون ڊگھيون ٿينديون آهن، جن جي ڇيڙن ۾ ننڍا ۽ سنها سنگ ٿيندا آهن. هن ٻوٽي کي سنڌ ۾ ڪي ’ڌنار کٿوري‘ ۽ ڪي ’مارئيءَ جو پٿر‘ ۽ ڪي ’سسئي جو پٿر‘ به چوندا آهن، پر ٿر ۾ عام طرح ’جـُوٺيِ‘ جي نالي سان مشهور آهي. هيءُ خوشبودار ٻوٽو آهي، ماڻهو پٽي کڻي ايندا آهن. ڀاڳياڻيون کير گرم ڪرڻ ۽ ولوڙڻ جا ڪُنا اُن سان صفا ڪنديون آهن. ڪُنن ۾ پاڻي وجھي منجھس جوٺي وجھي باهه تي چاڙهينديون آهن. ڪوسي ٿيڻ تي لاهي اندر جوٺي سان چڱيءَ طرح ڌوئي ڇڏينديون آهن .